Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1u4nm0v4neqo2b9if059fagofl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وڌيڪ دوکي ۽ سوديبازي جي گنجائش ناهي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وڌيڪ دوکي ۽ سوديبازي جي گنجائش ناهي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

وڌيڪ دوکي ۽ سوديبازي جي گنجائش ناهي

جمهوريت ترقيءَ جي گاڏي طور حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ٻن ڦيٿن تي هلندي آهي. جنهن ۾ حڪومت کي قانون ۽ آئين جي حدن ۾ رکڻ لاءِ مخالف ڌر جو ڪردار اهم سمجهيو ويندو آهي، پر ڇاڪجي جڏهن مخالف ڌر پاڻ سوديبازي ڪرڻ ۽ اخلاقي طور تباهه حال هجي ته اها ڪيئن حڪومت کي قانون تي هلڻ ۽ سٺي حڪمراني لاءِ مجبور ڪري سگهندي. ڀلي کڻي اها حڪومت ڪيڏي به بدعنوان ۽ ناڪاره ڇو نه هجي. تنهن ڪري اهو اسان جي جمهوري ناڪامي جو الميو آهي جو مخالف ڌر پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. جيڪو اسان جهڙن ملڪن ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ تاريخي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان جي شروع کان وٺي ڪجهه قوتون سياست ۾ محلاتي سازشون ۽ جمهوريت مخالف ايجنڊا تي ڪم ڪنديون رهيون آهن اسان ڪنهن به سول حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪندي ناهي ڏٺو. جڏهن ته فوجي آمريتون لا محدود اختيارن سان سالن جا سال حڪومتون ڪنديون رهيون آهن . اسان سويلين قيادتن کي هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ ڦاهي چڙهندي ، قتل ٿيندي، جلاوطن ٿيندي ۽ سالن جا سال جيل ويندي ڏٺو آهي.گهٽ ۾ گهٽ ٽن اڳوڻن وزير اعظمن کي قتل ڪيو ويو جن مان ٻن کي قاتلن ذريعي ۽ هڪ کي ڪمپرومائيزڊ جوڊيشري ذريعي. اسان اسٽيبلشمينٽ جي حامي ميڊيا توڙي سياسي مشينري هٿان سياستدانن مٿان مسلسل غدار ۽ پاڪستان مخالف جا الزام لڳندي پڻ ڏٺا آهن ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.اڄ سياستدان ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن هيٺ ڪيس ۽ جيل ڀوڳي رهيا آهن. نيب ڄڻ ته سياسي قيادت خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ جا حامي سياستدان باوجود سنگين الزامن جي ڪنهن به پڪڙ کان آجا آهن.
موجوده صورتحال ۾ ٻه سوال اڀرن ٿا. هڪ اهو ته اسان جي سياسي قيادت اسٽيبلشمينٽ هٿان مليل تڪليفن مان سبق سکي ڇو صاف سٿري، اثرائتي ۽ با اصول قيادت فراهم ڪرڻ کان انڪاري آهي ، جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي ڌڪي سگهي ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي، ۽ ڇا هن ملڪ جو عوام ان مخالف ڌر مان اڃان وڌيڪ اميد رکي سگهي ٿو جنهن باربار وڏي پئماني تي بدعنواني ۽ خراب حڪمراني سبب مايوس ڪيو آهي.؟ اهي سوال هڪ ڀيرو ٻيهر اهم ٿي ويا آهن، ڇو ته تازو ئي اسان ڏٺو ته هڪ طرف مخالف ڌر اي پي سي جي نالي گڏ ٿي جمهوريت جي حق ۾ وڏيون دعوائون ڪيون ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ ميثاق جمهوريت وري لکڻ جو پختو عهد ڪيو ته ٻئي طرف وري اسان کي اهي خبرون به مليون ته رات جي تاريڪي ۾ مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ ف جي قيادت نه صرف فوجي قيادت سان ملندي رهي آهي پر سندن نيب مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڊيل جي درخواست ڪندي رهي آهي. مخالف ڌر دعويٰ ڪري ٿي ته کين اسٽيبلشمينٽ دعوت ڏني هئي ۽ هو پاڻمرادو نه ويا هئا. پر اهي جڏا عذرآهن . انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جي مدد ڪنديون رهيون آهن. تازو ئي اسان ڏٺو ته ڪيئن آصف زرداري جي مدد سان بلوچستان جي حڪومت جو تختو اونڌوڪيو ويو. اپوزيشن سينيٽ اليڪشن ۾ ڪيئن حڪومت کي ڌانڌلي جي اجازت ڏني ۽ تازو ڪيئن پارليامينٽ جي گڏيل اهم سيشن مان پ پ ۽ نواز ليگ ٻنهي جا ميمبر ڄاڻي واڻي غير حاضر رهيا، جنهن اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف سميت اهم قانون سازي ٿيڻي هئي. اپوزيشن کي خبر هئي ته ايف اي ٽي ايف اسان جا جمهوري حق ۽ آزاد ي سختي سان متاثر ڪندو ڇو ته ايف اي ٽي ايف تحت اسان عملي طور پنهنجي رازداري ۽ آزادي جي حوالي سان طاقتور سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي رحم ۽ ڪرم تي هونداسين، ڪنهن عدالت جي اجازت سان (ڪهڙي عدالت انهي جي ڪا خبر ناهي) ايجنسيون سولائي سان اسان جي ذاتي اي ميل ۽ فون ۽ تفصيلن جي نگراني ڪري سگهن ٿيون ۽ شڪ هجڻ جي صورت ۾ اهي اسان کي گرفتار به ڪري سگهن ٿيون ۽ ڊگهي عرصي تائين ريمانڊ تي رکي سگهن ٿيون پر مخالف ڌر اهو رستو روڪڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، رهندو حڪومت سان سهڪار ي ٿي بعد ۾ کوکليون رڙيون ڪندي رهي.
مخالف ڌر جي غير اصولي ۽ سوديبازي واري سياست نه صرف جمهوريت مخالف قوتن جا هٿ مضبوط ڪري رهي آهي پر اها جمهوريت جي حامي ماڻهن کي به بيگانو ڪري رهي آهي پر لڳي ايئن ٿو ته مخالف ڌر کي پنهنجي انهي مشڪوڪ ڪردار جي پرواهه ناهي. مرڪزي ڌارا واري قيادت روايتي طريقيڪار تي يقين رکي ٿي مطلب ته اسٽيبلشمينٽ مخالف شو کي جيئرو رکندي پر پنهنجي ذاتي ۽ سياسي ايجنڊا لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳجهي ڊيل به ڪرڻ چاهي ٿي. اسان اهو مشڪوڪ طريقو هڪ ڊگهي وقت کان ڏٺو آهي، 1985ع ۾ جنرل ضياءُ کي انهي وقت قانوني حيثيت حاصل ٿي جڏهن اٺين آئيني ترميم جو بل هڪ ڪمپرومائيزڊ پارليامينٽ منظور ڪيو جنهن آئيني حڪومت جو بنيادي ڍانچو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن سان اقتدار جو مرڪز وزير اعظم کان اسٽيبلشمينٽ جي حمايتي طاقتور صدر ڏانهن منتقل ٿي ويو جنهن ايندڙ سالن ۾ چئن چونڊيل حڪومتن کي هٽائي ڇڏيو. حقيقت ۾ 90 جي ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ نواز ليگ جي حڪومتن کي بار بار زوال ڏسڻ نصيب ٿيو پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو وري به پوءِ آمرن سان معاهدا ڪيا. نواز شريف 2000ع ۾ جنرل مشرف سان گهٽ ۾ گهٽ 10 سال ملڪ کان رهڻ جو ڳجهو معاهدو ڪري سعودي عرب روانو ٿي ويو. جنهن کانپوءِ راتو رات سندس ئي پارٽي مان مسلم ليگ ق نڪري ٻاهر آئي جنهن جي سربراهي گجرات جي چوڌرين ڪئي، عملي طور پنجاب وٽ اسٽيبلشمينٽ جي وڌنڌڙ طاقت کي روڪڻ لاءِ ڪا جمهوري قيادت نه هئي ڇو ته بينظير ڀٽو به پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري چڪي هئي، در حقيقت مسلم ليگ ن سان مشرف اهو ئي ڪيو جيڪو جنرل ضياءُ پنجاب ۾ پ پ سان ڪيو هو. تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي هئي پر هن ڀيري نوازشريف خلاف، جنهن لاهور ۽ پنجاب جي ٻين حصن مان پ پ کي ڀڄائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پر پوءِ چوڌرين نواز شريف جو فصل لڙڻ شروع ڪيو ۽ فوجي حڪمرانن جي جونيئر حصيدار طور ڪم ڪرڻ لڳا .
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيتوڻيڪ جنرل ضياءَ هٿان ذوالفقار ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ پ پ ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ مٿان اعتبار نه ڪيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ مخالف اڳواڻ سڏرائيندي رهي پر وقت گذرڻ سان سندس سياست ۾ نرمي ايندي وئي ۽ 88ع ۾ پهرين حڪومت جوڙڻ لاءِ کيس اسٽيبلشمينٽ سان سمجهوتو ڪرڻو پيو . انهي سمجهوتي هيٺ بينظير ڀٽو کي غلام اسحاق خان بطور صدر ۽ پرڏيهي توڙي مالي معاملن جا وزير/صلاحڪار اسٽيبلشمينٽ جا نامزد ڪيل قبول ڪرڻا پيا. ان هوندي به اسٽيبلشمينٽ کيس پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ 2 ڀيرا سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي. نتيجي ۾ کيس جلاوطن ٿيڻو پيو پر ان هوندي به هن ڪو سبق نه سکيو ۽ 2007 ۾ هڪ ٻئي آمر جنرل پرويز مشرف سان ڊيل ڪئي ۽ پنهنجي توڙي آصف زرداري مٿان ڪيسن جي خاتمي عيوض پرويز مشرف کي صدر قبولڻو پيو. اها ڊيل جيڪا عرف عام ۾ اين آر او سڏي وئي، تنهن کي سپريم ڪورٽ غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. پر اها ڊيل به بينظير ڀٽو جي حياتي بچائي نه سگهي، ستت ئي کيس شهيد ڪيو ويو، جنهن جي موت جي ذميوار پيپلز پارٽي، جنرل مشرف کي سمجهي ٿي.
مٿين حقيقتن مان اهو واضع آهي ته جيتوڻيڪ سياسي قيادت هر ڀيري جمهوريت جي قيمت تي ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر غير جمهوري قوتن ڪڏهن به مقبول سياسي قيادت کي قبول ناهي ڪيو ڀلي اها ڪيتري به ڪرپٽ ۽ مصلحت پسند ڇونه هجي. ساڳئي ريت 50ع ۽ 60ع وارن ڏهاڪن ۾ پروڊا ۽ ايبڊو جهڙن ڊريڪولائي قانونن کان ويندي هاڻوڪي نيب قانونن تحت لڳ ڀڳ هر سويلين ليڊر کي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن هيٺ حڪومتن مان نيڪالي ملندي رهي آهي پر هنن اهڙي ذلت ۽ ڀوڳنا مان به ڪو سبق ناهي پرايو. ڪرپشن اڳ جيان وڃي پئي ڦهلجندي رڳو چند سياستدان آهن جن کي پنهنجي نالي، عزت يا ڪرپٽ ۽ موقعي پرست سياستدانن هٿان جمهوريت کي لڳندڙ ڌچڪن جي ڳڻتي آهي نه ته اڪثر سياستدانن ۾ پئسي ۽ وڌيڪ اختيارن لاءِ ڄڻ ته ڊوڙ لڳل آهي. رڳو زردارين ۽ شريفن تي نظر وجهو، هو نيب ۾ هڪٻئي مٿان داخل ڪيل ڪئين ريفرنسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ جن کي موجوده پي ٽي آءِ حڪومت سندن خلاف استعمال ڪري رهي آهي. جڏهن سياسي اڳواڻ رڳو پاڻ ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي ڪيسن ۽ جيلن کان بچائڻ ۾ پورا هجن ته پوءِ جمهوريت توڙي عام ماڻهن جي حقن ۽ آزادين جو تحفظ ڪير ڪندو؟نتيجي ۾ هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ سگهاري ٿي اڀري آهي ته ٻئي پاسي جمهوريت جو مستقبل ويتر اونداهو نظر اچي پيو. هڪ ساکائتي سياسي قيادت جي اڻ هوند ۾ هاڻوڪي سياسي سماجي صورتحال کان خوش نه هوندي به عام ماڻهو پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي لاءِ رستن تي اچڻ لاءِ تيار ناهن. هو شڪي سياست ۽ مقبول سياسي اڳواڻن جي دوکي بازين کان ٿڪجي پيا آهن. هو ڏسن ٿا ته سندن معاشي حالت وڃي ٿي خراب ٿيندي پر ڪرپٽ سياستدانن ۽ سول ملٽري بيوروڪريسي جي دولت وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي. هو اهو به ڏسن پيا ته هر گذرندڙ ڪلاڪ سان مهانگائي وڃي پئي وڌندي پر هو پنهنجي حقن خاطر وڙهڻ لاءِ تيار ناهن، هڪ گهري مايوسي ۽ نااميدي مٿن حاوي ٿيل آهي. هو مصلحت پسند ۽ ڪرپٽ سياسي ڪلاس لاءِ مرڻ نٿا چاهين.
انهي منظرنامي ۾ مونکي نٿو لڳي ته نئون جڙيل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس ڪو ٻوٽو ٻاري سگهندو. مارچ 2021ع ۾ سينيٽ چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت وڌيڪ سگهاري ٿي ويندي. حقيقت ۾ پي ڊي ايم کي ٻن مک اڳواڻ زرداري ۽ نواز شريف جي امڪاني دوکي بازي سبب بحران جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. ٻئي اسٽيبلشميٽ سان اڃان تائين ڪنهن قسم جي ڊيل جا خواهشمند آهن جنهن جي قيمت ملڪ جي انهن ماڻهن کي ادا ڪرڻي پوندي جيڪي عام ماڻهن جي موتمار مهانگائي، وڌندڙ بيروزگاري، ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۽ سڀ کان وڌيڪ وڌندڙ ڊريڪولائي قانونن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پي ڊي ايم پاران اثرائتي ۽ نتيجه خيز ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد لڳايون ويٺا آهن.
اميد ڪجي ته مخالف ڌر پنهنجون صفون درست ڪندي، مشڪوڪ سياست ختم ڪندي، اميد ڪجي ته مستقبل جا تاريخدان جمهوريت، نظرياتي ۽ اصولي سياست جو نوحو لکڻ تي مجبور نه ٿيندا. پر جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ رڳو چند ماڻهو ئي سوڳ ملهائڻ لاءِ بچندا.
Shahabusto@hotmail.com

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *