Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_urckkjfj2e5qokoc706r9iit9s, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻولين جي قومي حيثيت ۽ انهن جو خاموش موت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻولين جي قومي حيثيت ۽ انهن جو خاموش موت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٻولين جي قومي حيثيت ۽ انهن جو خاموش موت

هاڻي دنيا ۾  سڌريل قومن کي سندن مادري زبانن کي وڌ کان وڌ ترقي ڏيارڻ جي  اوني اچي ورايو آھي، اها تمام سٺي ڳالھه آھي، ڇاڪاڻ ته ٻولين سان ئي قومن جا وجود، ثقافتون ۽ ڌرتي جي سڃاڻپ برقرار رهندي آھي. مادري ٻولي ڏاڍي مٺي ٿيندي آھي، اها ان ڪري به جو ان ۾  ابتدائي اظھارڻ ٿيندو آھي، پينگهي ۾  مٺي لولي جي سفر کان جواني تائين محبوب سان محبت جي اظهار جي ٻول ٻولڻ تائين  اهائي مادري ٻولي هوندي  آھي، جيڪا انساني وجود ۾  خوشيون  ڀري ٿي، ته ڪڏھن غمن جي انبارن جي صورت ۾  ڪو درد ڀريو گيت نڙي مان بي ساختا نڪري هوائن جي جهولن ۾ ڪوهين ڏور هليو وڃي ٿو ۽ اندر جو بار هلڪو ٿئي ٿو. ٻولي انسان جي نه فقط سڃاڻپ بڻجي ٿي، ليڪن اها تڪليف ۾  واهر جو وسيلو به هوندي آھي، ان ۾ مدد لاءِ پڪاربو  آھي، ان ۾  ئي اشارن جي ادا هوندي آھي، ٻولي ڪڏھن دشمن تي ڪڪرن جي گجگوڙ جيان وڏو وار به هوندي آھي ته ڪڏھن اڌ رات اونداهي ۾ محبوب جي سامهون انهن سڀني لڙڪن جي حساب جيان هوندي آھي، جيڪي محبوب کان جدائي ۾ ڳاڙيا ويندا آھن. ٻولي محبوب سان اهو وچن هوندو آھي، جيڪو ساهه جي آخري هڏڪي تائين  نه ٽٽندو آھي، ٻولي سانوڻ جي وسڪارن  جو اهو سڏ آھي جيڪو هڪ ڀٽ کان ٻي ڀٽ تائين ٻڌي  ورنائبو آھي، ٻولي  سج جو اهو پهريون ڪرڻو آھي جيڪو  سڀ  کان پهرين گهاٽي ڪونڀٽ جي ٿڙ تي پوندو آھي ٻولي  اڃايل ڪونجن جي اها ڪرلاءُ آھي جا اڌ رات جي سناٽي ۾ سمهڻ نه ڏيندي آھي ۽ روح ۾  نئين اوک ڊوک پيدا ڪندي آھي جا  نيٺ صحرا  جي نيڻن ۾  شبنم بڻجي باک ڦٽي ۾  وسڻ   لڳندي آھي.
ٻولي هوا جي ان جهوٽي جيان هوندي آھي جيڪو آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ اوچتو ڪڪر ڪار ٿيڻ پڄاڻان  پهاڙن جي چوٽين تان شور مچائيندو لهسيل لڱن ۾ نئين لونءِ پيدا ڪندو آھي. ٻولي پرهه جي پکين جي لات به آھي ، ته وري گڊ جي اها دانهن آھي، جا چانڊوڪي ۾ پهاڙ جي چوٽي تان ڏيندو آھي، ٻولي ڄارڻ جي چنگ جي صدا به آھي، ته محبوب جي اها ادا به آھي جنهن تان  ڪيئي راءِ ڏياچ جهڙا عاشق ڪنڌ ڪوري ڏيئي ٿا ڇڏين هر ماڻھو لاءِ مادري ٻولي  سندس لاءِ ايئن هوندي آھي ، جيئن ننڍپڻ ۾ ماءُ جي ڪوسي هنجھه، ان  ڪري عالم جا اڪابر سندن مادري ٻولين  جي واڌ ويجھه لاءِ ايئن  ڪوشان هوندا آھن جيئن ڪڙمي پنهنجي فصل جي سنگ سنگ لاءِ ڪوشان هوندو آھي.دنيا ۾  سوين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون  پر هن  وقت گهڻو ڳالهايون ويندڙ ٻولين ۾، مدرين چائينيز، انگريزي، اسپيني، عربي هندي ملائي۽ رشين اچي وڃن ٿيون،  پاڪ و هنڌ ۾ ڪيتريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو موجود آهن جن ۾ ھندي، سنڌي، بنگالي،  پشتو، پنجابي، بلوچي ۽ سرائيڪي  ٻولين ڳالهائڻ وارا ماڻھو آهن.پندرهين ۽ سورھين صدي ۾ دهلي ۾ مغل راڄ دوران  فارسي  دفتري ٻولي طور رائج ھئي، ان دوران فارسي پڙهيل ماڻھن کي سرڪاري ملاز متن۾ رکيو ويندو هو، فارسي زبان جو اهو دور  مغلن بادشاهن کان ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين موجود رهيو ، ان کان اڳ سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ سنسڪرت ۽ پراڪرت جو واهپو جام هو، ميرن جي دور ۾ به سرڪاري لکپڙهه فارسي ۾ ئي ٿيندي رهي.انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ٺاهڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪندي هڪ سنڌي عالمن جي ڪميٽي ٺاهي ويئي جنهن ۾ منشي اڌارام ٿانوداس، مرزا صادق علي بيگ  ۽ ٻيا شامل هئا جن 1853ع ۾ ان ڪميٽي هاڻوڪي ٻاونجهاهين حرفي عربي سنڌي آئيويٽا ٺاهي راس ڪئي، جنهن ۾ سنڌي فارسي، عربي ٻولين جا اکر شامل ڪيا ويا. ان کان اڳ ۾ ديونا گري لپي ۾ سنڌي ٻولي جي لک پڙهه ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ سترهن سئو عيسوي ۾  مولوي ابو الحسن سنڌي  خانگي طور عربي فارسي حرفن جي ملاوت سان هڪ عارضي الف ب ٺاهي هئي،جنهن ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيا ويا  ليڪن اها الف ب گهڻو وقت ڪارگر نه رهي، جنهنڪري  موجوده الفابيٽ رائج ڪئي ويئي.
سنڌي زبان تمام قديم زبان آھي، موئن جي دڙي  جي شھر ۾ به سنڌي ڳالهائي ويندي هئي، عالمن جو خيال آھي ته سنڌي ٻولي جي عمر پنج هزار سال آھي، ڀيرومل مهر چند موجب  هندي، پنجابي  بنگالي، مرهاٽي ۽ گجراتي سنڌي ٻولي جون ڀينرون آھن، سنڌي انهن ٻولين سان گڏ  اوڀرنش  پراڪرت مان نڪتي ، جڏھن ته سر رچرڊ برٽن  سنڌي  ٻولي کي  سنسڪرت مان نڪتل ڏيکاريو  آھي، جڏھن ته ڪجھه عالم سنڌي ٻولي کي سنسڪرت جي ڀيڻ سڏين ٿا. سنڌي ٻولي ۾  ڪيتريون نزاڪتون ۽ نڪتا آھن، جنهن ڪري هو  ھندستان جي اولهائين ٻولين کان  گهڻو سرس آھي، سنڌي ٻولي  لفظن جي گهڻائي۽ گوناگوني ڪري نهايت برجستي آھي. اسان  جي آڏو  اهو اهم سوال موجود آھي ته اسان پنهنجي سنڌي ٻولي کي ڪهڙي ترقي وٺائي آھي ؟ ڏ ک جي ڳالھه اها آھي ته اسان جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ اڃان قومي ٻولي جو درجو ماڻي نه سگهي آھي، جڏھن  ته هندستان ۾  سنڌي ٻولي  هندستاني  ٻين ٻولين سان گڏ علاقائي قومي ٻولين جو مقام ماڻي چڪي آھي.
ڪنهن ٻولي جو موت تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ان ٻولي ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو وڃي ٿو، مون کي ان وقت تعجب لڳو جڏھن ڪيئي سال اڳ ٿر ياترا دوران وسندڙ برسات ۾ اسان شو مندر ۾ وڃي رهيا هئاسين، ان دوران اسان جي سونهين جنهن جو نالو غالبن جمن هو، مارواڙي ٿي ڳالهائي، مون هن کي چيو ته مارواڙي جا ڪجھه لفظ اسان کي سمجھه ۾ نه ٿا اچن، تون سنڌي ڳالهائي، تنهن تي هن ٺھه پھه جواب ڏنو ته مارواڙي اسان جي مادري ٻولي آھي اها ئي ڳالهائبي جيڪي ماڻھو اباڻي ٻولي ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندا آھن ته اها ٻولي مري ويندي آھي. هڪ اندازي موجب دنيا ۾  پندرهن سئو ٻوليون مري چڪيون آھن،  جن ۾  سنسڪرت ۽ ٻيون ٻوليون اچي وڃن ٿيون،  ٻوليون ڪنهن انسان جانور، پکي يا ٻي جيوت وانگي هڪ ڏينهن ۾ ڪونه  ٿيون  مرن، انهن ۾  ادب سرجڻ  جو  واڌارو  نه ٿيڻ، قومي ليول تي ان کي ترقي نه وٺائڻ  ۽ ٻين   سببن   ڪري اهي ٻوليون  سندن  خاموش موت ڏانهن  آھستي آھستي  ڌڪبيون رهنديون آھن۽ صدين پڄاڻان خاموش موت مري وينديون آھن. پنهنجي مادري ٻولي سان پيار ڪندڙ قومون ان ٻولي جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙينديون آھن، ايتري حد تائين جو ان مٿان سر به گهوري ڇڏينديون آھن، جيئن بنگالين سندن ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ  ايڪويھه فيبروري اوڻيهه سئو اٺيتاليھه تي  رمنا واري علائقي ۾ جلوس ڪڍي  بنگال جي صوبائي اسيمبلي ۾ ياداشتنامون پيش ڪرڻ ٿي چاهيو، ليڪن پوليس هڪ سئو چوئيتاليھه جو قلم هئڻ جو چئي کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي،  جنهن تان گوڙ ٿي ويو پوليس کين روڪڻ ۾ ناڪامي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. اهڙي  طرح اسرائيلن به سندن اصلي ٻولي عبراني کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ماڻھن کي هر حال ۾ سندن مادري ٻولي ۾ ڳالهائڻ  جو پا بند ڪيو، يهودين  اها ڪوشش ان لاءِ  ورتي ته ڪٿي سندن  قديمي عبراني ٻولي  سندن  ملڪ ۾ اهڙي طرح نه گهٽجي وڃي، جيئن  سردين جي موسم ۾ سنڌو درياءَ  جو وهڪرو  وڃائجي ويندوآھي. برطانيا، آمريڪا سميت  ٻين ملڪن ۾ جتي انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙن جي گهڻائي آھي اهي اتي لازمي طور انگريزي ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن ڪري انگريزي ٻولي دنيا جي ٻين ٻولين کي وڃي ٿي پوئتي ڌڪيندي.
جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي  علاقائي ٻوليون آھن ، جن  ٻولين کي پنهنجي  صورتخطي ڪونهي ، انهن علاقائي ٻولين ۾ ادب  جو ذخيرو  ناهي ، اهڙين ٻولين کي  شاهوڪار ٻولين جي ڀيٽ ۾  غريب ٻوليون سڏيو وڃي ٿو، مادري ٻولي ڪنهن قوم لاءِ ايئن هوندي آھي، جيئن اڃايل  روجهن  لاءِ  پاڻي جو چشمو. سنڌي ٻولي  دنيا جي وڏين ٻولين ۾ پنجاهين نمبر تي موجود آھي ، هن وقت تائين سنڌي ٻولي نه فقط  پاڪستان ، هندستان ۾ گهڻي تعداد ۾  ڳالهائي وڃي ٿي ،  جڏھن ته  دبئي  ، لنڊن ،آمريڪا۽ ٻين  ملڪن ۾ جتي جتي  سنڌي ماڻھو  نوڪرين  واپار سانگي رهن ٿا اتي گهٽ تعداد ۾ئي سهي پر سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي ٻولي جو ادب  ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين تائين پهچي ٿو ، سنڌي ٻولي  کي مادري قومي ٻولين جي درجو ڏيارڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪوشش ٿيندي رهي آھي ، پر ان کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ  جي ضرورت آھي ، ان لاءِ  سنڌي چونڊيل نمائندن کان ويندي ، ساڃاهه وندن ، اديبن ، شاعرن ، سگهڙن ،  فنڪارن ۽  شعور رکندڙ سڀني ماڻھن جي اهم ذميداري  بڻجي  ٿي ته هو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ته جيئن دنيا جي شاهوڪار ٻولين وانگي اسان جي مادري ٻولي سنڌي قومي ٻولي بڻجڻ سان گڏ عالمي سطح تي شاهو  ڪار ٻولي جو درجو ماڻي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *