تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ٻيٽ، ٻيڙياتا ۽ ٻگها

شام لڙي ٿي، ٻيٽ تان  بيھي نظر ڊوڙائجي ٿي ته پاڻي ۾ هنجرون ترندي نظر ٿيون اچن ڪنڌين کان ڪانهه جي ٻوڙن مان تترن جي تنوار نوائي ۾ ڪائنات جو خوبصورت سڏ محسوس ٿئي ٿو، دور کان وڻن جون قطارون ۽ چراگاهن ۾ چرندڙ چوپايو، نڙ وڄائيندڙ ڌنار ۽ ڪنڌي کان لڳل رڇ تي ملاحن جا ٻارڙا واهوندي جي لڳندڙ ھوا، بس ڇا ته ڪائنات لڳي ٿي ، ڪائنات جي خوبصورت ماٺار ۽ ٻگهه پکين جي آھيرن ڏي اڏام،  گهڙي کن لاءِ سڀ ڪجھه وسري ٿو وڃي، آرامده گهر، بالڪني ۾ لڳندڙ ھوا جو احساس، وڏن شھرن ۾  ماڻھن جي اچ وڃ، ويڪريون شاهراهون ، رات جون حسين محفلون ،  زندگي جا سارا  حسين خواب.
اها سانجھه ان ننڍڙي ٻيٽ مٿان پئجي رهي هئي، جنهن ٻيٽ کي هڪڙي پاسي کان پاڻي ڇڏي چڪو هو، هڪڙو سوڙھو ۽ ور وڪڙ وارو رستو ان جي مٿان اڏيل  ڪکائين گهرن تائين ويو ٿي، ان ننڍڙي ڳوٺڙي جي لوڙھي ٻاهران هڪ لانڍي ۾ پيل کٽولو ۽ هڪ پاسي کان پيل مٽي جو ٿلهو، جنهن جي هڪ ڪنڊ اندر هڪ ڏيئو پيل آھي، جنهن جي آس پاس ڪاراڻ، هڪ سيڪنڊ لاءِ اکين کي جهٻٽي ٿي، اها ڪاراڻ شايد ان ڪري ھجي ٿي جو ٻرندڙ ڏيئي جي دونهون ڪارين راتين کي وڌيڪ گهرو ڪارو ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو، ان ڪاراڻ ۾ رهندڙ ماڻھو وڌيڪ سخت ۽ رنگ ۾ ايئن هجن ٿا، جيئن تتل رڻ ۾  رلندڙماڻھو ڪاراٽيل هوندا آھن.
 جڏھن گهٽائون ٻيٽ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لڳن ٿيون  ته هڪ پوڙهو اچي ٿو، اچي ڏيئو دکائي ٿو، پوڙھي کي ايندي ڏسي ڪوئي هڪل ڪري ٿو، چاچو گگن.
لانڍي جي ٻاهران آڪاش ۾ ستارا ٽمڪي رهيا آھن، دور کان ٻيٽ تي ٻرندڙ ڏيئن جي روشني جي لاٽ،  ساري وانڍ ۾ ٻرندڙ ڏيئا ايئن ڀاسن ٿا، جيئن پوهه جي پوئين رات ۾ آڪاش ۾ ٽمڪندڙ تارا، سرد رات ۾ لڳندڙ ھوائن ٻيٽ جي ڪنارن کان نسريل ڪانهن کي جڏھن ڌوڻيو ٿي ته رات جي خاموشي ٽٽي ٿي پيئي ۽ هڪ اڻڄاتل شور وجود کي  ڇرڪائي ٿي وڌو.
گگن ڏيئو ٻارڻ کان پوءِ ڏيئي جي مڌم روشني ۾ اسان کي ڪيتري وقت کان تعجب سان گهوريندي گهوريندي ڪجھه ڳالهائڻ ٿي چاهيو پر الائي ڇو هو گهڻو وقت خاموش رهيو ۽ پوءِ ڳلو صاف ڪري ڳالهائڻ لڳو. اوهان کي شايد هتي ڀئو لڳي ليڪن خاموش دنيا جو سڪون هتي ئي ملندوآھي اها ٻي ڳالھه آھي ته هتي انساني زندگي هن جديد دور ۾ ڪيئي صديون پوئتي واري زندگي آھي، هتي ماڻھو  آمدرفت ، صحت ، تعليم ۽ ٻين سهولتن کان پري آھن. مال جا ولر، دريائن جي پاڻي جو شور ، پکين جون ٻوليون ، وڻن جون ڇانئون ، راتين جون ڀيانڪ اونداهيون ۽ کير جهڙيون چانڊوڪيون، هنن علائقن جون فطرتي خوبصورتيون آھن. هتان جي ماڻھن جي گذر سفر جو وسيلو فقط مڇي جو شڪار آھي، اهو شڪار  لڳو ته چاندي ٿي پوندي جيڪڏھن ن ته ٻيڻان سور.گگن اهي سڀ ڳالهيون يڪي ساهي ۾ چئي ويٺو.
هي ٻيٽ ڪيئن ٺھيا، ٻيٽن جي ارتقا ڪيئن آھي، ٻيٽن تي زندگي ڪيئن هجي ٿي، مون ڌيمي سوال ڪري ڇڏيا، گگن هڪ دفعو ٻيهر پري اونداهي تي نظر وڌي ڄڻ ھن کي ڪجھه وسري ويو هجي يا وري يادن جي پالوٽ ۾ وڃي ٻڌل ۽ ڏٺل ڳالهين جي آڌار هن ڪجھه ٻڌائڻ ٿي چاهيو. هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو، اڪثر ٻيٽ دريائن جي وهڪرن سان جڙندا آھن. درياءَ جڏھن سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪندا آھن ته اتي ٻيٽ ٺھي پوندا آھن، توهان کي ڪيترائي ٻيٽ سمنڊن ۾ به دور دور  ملندا آھن جيڪي سمنڊن جي سطح وڌڻ سان پوئتي هٽي ويندا آھن ۽ سمنڊ اڳيان نڪرندا آھن دنيا  جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻيٽ آھن. جن ۾ جپان، فجي، بنگلاديش، انڊونيشيا، فلپائين ۽ پاڪستان سميت ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان وٽ  ڪراچي جي ساحلي علائقي جي سمنڊ ۾ ننڍا وڏا ڏيڍسئو کن جي لڳ ڀڳ ٻيٽ آھن ،جن مان ڪجھه ٻيٽن تي انساني آبادي رهي ٿي، انهن ٻيٽن ۾ نه رڳو انساني آبادي رهي ٿي پر اتي جانور ۽ پکي به رهن ٿا ، انهن ٻيٽن ۾ وڻ به گهڻي تعداد ۾ موجود آھن ٻين وڻن کان علاوه تمر جا وڻ به گهڻي تعداد ۾ موجود آھن جيڪي سامونڊي طوفانن سان سينو ساهين ٿا. هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته حڪومت انهن ٻيٽن تي قبضو ڪري صدين کان اتان جي رهاڪن کي بيدخل ڪرڻ جو رٿيو آھي، ايئن ڪرڻ سان نه فقط اتان جي غريب انساني آبادي متاثر ٿيندي پر پکي جانور وڻ ٽڻ به ختم ٿي ويندا ،هو اهو ٻڌائڻ کان پوءِ ٻيهر خاموش ٿي ويو. هن پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ان کي ڇڪڻ شروع ڪيو پن ٻيڙي مان نڪرندڙ دونهن هن جي ميرانجهڙن وارن ۾ وچڙندو فضا ۾ گم ٿي ويو ٿي. ڏيئي جي مڌم روشني ۾ سندس چهري جو ڪانگ پيرو ۽ سليٽي رنگ وڌيڪ گهرو ٿي نظر آيو، گگن پوري پني قد جو گهاٽي ڊگهي اڇي ڏاڙھي سان  کٿو ويڙھيل عمر جي پوئين وهي جو لڳو ٿي، مون گگن کان وڌيڪ ٻيٽن جي حوالي سان پڇڻ ٿي گهريو ليڪن هو اٿيو ۽ لٺ ھٿ ۾ کڻي گهري اونداهي ڏانهن هليو ويو، گگن ڪيڏانھن هليو ويو آ اوچتو؟ مون سوال ڪيو.
هو گهڻو ڪري اٺن جي وڳ ڏانهن هليو ويو هوندو اتي موجود ڪنهن همراهه جواب ڏنو.
پوءِ مون کي اوچتو ياد آيو ته ڪراچي جي هڪ ٻيٽ ۾ جتي ابراهيم شاهه هڙھي واري جو ميلو لڳندو آھي اتي به ڪا وڏي دنيا آباد آھي، اها ڳالھه پهلوان باگو  چانڊيو ڪندو هو ، هو اتي لڳندڙ ملاکڙن ۾  پهلواني جي زور آزمائي ڪرڻ ويندو هو، هڪ دفعي مون تي به زور ڀريو هيائين ته مون سان گڏ سمنڊ ۾ ميلي تي هل ، ليڪن آئون وڃي نه سگهيو هوس.
 هن وقت ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي حڪومت قبضو ڪري ٻاهرين سرمائيدارن کي شھر اڏڻ لاءِ وڪڻي ڏيڻ ٿي گهريا ليڪن سنڌي ماڻھن جي سخت احتجاج سبب مرڪزي حڪومت ڪجھه پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي آھي، سنڌ حڪومت به ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته اهي ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھن انهن تي صوبائي حڪومت جي رضامندي کانسواءِ ڪو به شهر اڏي نه ٿو سگهجي.
ٻيٽن جي فطرتي سونهن توڙي سماجي اهميت نه فقط ٻيٽن ۾ رهندڙ ماڻھن لاءِ اهم آھي ليڪن ٻيٽن کان دور رهندڙ ماڻھن لاءِ به وڌيڪ اهم آھي، ڇاڪاڻ ته اهي عام ماڻھن لاءِ تفريح گاهه جو باعث بڻجن ٿا.
شاهه لطيف به سر سهڻي ۾ ٻيٽن جو ذڪر ڪيو آھي
ڪانڌي ڪنگ ٿياس ، وهڻ جنازو سهڻي
ٻگھا جي ٻيٽن جا ،  تن ڪلها ڏناس
اکئين ملڪ ڏٺاس ، من ڪاڍو ميهار ڏي
شاهه لطيف دريائي ٻيٽن جو ذڪر ڪيو آھي، جيتوڻيڪ درياءَ ۾  وڏا ٻيٽ نه ٿيندا آھن اتي ڪهريون هونديون آھن، جتي وڻن جا ٻيلا ٿيندا آھن جتي سر ۽ ڪانهه ب وڏي مقدار ۾ ٿيندي آھي انهن ننڍڙن ٻيٽن تي به مالوند ماڻھو رهندا آھن، درياءَ کان ٻاهر ڪچي جو علائقو سڏبو آھي سنڌ جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ رهندڙ ماڻھو درياءَ جي بند کان ٻاهرئين علائقي کي ٻيلو به سڏيندا آھن، جتي برساتن دوران گاهه ٿيندا آھن، جتي پري پري کان مالوند مال ڪاهي اچي اتي مال کي گاهه چاريندا آھن، وڏا ٻيٽ سمنڊن ۾ ٿيندا آھن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود ٻيٽن ۾  اڄ به انساني آبادي موجود آھي.
رات خاموشي سان گهڻي گذري چڪي هئي، ماڪ جو ڪوهيڙو ڇانئجي چڪو هو چوپائي جي چڙن جا آواز رات جي سانت کي ڄڻ نهنڊون پائي رهيا هئا، ڏيئو اجهامي چڪو هو ،باک جي اچڻ جو يقين تڏھن ٿيو جڏھن ٻيٽ جي مٿانهين  هنڌ موجود ڪکائين مسجد مان آذان جو اوچتو آواز گونجيو ، آذان جي آواز سان  اتان جي دنيا اکيون مهٽي جاڳي پيئي ، لڳو ٿي ته ستل ٻيٽ جاڳي پيا آھن ، مون کي ان وقت يقين ٿي ويوهو ته جيستائين ٻيٽن جي دنيا جاڳي پيئي ، تيستائين ٻيٽ ٻئي ڪنهن جا ڪڏھن به نه ٿيندا.
جيئن جيئن ڀنڀرڪو تيز روشن ٿيندو ٿئي ويو ته ڪوئي بزرگ فجر نمازکان پوءِ هٿ مٿي کڻي دعا گهرڻ لڳي ٿوته ان ويلي منهنجي ڪنن ۾  ڀٽائي جي هي دعا گونجڻ لڳي ٿي
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *