تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

وڏي وزير جي ڪارونجهر ياترا ننگر کي ڇا مليو ؟

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ننگرپارڪر ويجهو ڪارونجهر جبل جي ڀٽياڻي ندي تي 2018ع ۾ ٺاهيل ڪاليداس ڊيم جو افتتاح ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو ، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي ،وفاق سنڌ جو حصو روڪي ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي ، سنڌ جا حق هڙپ ڪيا پيا وڃن ،عمران خان ايندي ئي ملڪ کي مهانگائي جي بحران ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ، اٽو گئس سميت هر شي مهانگي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٿر جي عورتن کي نوڪريون ڏئي رهيا آهيون ، هن اهو به اعتراف ڪيو ته اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر جي وچ ۾ روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي ، اهو به ٺهرائينداسين، آراو پلانٽ جي به شڪايت ملي آهي پوري گنجائش سان نه پيا هلن. هن چيو ته ٿر ۾ ڊيمن جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 30 ڊيم تعمير ٿي چڪا آهن ، وڌيڪ ڊيم ٺهندا ، ڪالي داس ڊيم 333 ملين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي ، ڊيم جي پاڻي سان ننگرپارڪر شهر ، ڀرپاسي ۽ چوپائي مال جي پاڻي جي ضرورت پوري ڪندو ، ٿر جي ماڻهن جا ٿورائتا آهيون وڏي وزير چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي سڀ کان پهرين حق ٿر جي رهواسين جو آهي.
ڪاليداس ڊيم جي نالي تي ايم پي اي راڻا همير سنگهه طرفان اعتراض ڪيو ويو ، راڻا همير سنگھه جو چوڻ هو ته ڀٽياڻي هڪ عورت هئي جنهن جي هڪ تاريخ آهي سمال ڊيم وارن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي, هن جو تاريخي نالو ڀٽياڻي ندي آهي ، ڊيم جو نالو ڀٽياڻي رکيو وڃي ، جنهن تي وڏي وزير، وزير آبپاشي کي هدايت ڪئي ته ڊيم جو نالو ڪاليداس بدران ڀٽياڻي ڊيم رکيو وڃي ، راڻا همير سنگھه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڏي وزير جو ننگرپارڪر وارن تي وڏو ٿورو آهي اهو ٿورو اهو آهي ته مراد علي شاهه ننگرپارڪر ۾ مڪڙ مارايا.
جڏهن ته وڏي وزير جي ڪارونجهر جي دوري دوران ڪيترائي احتجاج ٿيا جنهن ۾ پهريون احتجاج ڳوٺ کاريو غلام شاهه وٽ ٿر ڪول بلاڪ ون جي متاثرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي گاڏي روڪي ورتي ، متاثرين وڏي وزير آڏو دانهيدي ٻڌايو ته ٿر ڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيون آهن، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي ، جنهن تي وڏي وزير يقين ڏياريو ته اوهان جا مسئلا حل ڪيا ويندا. ننگرپارڪر جي ڪارونجهر جبل ۾ تقريب دوران مختلف ڌرين مختلف الڳ الڳ احتجاج ڪيا ، وڏو وزير پنهنجي تقرير ختم ٿيندي سڌو دانهيندڙن وٽ پهچي ويو. جڏهن ته سومرا هائوس تي  ميرپورخاص ڊويزن جي عهديدارن ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻي رکيل هئي، ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن ۾ به اختلاف آهن جڏهن ته وڏي وزير جي ننگرپارڪر جي دوري دوران ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو مان چونڊيل ايم اين اي پير نورمحمد شاهه جيلاني ۽ ٿرپارڪر جي سياست جا بيتاج بادشاهه سمجهيا ويندڙ ارباب گروپ ۽ خاندان مان بغاوت ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ڏيپلو جو ايم پي اي ارباب لطف الله پڻ وڏي وزير جي دوري دوران غيرحاضر هيا. جڏهن ته پير نورمحمد شاهه جيلاني جي فرزند امير علي شاهه جلسي ۾ شرڪت ڪئي پر کيس تقرير جو موقعو نه مليو ، ننگرپارڪر تعلقي جي پ پ جي صدر ڏانوڌاندل وٽ ڌار استقباليا ڪيمپ قائم ڪري پنهنجا ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، ذريعا ٻڌائين ٿا ته ٿرپارڪر ۾ هڪ ڌڙو ارباب لطف الله ۽ ايم اين اي پير نورمحمد شاهه جيلاني کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيو آهي ٻئي پاسي ننگرپارڪر جي ايم پي اي جي مخالفت ۾ پڻ هڪ ڌڙو ٺهيو آهي، ذريعا ٻڌائين ٿا ته ٿرپارڪر جو هڪ ايم اين اي پنهنجي تڪ جي ايم پي اي جي اثررسوخ جي ڪري سخت پريشان آهي. وڏي وزير ننگرپارڪر لاءِ ڪنهن به پيڪيج جو اعلان نه ڪيو جنهن ڊيم جو افتتاح ڪرڻ آيو اهو به 2018 ع۾ ٺهيل هو  ننگرپارڪر ۾ سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي جي پائيپ لائين 11 سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهي رهواسي اڄ به گدلو چائناڪلي سان ڀريل کوهن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.
ٻئي پاسي وڏي وزير جي دوري دوران ميڊيا تي هڪ اهم خبر آئي آهي ته گرينائيٽ پٿر جي معاملي تي جوڙيل جاچ ڪاميٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي ، جنهن ۾ ڪارونجهر رينج جي هڪ لک 50 هزار ايڪڙن ايراضي ۾ گرينائيٽ جي کوٽائي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تي پوري سنڌ جي ساڃاهوندن ۾ ڳڻتي جي لهر آهي. جيڪي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *