Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_7n5r9rf2hcv9sbd4237r5c023j, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وڏي ۾ وڏو آمليٽ ۽ تاريخ جو وڏو ڊيم - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وڏي ۾ وڏو آمليٽ ۽ تاريخ جو وڏو ڊيم - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

وڏي ۾ وڏو آمليٽ ۽ تاريخ جو وڏو ڊيم

وزيراعظم عمران خان چواڻي ته هو ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڊيم جو افتتاح ڪري رهيو آهي. عمران خان جي هن بيان تي مون کي جيل جو قصو ياد اچي ٿو. مشهور ڪميونسٽ ڪيس عرف عام ڄام ساقي ڪيس جا اسين قيدي پروفيسر جمال نقوي، ڄام ساقي، شبير شر، ڪمال وارثي ۽ آءُ لانڍي جيل ۾ بند هئاسين. جڏهن ڪيس پڄاڻي ڏي وڃي رهيو هو ته موڪل واري ڏينهن تي پروفيسر جمال نقوي “ڪجهه نئون” پچائڻ لاءِ لانڍي جيل جي بي ڪلاس جي بورچي خاني ڏي وڌيو ۽ اعلان ڪيائين ته هو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو آمليٽ ٺاهڻ ڏي وڃي رهيو آهي. پوءِ ٿيو ايئن جو ڊزن کن بيضا ملائي تئي تي وڌا ويا. سمجهي سگهو ٿا ته ڊزن کن بيضا هڪ ئي وقت تئي تي آمليٽ لاءِ وڌا وڃن ته ڇا صورتحال بيٺي هوندي. خير جيل جو زمانو هو، اسان به سينيئر ڪامريڊ جي هن ڪم تي ڏاڍو کلياسين، انجواءِ ڪيوسين. عمران خان تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڊيم جو افتتاح ڪيو آهي، لڳي ٿو ته هو به سمورا بيضا ڦينٽي، ننڍڙي تئي تي رکي رهيو آهي. جيئن اسان کي جيل ۾ واندڪائي هئي ڪجهه نئون ڪرڻ پئي چاهيو، تيئن خان صاحب کي به ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي. ڇاڪاڻ جو ٻيو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي به ڪونه. بنڊ بنهه ڳرو آهي. هو پنهنجي ڪريڊٽ تي ڪا شئي آڻڻ چاهي ٿو. اهو هن لاءِ ان ڪري به ضروري آهي جو اپوزيشن کان وٺي، سندس پارٽي توڙي اتحادين تائين ويندي جو کيس آڻيندڙن تائين، هر ڪو اهو ئي پيو چوي ته ڪارڪردگي نه ڏيکاري اٿس. سياست ۾ چوندا آهن ته ماڻهن جو حافظو ڪمزور هوندو آهي، پر مار پوي انٽرنيت تي، اها وڏي چغل خور آهي. ڀاشا ڊيم جو لفظ سڀني جي گرو بڻيل گوگل تي وجهو ته سموري تاريخ جاگرافي آڻي ڏيندو. ڪامريڊ جمال نقوي واري تاريخ جي وڏي ۾ وڏي آمليٽ جو سهرو ته مٿس سجائي سگهجي ٿو پر تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڊيم جو سهرو عمران خان جي مٿي تي “مڙهي” نٿو سگهجي. مون کي ياد آهي ته ڀاشا ڊيم جو پهريون افتتاح وزيراعظم نواز شريف 1998ع ۾ ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي چند مهينن کانپوءِ سندس حڪومت هلي وئي. ان کان اڳ نواز شريف ڪالا باغ ڊيم به ٺاهڻ پئي چاهيو. پاڪستان ۾ حڪمران جڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن ته تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکائڻ يا ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڊيم ۾ هٿ وجهندا آهن. نواز شريف جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته مون کي ياد آهي ته ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۾ ڪوٺايل مشاورتي گڏجاڻي جنهن ۾ آءُ به موجود هيس، سيد قمر الزمان شاهه سنڌ جي آبادگارن جي نمائندگي ڪندي چيو هو ته “ڪو ماڻهو وڏي عهدي تي هوندو آهي ته سندس سنگت ۾ به دشمن هوندا آهن، مون کي پڪ آهي ته وزيراعظم نواز شريف سان به سندس ئي ڪنهن سنگتي دشمني ڪئي آهي.” خير پوءِ ٿيو ايئن جو نواز شريف جي ڊيم واري سياست خيبرپختونخوا ۽ سنڌ کي گڏ بيهاري ڇڏيو. اي اين پي جي سربراهه ولي خان ۽ پيپلزپارٽي جي تڏهوڪي پٺاڻ ليڊر آفتاب شير پائو جي اڳواڻي ۾ پٺاڻن ڌرڻو هنيو. آءُ ان ڌرڻي جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ٻئي پاسي محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين جي سرواڻي ڪندي ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو. قوم پرستن سميت سڄي سنڌ ان سوال تي يڪراءِ ٿي بيٺي، پوءِ نواز شريف حڪومت وڃائي ويٺو.
ڀاشا ڊيم جي ڳالهه پئي ڪئي سين. نواز شريف کانپوءِ مشرف ۽ شوڪت عزيز به 2006ع ۾ هن ئي ڊيم جو افتتاح ڪيو. اڳتي هلي 2011ع ۾ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ساڳيو افتتاح وارو ڪم سرانجام ڏنو. 2017ع ۾ نواز شريف ۽ 2018ع ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ڪجهه ڪاريگري ڪئي. هي رٿا اصل ۾1982ع کان ٺهي رهي آهي پر چاليهه سال گذرڻ جي باوجود ته ٺهي راس نه ٿي سگهي آهي. هاڻي ٽي مهينا کن اڳ چيني ڪمپني چائنا پاور ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي گڏيل وينچر تي پاڪستان حڪومت صحيحون ڪيون ۽ انهن ڪمپنين کي 414 ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو ويو. 2008ع ۾ڊيم جي اڏاوت جو ڪاٿو 12.6 ارب ڊالر هو. جيڪو هاڻي گهڻو وڌي ويو آهي. رپورٽن موجب 27 ارب ڊالر ڊيم کان متاثر ٿيندڙن جي بحالي لاءِ ڏنا ويندا.
2012ع ۾ عالمي بئنڪ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ هن ڊيم جي اڏاوت مان اهو چئي هٿ ڪڍي ويون ته دنيا ۾ هاڻي وڏا ڊيم نه ٺاهيا وڃن. اهو به چيو ويو ته ڊيم وارو هنڌ تڪراري آهي جنهن لاءِ پاڙيسري ملڪ انڊيا کان به اجازت وٺڻي پوندي. وري 2013ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ۾ چيو ويو ته ايشين بئنڪ ۽ آغا خان رورل سپورٽ پروگرام کي راضي ڪيو ويو آهي ته مالي سهڪار ڪن جڏهن ته ان لاءِ انڊيا کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوندي. 2013ع جي پڇاڙي ڌاري واپڊا پڌرو ڪيو ته گلگت بلتستان حڪومت ۽ اسماعيلي برادري وٽان ساڍا پنج ارب رپيا مليل آهن. اڳتي هلي 2017ع ۾ نواز ليگ جي حڪومت سي پيڪ جي تحت ڊيم جي تعمير وارو واڪ قبول نه ڪيو. چيو ويو ته ان معاملي ۾ چين جا رکيل شرط بنهه ڳرا آهن جنهن ۾ ڊيم جي مالڪي ڪير ڪندو ان تي به اعتراض هو. چين جي ڪاٿي موجب ڊيم تي 14 ارب ڊالر خرچ ايندو.
چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم جي لاءِ فنڊ قائم ڪيو. بئنڪ اڪائونٽن ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين جي ذريعي چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ايئن سڌي يا اڻ سڌي طرح پاڪستان جي هر شهري کان ڊيم جي اڏاوت لاءِ چندو ورتو ويو. 2018ع ۾ ڊيم تي لاڳت جو ڪاٿو 26 ارب ڊالر لڳايو ويو. جسٽس ثاقب نثار جي هلايل مهم جنهن ۾ پوءِ پاڪستان سرڪار به شامل ٿي ان تحت 9.29 ارب رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن.
ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ چين مالي سهڪار ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت ان جي اڏاوتي ڪمپني پاڻ ان ۾ ڪم ڪندي. چين جو سيڙپڪاري لاءِ اهو ئي طريقو هوندو آهي ته ٺيڪو ان جي ئي ڪمپني کڻندي آهي. هن کان اڳ چين ڳرا شرط رکيا هئا. جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ڊيم جي مالڪي ۾ حصو پتي رکڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي. پر نواز ليگ جي حڪومت ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. خبر ناهي هاڻي جڏهن چيني ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي ته ڪهڙا شرط مڃيا ويا آهن؟ اها ڳالهه اڃان تائين نه حڪومت سامهون آندي آهي ۽ نه وري اپوزيشن طرفان ان تي ڪو سوال اٿاريو ويو آهي. هن ملڪ جا ماڻهو ضرور اهو معلوم ڪرڻ چاهيندا ته ڪهڙن شرطن تي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي؟ ان صورت ۾ هڪ وڏي رقم ٻاهرين سيڙپڪاري ذريعي ئي ٿيندي. ڇاڪاڻ جو مالي مشڪلاتن سبب پاڪستان حڪومت پنهنجي طور تي ڪا وڏي رقم هن مد لاءِ نه پئي رکي سگهي.
80ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ڊيمن ٺاهڻ ۽ ان جي ڪوششن جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ رهي آهي. سنڌ ڪالاباغ ڊيم جي سخت مخالفت ڪري ٿو. ان لاءِ سنڌ اسيمبلي ٽي دفعا ٺهراءُ پاس ڪيا ۽ سون جي تعداد ۾ احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا. حڪمران ڊيم ٺاهڻ جي ان وقت ڪوشش ڪندا آهن جڏهن خود حڪمران طبقن توڙي ٽولي جي رڌڻي ۾ رولو هوندو آهي. نواز شريف سان به ٻه دفعا ايئن ٿيو. ان بعد جنرل مشرف به اهڙي ڪوشش ڪئي. پيپلزپارٽي ڪالاباغ ڊيم کي مئل گهوڙو قرار ڏنو پر ان جي جاءِ تي ان جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 2011ع ۾ ڀاشا ڊيم جو افتتاح ڪيو ۽ اپريل 2012ع ۾ عدالتي حڪم بعد عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي.
وزيراعظم عمران خان ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊيم جو اڪيلي سر ڪريڊٽ نٿو کڻي سگهي. ڇاڪاڻ جو ان جي ٺاهڻ ۾ 90ع واري ڏهاڪي کانپوءِ آيل سمورين حڪومتن ڪا نه ڪا سر ضرور رکي آهي. اها ڳالهه ضرور خان صاحب جي حڪومت کان اڄ توڙي سڀاڻي به پڇي ويندي ته سيڙپڪاري ڪٿان آئي ۽ ڪهڙن شرطن تي ٿي آئي؟ ڇا چيني ڪمپني جا اهي شرط مڃيا ويا آهن جن کي ڳرو چئي رد ڪيو ويو هو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *