تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

وڙھن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا

اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي چانڊڪا اسپتال جيڪا اٽڪل 1600 بسترن تي مشتمل آهي، هن اسپتال اندر دل، دماغ، اکين،هڏين، گردن ۽ آءِ سي يو سميت صحت جا مختلف شعبا قائم ٿيل آهن، ان کان علاوه ايمرجنسي (شعبئه حادثات) چوويھه ئي ڪلاڪ کلي رهي ٿي. هي اسپتال پنجن يونٽن تي مشتمل آهي جن مان هرهڪ ٽيچنگ اسپتال، سول اسپتال، شيخ زيد عورتاڻي اسپتال، ٻاراڻي اسپتال ۽ ڪييولٽي (لال بتي) سميت شھر جي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. ٿورڙو اندازو لڳايو ته 1600 بسترن واري اسپتال جيڪا پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن سان گڏ اپر سنڌ جي واحد اسپتال آهي ۽ اتان جون طبي گهرجون پوريون ڪري ٿي، جيڪڏهن اتي هر قسم جو ڪار وهنوار بيهجي وڃي ته اتي ڪهڙي حالت هوندي . چانڊڪا اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ايم ايس وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ چانڊڪا اسپتال طرفان چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس تي مختلف الزام هڻي سموري سنڌ جي اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. ان سموري معاملي کانپوءِ نيٺ صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران نوٽيس وٺندي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ صحت کاتي جي سيڪريٽري طرفان سمورن معاملن جي جاچ لاءِ صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ڊولپمينٽ سيد نور محمد شاهه جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ صحت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري دادلو زهراڻي، ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو، سيڪشن آفيسر امداد علي جوڻيجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم احتجاج ڪندڙ ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، بعد ۾ هو چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ ڪندي. جاچ ڪميٽي چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، سول اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي انتظامي ۽ مالي معاملن، احتجاج ڪندڙ ملازمن جي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جا مسئلا معلوم ڪرڻ سميت چانڊڪا اسپتال جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگي جي جاچ ڪري 15 ڏينهن جي اندر رپورٽ مڪمل ڪري صحت کاتي جي سيڪريٽري کي پيش ڪندي، جنهن جي آڌار تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته آئينده لاءِ حالتون ڪهڙو رخ ٿيون اختيار ڪن. ڇا وري ڪوئي امتحان، عوام، مريضن لاءِ رهيل آهي. ڪيترائي مريض جن ۾ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا ۽ نوجوان موت جو کاڄ بڻجي رھيا آھن ته ڪي وري موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر غربت ماريل ماڻهن جي زندگيءَ جي هن اهم ترين مسئلي کي ڪير حل ڪندو. ڊاڪٽرس ۽ پئرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڊيوٽين جو پابند ڪير بڻائيندو، صحت کاتي جي صوبائي وزير کي اڳتي اچي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *