تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ واڌارو ته نه ڪيو

سنڌ اندر برساتن جيڪا تباهي مچائي آهي ان جو اظهار سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ٻڌائي چڪو آهي، ذري گھٽ اڌ سنڌ موجوده برساتن سبب ٻُڏي وئي آهي، جنهن ۾ فصل ته تباھه ٿيا آهن پر هن وقت به هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، اهڙي تباهي ۽ نقصانن تي وڏو وزير سيدمراد عليشاھه وفاق کان شڪايتون ڪري رهيو آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي مالڪي ناهي ٿي. مراد علي شاھه جو اهو موقف پنهنجي جاءِ تي 100 سيڪڙو درست آهي ۽ صوبائي حڪومت طرفان ورتل ڪوششن تي وري ضلعن جي انتظاميا يا وار حڪمران پارٽي جي مقامي قيادت پاڻي ڦيري ٿي ڇڏي جنهن جو تازو مثال سجاول ضلعي مان گذريل ڏينهن آيل اهي خبرون آهن جن مطابق ته ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾راشن ورهائڻ تان به پ پ پ جا اڳواڻ پاڻ ۾اٽڪي پيا آهن، هي ڪو نئون قصو ناهي اسان وٽ ماڻهن جي سهائتا کان وڌيڪ نمائش، ڏيکاءُ ۽ پاڻ وڻائڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آهي، ڪورونا جي قهري ڏينهن ۾جڏهن وڏي وزير تڪڙو تحرڪ ورتو جنهن جي ملڪي سطح تي ميڊيا ۾ساراهيو پئي ويو پر مقامي قيادت ۽ ضلعي انتظاميا جي حالت اها هئي جو 20 رپين جو صابڻ ڏئي50_50 ڄڻا تصويرون ڪڍرائي ميڊيا کي گھمائيندا هئا، هڪ اٽي جي ٿيلهي جي لاءِ ٻوڏ ۾ ورتل مسڪين ماڻهن کي سڄو سڄو ڏينهن ان ڪري قطارن ۾ بيهاري انتظار ڪرايو ويندو آهي ته ڪو “صاحب” اچي اٽي جي ٿيلهي ڏئي فوٽو ڪڍرائي. هڪ ته برساتن ماڻهن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي ته مٿان وري هن نمائشي سياستدانن ۽ ڪامورن ماڻهن کي ڏکوئڻ ۾ڪا ڪثر ناهي ڇڏي. سجاول مان ته حڪمران جماعت جي اڳواڻن جي هن ڄنڊا پٽ جون خبرون ميڊيا ۾ پهتيون آهن پر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ذري گھٽ ساڳئي صورتحال آهي، اسان جا حڪمران پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري خير سگالي جذبي تحت هڪ ٻئي سان ناهن وڙهندا پر ان ڳالهه تي وڙهندا آهن ته اهو راشن سندن خاص ماڻهن کي ڇو نه مليو؟ هن وقت به سانگهڙ، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، بدين، سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ هزارين ماڻهو برسات سبب روڊن، رستن، بندن ۽ شاخن جي ڪنارن تي ويٺل آهن، انهن ماڻهن جي تڪڙي سهائتا جي سخت ضرورت آهي، اهڙي موقعي تي حڪمران جماعت جي اڳواڻن کي هڪ ٻئي جا پير ڇڪڻ ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ بدران مصيبت ۾ ڦاٿل پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گھرجي. هي جيڪي ماڻهو برسات جي تباهين سبب دربدر آهن اهي انهن ئي حڪمران جماعت جي اڳواڻن جا ووٽر به آهن، انهن جي ووٽن تي هي ايم پي اي ۽ ايم اين اي، وزير توڙي صلاحڪار ۽ سينيٽر ٿيا آهن ان ڪري هن ڏکئي وقت ۾ سڀني کي وڌ کان وڌ ڌيان ماڻهن جو سهارو ٿيڻ تي ڏيڻ گھرجي. ٻوڏ متاثر ماڻهن جي اڃان ته صرف سهائتا جو مرحلو هلي رهيو آهي جنهن ۾ کين راشن ۽ خيما ڏيڻ دوران ئي اڳواڻن جا پاڻ ۾اختلاف شروع ٿيا آهن، اڃان ته برسات جو پاڻي ئي نيڪال ناهي ٿيو، اڃان ته اها به سروي به ناهي ٿي ته ڪنهن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، پهريان پاڻي نڪرندو ان بعد زمينون پوکي لاءِ بڻجنديون. ان لاءِ ڀاڻ ۽ ٻج سميت ماڻهن جي مدد لاءِ سرڪار کي اهم فيصلا ڪرڻا آهن.
اسان سمجهو ٿا ته اها پ پ جي مرڪزي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي ان معاملي جو نوٽيس وٺن سنڌ جو وڏو وزير انهي ضلعي انتظاميا کان پڇاڻو ڪري جيڪي متاثر ماڻهن ۾ امداد ورهائڻ جا ذميوار آهن ۽ پارٽي قيادت انهن ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي انهي رويئي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جيڪي راشن جي بيگ ۽ خيمي تان پاڻ ۾ وڙهي تڪليف ۾ ورتل ٻوڏ متاثر ماڻهن جو وقت به وڃائي رهيا آهن ته انهن جي تڪيلفن ۾ به اضافو ڪري رهيا آهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *