تازا ترين
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ٻارن جو استحصال

ٻارن سان جيڪو ملڪ ۾ استحصال ٿئي ٿو ان تي نظر ڦيرائجي ته خبر پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ٻار ڪيترا غير محفوظ آهن يا انهن جو ڪيئن استحصال ڪيو وڃي ٿو .
ٻارن جي حقن جي باري ۾ 1989ع ۾ آيل يونائيٽيڊ نيشن جو ڪنوينشن موجود آھي جنھن ۾ ٻارن جا 40 بنيادي حق ڏنا ويا آھن جن جي دنيا جي ملڪن کي انھن حقن جي حفاظت ڪرڻي آھي.
پاڪستان نه صرف ان ڪنوينشن تي صحيح ڪندڙ ملڪ آھي پر 1990ع ۾ ان جو ورجاءُ ڪيو هو ته هو پنھنجي ملڪ ۾ ٻارن کي يو اين جا تسليم ڪيل حق ڏيندو ۽ ان لاءِ ملڪ ۾ قانون سازي به ڪندو. ان ڪنوينشن جي مطابق پاڪستان حڪومت کي ھر پنج سالن کان پوءِ ٻارن جي حقن بابت رپورٽ ڏيڻي ھوندي آھي. اسان جي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جو استحصال ٻين ملڪن کان گھڻو وڌيڪ آھي انجو سبب اسان جي ادارن جو ڪمزور ھئڻ آھي.
ٻارن جو استحصال ٻن قسمن جو ٿيندو آھي، ھڪ ته ٻار جو جنسي استحصال ٿيندو آھي، جتي به ڪم ڪندو آھي اتي غير محفوظ ھوندو آھي انڪري ان سان اڪثر جنسي درندگي جا واقعا پيش ايندا آھن، پر ھن قسم جي استحصال کي اڪثريت ۾ ماڻھو تنقيد ڪندا آھن، برو به سمجھندا آھن ۽ حڪومت کان مطالبو به ڪندا آھن ته ٻارن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ ٻارن جي حفاظت جا ڪجھه ادارا پڻ موجود آھن جيڪي ٿوري گھڻي مدد پڻ ڪم ٿا. پر جيڪو ٻيو استحصال آھي اھو آھي معاشي استحصال جنھن کي گھڻا پڙھيا لکيا ماڻھو اھميت ئي نٿا ڏين. اڪثر پڙھيا لکيا ۽ سيبتا ماڻھو پنھنجي گھر يا آفيس ۾ ٻارن کي رکندا آھن ۽ انھن کان ڪم وڏي ماڻھو جيترو وٺندا آھن ۽ ڪٿي ڪٿي وڏن ماڻھن کان به وڌيڪ ڪم وٺندا آھن پر انکي انجي پوري اجرت نه ڏيندا آھن، اھو بد ترين قسم جو ٻارن جو استحصال آھي.
قانون ۾ 18 سال کان گھٽ عمر سڀ ٻار آھن، چاھي ڇوڪري ھجي چاھي ڇوڪرو ۽نه ان جي شادي ٿي سگھي ٿي ۽ نه وري ان کان ڪو مزدوري وارو ڪم وٺي سگھجي ٿو. پر اسان جي معاشري ۾ جنھن وٽ به ڪجھه دولت آھي انجي گھر ۾ ھڪ يا ان کان وڌيڪ ٻار ڪم ڪن ٿا يا ڪنھن وٽ ڪو بزنس آھي ته اھي به ٻارن کان ڪم وٺن ٿا، ٿر ۾ ھٿرادو ٺھيل شين جو ڪم گھڻو ڪري ٻار ڪندا آھن ۽ گئراجن تي اوھان کي ننڍا ٻار نظر ايندا جيڪي ٿوري مزدوري تي گھڻو ڪم ڪن ٿا. انھن ٻارن کان ڪم ڪرائيندڙ ماڻھو معصوم ٻارن سان ڪم سان گڏ برو سلوڪ پڻ ڪندا آھن ۽ گارگند سان پيش اچن ٿا جن سان انھن ٻارن جي عزت نفس مجرح ٿئي ٿي ۽ ان جا ٻارن تي انتھائي برا نفسياتي اثر ٿين ٿا جيڪي اسانجي معاشري ۾ نظر اچن ٿا. اھي ٻار وڏا ٿي ڪرمنل بڻجي ويندا آھن ۽ معاشري لاءِ ناسور بڻجي ويندا آھن.
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ته ھر نوڪري ڪندڙ ماڻھو کان ھڪڙي قسم جي انڊر ٽيڪنگ ورتي ويندي آھي ته اوھان پنھنجي گھر ۾ ڪنھن ٻار کي ملازم نٿا رکي سگھو، اھڙي قسم جي انڊرٽيڪنگ اسان جي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون پڻ پنھنجي ملازمن کان وٺنديون آھن. پر افسوس انھن ماڻھن تي ٿئي ٿو جيڪي اهو دليل ڏيندا آهن ته پوري ملڪ ۾ ٻار ڪم ڪن ٿا جيڪڏهن اسان جي گھر ۾ ڪنھن ٻار ڪم ڪيو ته ڇا ٿي پيو، انھي دليل جي حمايت نه ٿي ڪري سگھجي.
ھڪڙو دليل ٻيو به ڏنو ويندو آهي ته ملڪ ۾ تمام گھڻي غربت آھي انڪري ٻارن کان ماڻھو ڪم ڪرائيندا آھن، ان دليل جي به حمايت نٿي ڪري سگھجي ڇو ته اھا به سول سوسائٽي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي ذميواري آھي ته حڪومت تي دٻاءُ وجھجي ته غربت جي خاتمي لاءِ اپاءَ ورتا وڃن .
جيڪي ٻار اسڪولن ۾ آھن انھن سان ڪھڙي قسم جو استحصال ٿيندو آھي؟ اچو ته ان تي نظر ڦيرائجي. اسان جي اسڪولن ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ ڪو به ادارو ناھي جيڪو انھن جي حفاظت ڪري. ملڪ ۾ جسماني مار تي پابندي آھي پر انجي باوجود اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني مار ڏني ويندي آھي، مائٽ اعتراض نٿا ڪن پر خوش ٿا ٿين، جھڙي طرح مدرسن جي ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا اھڙي طرح اسڪولن ۾ڪيترن ٻارن سان استادن جي زيادتي يا رستن تي ايندي ويندي ٻارن سان جنسي ڏاڍايون ٿين ٿيون پر اھي رپورٽ نٿيون ٿين. منھنجي ذاتي تجربي جو ھڪ واقعو آهي ھڪ اين جي او ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسڪولن ۾ اسان کي سي سي يعني ٻارن جا اسڪول ڪلب ٺاھڻا ھئا. ھڪ ڏينھن ٽيم سان گڏ ھڪ اسڪول جي وزٽ تي نڪتس. ٻارن سان ڪچھري ڪندي محسوس ڪيو ته ٻار استاد جي سامھون کلي نه پيا ڳالھائي سگھن، مان استادن کي عرض ڪيو اوھان ٻاھر وڃو مان ٻارن سان ڪچھري ڪرڻ ٿو گھران، جڏھن استاد ٻاھر ويا ٻارن شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ته اسان وٽ ھڪ استاد ٻارن سان جنسي حرڪتون ڪندو آھي پر سمجھه ئي نٿو اچي ڪنھن کي ٻڌايون جنهن ڪري ڪافي ٻار اسڪول ڇڏي وياآهن. اسان جي اڪثريتي اسڪولن ۾ پڻ ٻارن سان جنسي ڏاڍايون ٿينديون آھن جيڪي رپورٽ نٿيون ٿين. رپورٽ گھڻو ڪري اھي ڪيس ٿيندا آھن جن ۾ ٻار کي ماريو ويندو آھي يا مرڻ جھڙو ڪري ڇڏبو آھي.
حڪومت کي گھرجي ته ٻارن جي حفاظت لاءِ ھر ضلعي ۾ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر رکي جڏھن ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي 2011ع ته موجود آھي پر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ھن اٿارٽي کي ھلائڻ لاءِ سنجيده نٿي لڳي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *