تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

وڏي وزير جي ووٽر “گلوفقير جي نياڻي جا قاتل ڪير آھن”؟

28 جون جو گرم جهولو ڄڻ زمين تي دوزخ جي گرمي جو ڏيک ڏئي رهيو هو ۽ ان ئي گرم ۽ اونداهي رات ۾ ڳوٺ وڏا ڇڇر جي هڪ غريب گهراڻي جي نياڻي وزيران ڇڇر جو چچريل لاش انڊس هاءِ وي تان مليو، هڪڙي نياڻي وحشي بگهڙن جو کاڄ بنجي وئي سندس جسم جي انگ انگ کي جهير ڏنا ويا، سندس چھرو ۽ مٿو ڪنهن وزني پٿر سان چچريو ويو هو، ميڄالو رومال ۾ ويڙھي لاش سان گڏ ڦٽي ڪيو ويو هو، 28 جون جي پراسرار انڌاري رات اهو منظر ستين آسمان تان ڪنهن ڏٺو ويٺي، سفاڪ ۽ وحشي قاتلن هي سڄي واردات ڪنهن فلمي سين جيان تمام وڏي حرفت ۽ چالاڪي سان سرانجام ڏني هئي ڇاڪاڻ ته کين اها پڪ هئي ته وزيران هڪ غريب پيءَ جي ڌيءَ آھي سندس پھچ نه ته ڳوٺ جي ڪنهن وڏيري تائين هئي نه هن کي ڪو پنهجي تڪ جو چونڊيل ايم پي اي، ايم اين سڃاڻندو هو. مظلوم نياڻي وزيران جي پيءَ گل محمد ڇڇر جنهن کي ڳوٺ جا ماڻھو “گلو فقير ”ڪري سڏيندا آھن اهو “گلو فقير” جيڪو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جو ووٽر آھي جيڪو هر پنجن سال ووٽ ڏيڻ لاءِ گرمي هجي يا سردي ڊگهي قطار ۾ بيهي ادي بينظير جي پارٽي پ پ کي ووٽ ڏيندو آھي. افسوس ته سنڌ جي وڏي وزير پنهجي ووٽر گلو فقير جي نياڻي وزيران جي بي رحم قتل تي اڃان تائين نه تعزيت ڪئي آھي نه ڪنهن کان حال احوال پڇيو آھي. وزيران جنهن جي بي رحماڻي قتل تي سڄي سنڌ سراپا سوڳ ۽ ڏک ۾ ورتل آھي. مختلف سياسي سماجي تنظيمن، انساني حقن، عورت تنظيمن جي نمائندن ڳوٺ وڏا ڇڇر پهچي مرادعلي شاھ جي غريب ووٽر جي ڌيءَ وزيران جي بي رحم موت تي ڏک ونڊيو آھي.
ڇهن مختلف عورتن تنظيمن جي وفد ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ وزيران ڇڇر جي والدين جي گھر، ساھورن جي گھر، سندس سھيلي جي گھر ڀاتين سان ملاقات ۽ ڳوٺ وڏا ڇڇر جي سماجي ڪارڪنن،صحافين توڙي مقامي پوليس وارن سان ملاقات ڪئي. پوليس پاران تفتيشي آفيسر اي ايس پي علينه راڄپر سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪري قتل متعلق حقيقتن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جي مشاھدي ۾جيڪي ڳالهيون آيون انهي جي آڌار انهن ڪيس بابت هيٺيون سفارشون تيار ڪيون.
وزيران جي قتل جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جيڪا ڇھه مختلف عورتن جي تنظيمن جي ڏهه رڪني ڪاميٽي تي ٻڌل ھئي تن پوسٽ مارٽم رپورٽ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽرن کان ويندي تفتيش تي مقرر ڪيل پوليس آفيسرن، وزيران جي گھر ڀاتين، ويجهين سھيلين، واقعي کي بروقت رپورٽ ڪري آگاهه ڪندڙ صحافين سان ملاقات ۽ قتل واقعي جي مڪمل جائزي وٺڻ کان پوءِ اعليٰ اختيارين آڏو ھيٺيون سفارشات پيش ڪري ٿي.
سفارشون
1.وزيران جي بيرحماڻي قتل سان انصاف ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته ان ڪمزور ايف آءِ آر بدلي، رياست/پوليس جي مدعيت ۾ ٻيھر ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي جنھن ۾ اجتماعي جنسي ڏاڍائي جي ثابتي جي صورت ۾ ان جو به ذڪر هجي. اجتماعي جنسي ڏاڍائي سان لاڳاپيل ڏوھه وارا قلم داخل ڪيا وڃن.
2.ڪنھن به قتل ڪيس ۾ انصاف جي فراھمي کي يقيني بنائڻ لاءِ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪندي آھي پر ھن ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انتھائي ناقص ۽ غير پروفيشنل آھي. ان ڪري ممڪنه جنسي ڏاڍائي کي ثابت ڪرڻ، توڙي ٻيا گھربل جزا وٺڻ لاءِ ٻيھر قبرڪشائي جي ضرورت محسوس ٿئي ته پوليس کي ان ۾ پڻ اڳڀرائي ڪرڻ کپي.
3.فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي ڇھن کان اٺن ھفتي جي ٻار جي ولديت جي نشاندھي لاءِ ڊي اين جا جزا وٺڻ جي سخت مخالفت ڪري ٿي. ٻار جي ولديت جي ثابتي دراصل مقتولڻ جي ڪردار کي مشڪوڪ ڪري قاتلن کي فائدو پھچائي سگھي ٿي.
فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي ان تي حيراني جو اظھار پڻ ڪيو ته پوليس کي قاتل جا پيرا کڻڻ کپن جيڪي مقتولڻ جي ڪپڙن وارن يا جسم مان ورتل ٻين جزن جي ڪيميڪل ۽ ٻي فرانزڪ انڪوائري وسيلي به آساني معلوم ڪري سگھجن ٿا. ان بنياد تي ڪاميٽي قبرڪشائي ۽ ٻيھر پوسٽ مارٽم واري مطالبي سان متفق آھي البته انکي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ حمل واري ٻار جي ڊي اين اي شامل نه ڪرڻ سان مشروط ڪيو وڃي. مقتولڻ وزيران ڇڇر جي موبائل فون، سندس ڪپڙن ۽ ٻين جزن جي فرانزڪ رپورٽ پڻ ڪرائي وڃي.
قتل جا پيرا ڳوٺ کان ٻاھر ڪيڏانھن به نٿا وڃن ان ڪري پوليس بنا ڪنھن سياسي دٻاءُ ضرورت پوڻ تي ڳوٺ جي بااثر ماڻھو جي گرفتاري کان گهٻرائڻ بدران انھن کي گرفتار ڪري قاتلن تائين پھچي وزيران ڇڇر سان انصاف کي ممڪن بڻائي.
پوليس ۽ عدالت ان ڳالھه کي يقيني بنائين ته بااثر جوابدارن يا وري ڳوٺ جي چڱي مڙس يا راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجھندڙ ڌرين کي ڪيس کي عدالت کان ٻاھر نبيري وزيران جي قتل کي لئه مٽ ڪرڻ نه ڏئي.
ھن واقعي جي گھڻ رخي جاچ لاءِ پوليس کي پنھنجي تفتيش جو دائرو وڌائڻ کپي.
ان ڪري ضروري آھي ته لاڳاپيل ادارن يعني ڪيس جي تفتيش ڪندڙ پوليس، عدالت، وڪيلن، انساني حقن جي تنظيمن ميڊيا سميت سماج جي سڀني باشعور فردن کي نيڪ نيتي سان ھن ڪيس کي منطقي انجام تائين پھچائي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۾ مشترڪه ڪردار ادا ڪرڻ کپي. وزيران ڇڇر جو بي رحماڻي طريقي سان قتل جو ڪيس سماج جو ٽيسٽ ڪيس آھي انڪري سماج جي ھر اداري کي گڏيل طور تي ھن ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي تائين پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ کپي.
مختلف عورت تنظيمن طرفان وزيران قتل ڪيس جي سلسلي ۾ جاري ڪيل تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشن کي قبول ڪجي ٿو سواءِ هڪ نقطي جي جنهن ۾ ڪيس پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي وئي آھي، ڇوته رپورٽ ۾ مٿي خود لکيل آھي ته پوليس سياسي اثر رسوخ سبب ڪيس کي خراب پئي ڪري ته پوءِ جيڪڏهن اهو ساڳيو ڪيس پوليس جي مدعيت ۾ داخل ٿئي ته ان جو ڇا حشر ٿيندو؟
وزيران جي خون سان انصاف ٿيندو الائي نه پر هن واقعي کانپوءِ هڪ ڳالھه واضع ٿي سامهون آئي آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ هاڻي هر ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ جو شعور اچي چڪو آھي هاڻي سنڌ جي ڳوٺن ۾ معصوم وزيرائن جو خون ڪندڙ وحشي درندا ۽ سندن گناھ تي پردا پوشي ڪندڙ مڪروھه مهانڊا گهڻو وقت عوامي شعور اڳيان بيهي نه سگهندا.
وزيران جي خون جي هڪ نه پر ٻه ايف آءِ آر داخل ٿيل آھن، هڪ ايف آءِ آر ڇڇر ٿاڻي تي ڪٽيل آھي جنهن جي تفتيش سنڌ پوليس جا روايتي رشوت خور ۽ سياسي ماڻھن جا ڪمدار پوليس وارا ڪري رهيا آھن ۽ ٻي ايف آءِ آر 28 جون جي رات وزيران خود آسمان طرف منهن ڪري خدا جي درٻار ۾ داخل ڪرائي وئي آھي ۽ اتي پهتل درخواست ۾ هر حال ۾ انصاف ٿيڻو آهي اصل قاتل ۽ هن قتل جي سازش ۾ شامل سهولتڪار انهي درٻار ۾ وائکا ضرور ٿيندا.ڇو ته ان عدالت ۾ ڪا به سفارش نه هلنديآهي. وزيران جي خون سان انصاف اهي ماڻھو ڇا ڪندا جن لاءِ فيض احمد فيض چئي ويو هو :
بني هين اھل حوس مدعي به منصف ڀي
ڪسي وڪيل ڪرين ڪس سي منصفي چاهين

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *