تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ٻهروپيا ماڻھو!

انسان فطرت جي شاهڪار تخليق جو هڪ نمونو آهي، انسان هن ڪائنات ۾ واحد اهڙو وجود آهي جيڪو سوچي ٿو لوچي ٿو بري ڀلي جي پرک پروڙ رکي ٿو عادت، گڻ، لڇڻ خصلت، سيرت، چڱائي ۽ مزاج ۾ منفرد آهي! انسان سڀني مخلوقات ۾ مهان آهي پر سندس مهانتا تڏهن ظهور پذير ٿئي ٿي جڏهن ان جي اندر احساسن جا اولڙا ۽ ٻين جا  ڏک درد پيڙائون ۽ تڪليفون پنهنجي هينئن ۾ دکندي محسوس ڪري ٿو! ٻين جي زحمت کي پنهنجو ايذاءُ سمجهي ٿو، اڪثريت لوڪ جي اسان وٽ جانورن مثل ان جي ڪري آهي جو هو نفس جي پوراءُ ڪرڻ ۾ رڌل آهن! ان جي ئي ڪري هو ٻين جو احساس ڪونه ٿا ڪن! اسان جو معاشرو ايڏو ته بيحس ظالم بڻجي ويو آھي جو ڪرپٽ ماڻهن کي به سونا تاج پارايو ڇڏي. ڪرپٽ مافيا جو ايڏو وڏو راڄ آهي جو ان تي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي سگهن ٿا ۽ ڪافي اهڙا داستان موجود آهن!اسان جي زندگي جيئن ته تسلسل آهي مختلف مرحلن منجهان گذرڻ ۽ تجربن منجهان پار پوڻ جي،ان ڪري هر انسان جي زندگي جا انوکا ۽ منفرد پنهنجا رنگ ڍنگ ۽ مثال هوندا آهن. جڏهن ته هر ماڻهو جي ڪا ڪرت مسلسل هوندي ته اها ڪٿي نه ڪٿي ظاهر ٿي پوندي آهي.ڪيترائي ماڻهو گڏ ويهڻ ،کائڻ پيئڻ وارا اندر ۾ ٻين جي لاءِ نانگ پاليو گهمندا رهن ٿا ،صرف ان انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪٿي موقعو ملي ته ڏنگ هڻون! انسان جي زبان ۾ زهر جي ڳوٿري آهي
جڏهن اها ڏنگڻ لڳي ٿي ته اهو انهن جي لفظن ۾ نمايان ٿي ٽمڻ لڳي ٿي! جيئن ڪنهن ڳوٿري کي سوراخ ٿئي ۽ ان منجهان ڪا شي وهڻ لڳي. ماڻهوءَ جي ظاهري شڪل و شبيھه سهڻو هجڻ مان اها مراد نه آهي ته ڪو هو اندر جو به ايترو ئي اجرو هجي! اڪثر مون هن وقت تائين جيڪو ڏٺو ،پسيو ۽ پڙهيو آهي اهو اهو ته سچا ۽ سٺا انسان جيڪي ٻين جي لاءِ برو نه ٿا سوچين ،سچ ڳالهائيندا آهن ،۽ برن ماڻهن کي برو چون ٿا! انهن کي تڪليفون به ملنديون رهنديون آهن! ڪوڙ جلديءَ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺي ٿو. ماڻهوءَ جو ٻهروپيو هجڻ سندس لاءِ نقصان ته آهي ئي آهي پر هو ٻين انسانن کي پنهنجي اندر ڀريل ان مادي مڇر وانگر جيئڻ نه ٿو ڏئي جنهن جي اندر زهر ڀريل پلازموڊيم هوندو آهي!خير مليريا جو وري به علاج ٿي ٿو وڃي پر اهڙن ٻهروپين جي ڏنگڻ جو علاج ته هن جديد دور ۾ به ممڪن ناهي ٿي سگهيو!
انسان ازل کان وٺي پنهنجي نسل جو ئي دشمن رهيو آهي اهو فطري عمل ته نه چئجي پر خاندان منجهان جيڪي جيوڙا اسان ۾ منتقل ٿين ٿا اهي ئي اهڙا ڪڌا ڪم انسان کان ڪرائين ٿا انسان جي زندگي تمام ٿورڙي ۽ مختصر آهي خبر نه آهي ماڻهو ايترو زهر ڪيئن اوڳاڇين ٿا ۽ ٻين کي ڏنگين ٿا هيءَ زندگي ته گلزار آهي جنهن کي صرف پيار محبت سان رنگين بڻائجي، محبتون ورهائجن ۽ سمائجن، ٻهروپيو ماڻهو هن سماج ۽ انسان ذات جو ازلي دشمن آهي، ان جو ڪٿي به هجڻ انسان ذات جي لاءِ صرف نقصان جو سبب ئي بڻجي سگهي ٿو. سندن ڪردار ڪنهن کان لڪل نه هوندو آهي پر پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي اڳيان معتبر مهان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي سٺا ۽ نيڪ هجن مطلب ته جيئن ماڻهو هوندو اهڙي ڳالھه ڪندا. سندن ڪردار ۽ زبان ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي ڪندا هڪڙو ۽ چوندا ٻيو آهن.
سنڌ جي عوام هميشه اهڙن ٻهروپين ماڻهن جي شناخت نه ڪري سگهيو آهي! تڏهن ئي وقت بوقت سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا لڳندا رهيا آهن، سچ ۽ ڪوڙ پنهنجي اصلي صورت يا حالت ۾ تمام گهٽ نظر اچن ٿا. انهن جا بي انداز روپ ۽ ٻهروپ هوندا آهن. اڪثر هڪ خوار ۽ خراب ڪوڙي ڳالهه جي جاءِ ٻي ان جي برعڪس ڪوڙي ڳالهه وٺي ٿي، ۽ اها سورنهن سينگار ڪيو، ديوين ۽ ديوتائن جيان پوڄي وڃي ٿي. ان جي برعڪس سچ جي شڪل اهڙي ڊيڄاريندڙ ٺاهي ويندي آهي جو انهن جي ويجهو ويندي به ماڻهو کي ڊپ لڳندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *