Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ke4rvjgrc81gjuqf035pqdgag2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
يونيورسٽين جي ايڊهاڪ ازم مان جند ڇڏايو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar يونيورسٽين جي ايڊهاڪ ازم مان جند ڇڏايو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

يونيورسٽين جي ايڊهاڪ ازم مان جند ڇڏايو

سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا ڪيتري وقت کان وٺي خبرن هيٺ آهن ۽ انهن ۾ اعليٰ عهدن جي مقررين کان وٺي انتظامي اهليت تي به سوال اٿندا رهيا آهن،جنهن ڪري ڪا هڪ به اهڙي پبلڪ يونيورسٽي نه آهي جنهن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري سگهجي، هائير ايجوڪيشن جي رينڪنگ ۾ ته انهن جي ڳڻپ شايد ئي نظر ايندي هجي جنهن ڪري سڄي سنڌ جي اعليٰ تعليم هر وقت داءُ تي لڳل آهي،ڪا هڪ يونيورسٽي ناهي جنهن ۾ معاملا بهتر انداز يا انتظام سان هلندڙ هجن جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب انهن يونيورسٽين ۾ سياسي بنيادن يا سفارشي ڪلچر تحت اعليٰ عهدن تي ٿيندڙ ڀرتيون آهن ۽ پنهنجي منظور نظر ماڻهن کي نوازڻ واري روش آهي جنهن ڪري سنڌ جي اعليٰ تعليم جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي.
سنڌ ۾ هن وقت 25 پبلڪ ۽ 27 پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن پر اصل مسئلو سرڪاري نگراني ۾ هلندڙ انهن پبلڪ يونيورسٽين جو آهي جتي اڪثر ڪري اهڙا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جيڪي وڏا خرچ برداشت ڪري پرائيويٽ يونيورسٽين تائين پهچي نه ٿا سگهن. هن وقت به ٻن وڏن يونيورسٽين سنڌ ۽ لطيف يونيورسٽين ۾ مستقل وي سي مقرر ٿيل نه آهن جڏهن ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام کان وٺي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ به تازو ئي وقتي وي سي مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جو مطلب ته اڪثر يونيورسٽيون ايڊهاڪ ازم تحت هلي رهيون آهن جنهن ڪري پوءِ ڪرپشن جهڙا قصا سامهون اچن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جو تازو لاٿل وي سي ڪرپشن ڪيس سبب ضمانت تي آهي جڏهن ته انهي يونيورسٽي جا ڪيترائي آفيسر به ساڳئي ڪيس ۾ ضمانت تي آهن،جڏهن ته مهراڻ يوينورسٽي جي خيرپورڪئمپس جي ڊائريڪٽر فنناس کي اينٽي ڪرپشن وارن 36 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ طلب ڪيو آهي،اهي ته اهي خبرون آهن جيڪي تازو ميڊيا ۾ ظاهر ٿيون آهن يا آيون آهن انهي کانسواءِ اهو قصو تمام پراڻو ۽ ڊگهو آهي جيڪو شادي شهيد پراجيڪٽ کان وٺي ماضي کان سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٿيندو رهيو آهي پر حڪومت ڪڏهن به انهن کي سڌارڻ يا بهتر ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي آهي بلڪه انهن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.جڏهن 18 هين ترميم کان پوءِ صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٺهي ته اميد ڪئي پئي وئي ته صوبي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم توڙي انتظامڪاري ۾ بهتري نظر ايندي پر صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي غير فعال هجڻ ڪري اها اميد بس آسرو ئي رهي .
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي يونيورسٽين جو اصل مسئل اهو ايڊهاڪ ازم آهي جيڪو حڪمرانن ۽ سفارش تي ايندڙ اعليٰ عهديدارن کي وارو کائي ٿو جن جي غريب شاگردن جي تعليم سان نه دلچسپي آهي نه ئي يوينورسٽين کي بهتر بڻائڻ جي منشا. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد ماني کان وٺي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ هاسٽلن کان محروم آهن ۽ پٺيان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا قصا ٿا ظاهر ٿين جيڪي پئسا انهن شاگردن کي سهولتون ڏيڻ جي نالي تي يونيورسٽين کي عوامي ٽئڪس جي پئسن مان ڏنا وڃن ٿا. جڏهن ته وي سين تي الزام اهي ٿا لڳن ته اهي پنهنجي آسائش لاءِ لکين رپين جون مهانگيون گاڏيون ٿا خريد ڪن ۽ مهانگن ترين هوٽلن ۾ انهن پئسن تي رهائش اختيار ڪن ٿا .
اسان سمجهون ٿا ته اهو ظلم سڌو سنئون غريب شاگردن سان آهي ۽ انهي جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل اختياريون آهن ڇاڪاڻ ته اهي انهي ايڊهاڪ ازم مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري روز اهڙا اسڪينڊل ظاهر ٿيندا رهن ٿا ،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهي ايڊهاڪ ازم مان جان ڇڏائي ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي يونيورسٽين اندر اعليٰ عهدن جون مقرريون ڪيون وڃن جيئن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي اهڙن اسڪينڊلن مان جان آجي ٿئي ۽ تعليمي ماحول بهتر ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *