تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ٻوڏ متاثرن کي بک ۽ بيمارين کان ته بچايو !

ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾ لکين ماڻهو هن وقت جنهن عذاب مان گذري رهيا آهن ان جو اندازو انهن کانسواءِ شايد ئي ٻيو ڪو لڳائي سگهي،ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي ته حڪومت ۽ انتظاميا برساتون حد کان وڌيڪ پوڻ جو جواز ڄاڻائي پنهنجي ڪوتاهين ۽ لاپرواهين کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کان پوءِ انهن علائقن ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي ڪنهن جي کاتي ۾ وجهندي يا ڪيئن لڪائي سگهندي؟ ٻوڏ متاثر علائقن مان جيڪي خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن انهن مان ته ايئن لڳي رهيو آهي ماڻهو لاچار ۽ بيوس بڻيل آهن ۽ ٻوڏ متاثر علائقا ڄڻ ته سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جي حدن کان ئي ٻاهر آهن.
ڪاڇي کان وٺي ميرپور خاص ، بدين ۽ ٻين علائقن بابت جيڪا سروي رپورٽ حڪومت پاڻ جاري ڪئي آهي ان مطابق لکين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن هزارن جي تعداد ۾ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جيڪي گهر بچيا آهن انهن ۾ به 3 کان 4 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي،ڪاڇو ته سڄو پاڻي هيٺ آهي، ميرپورخاص ۽ بدين جا اهي علائقا جتي سم نالن کي گهارا لڳا آهن اهي هفتو گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري ڪٿي به پاڻي گهٽ يا نيڪال نه ٿيو آهي رهندو گهارن مان ايندڙ پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي رهيو آهي. اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته انتظاميا ڪيئن ماڻهن کي بي آسري ڇڏي ڏنو آهي.برساتون بند ٿيڻ ۽ سج نڪرڻ کانپوءِ چوڦير برساتي پاڻي بيٺل هئڻ ڪري انهن علائقن ۾ بيمارين اچي منهن ڪڍيو آهي.برسات ۽ ٻوڏ جي مصيبت ۽ تڪليف ته ماڻهو قدرتي آفت سمجهي سهي ويا يا ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انتظاميا جي نااهلي جي ڪري جيڪا هي ٻي مصيبت اچي انهن تي ڪڙڪي آهي ان کي هو ڪيئن منهن ڏئي سگهندا؟ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته آخر حڪومت ماڻهن کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ڏنو آهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نه ڪي امدادي ڪم ايڏي تيزي سان ٿيندي نظر اچي رهيا آهن جنهن نموني جي تباهي ٿي آهي نه ئي هاڻي جيڪي بيماريون پيدا ٿيون آهن انهن کان بچاءُ لاءِ انهن علائقن ۾ ڪي طبي امدادي ٽيمون يا ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.ڇا سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا کي اها خبر يا اندازو نه هو ته جيڪي علائقا ٻڏل آهن ۽ اتي لکين ماڻهو پاڻي هيٺ آهن ته اتي ڪي بيماريون پيدا ٿينديون يا ماڻهو کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ کي منهن ڏيندا هوندا؟ انهن علائقن مان گيسٽرو سبب ماڻهن جي مرڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ،سوين ماڻهو گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ،جڏهن ته اهي به خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ته ماڻهن کي لاش دفنائڻ لاءِ به ميلن جا ميل پاڻي جهاڳي وڃڻو ٿو پوي.
انتظاميا برساتن وسندي سم نالن کي لڳل گهارا ته بند نه ڪرائي سگهي پر هفتو گذرڻ کانپوءِ به انتظاميا ۾ ايتري اهليت ناهي جو اها گهارا بند ڪرائي سگهي ،حڪومت برسات هوندي ماڻهن کي ريسڪيو نه پئي ڪري سگهي ته ڇا برسات بند ٿيڻ کانپوءِ به انهن متاثر ماڻهن تائين کاڌ خوراڪ پهچائڻ کان به قاصر آهي؟ ڇا انتظاميا ۽ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪي طبي ڪئمپون نه ٿي لڳائي سگهي يا امدادي ٽيمون به نه ٿي موڪلي سگهي؟ جيڪڏهن حڪومت اهي ڪم به نه ٿي ڪري سگهي ته اهو سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ حڪومتي بي ڌياني ۽ انتظامي نااهلي سبب هڪ ٻيو الميوهوندو جنهن جي ذميواري مان ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪوبه جواز نه هوندو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *