تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس وٺڻ ۾ دير ڇو ؟

ٻيٽن بابت جاري ٿيل آرڊيننس واپس نه وٺڻ واري معاملي تي جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن تيئن تيئن سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جا احتجاج جاري آهن روز ڪٿي نه ڪٿي مظاهرا ٿي رهيا آهن سياسي پارٽيون ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ساڃاهه وند پريس ڪانفرنسن کان وٺي سوشل ميڊيا تي ٻيٽن بابت پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن پر لڳي ٿو وفاقي حڪومت انهي آواز کي مسلسل نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ اڃان تائين آرڊيننس ذريعي اٿارٽي ٺاهي ٻيٽن تي پنهنجي قبضي جي ڪوشش کي برقرار رکڻ چاهي ٿي.ماضي ۾ عوام جي آواز تي ڌيان نه ڏيڻ جا انتهائي منفي نتيجا نڪري چڪا آهن پر لڳي ٿو حڪمرانن کي انهن جي پرواهه ئي ناهي يا وري حڪومتي ٽيم ۾ اهڙا ناعاقبت انديش ماڻهو ويٺا آهن جيڪي نه سمجهندي يا ڄاڻي واڻي اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن جيئن وفاق ۽ صوبا آمهون سامهون اچي وڃن. ڇو ته هي رڳو وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاملو ناهي پر هي سمنڊ سان لڳندڙ صوبن جي عوام ۽ ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند قوتن جو معاملو آهي جيڪي ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت هلائڻ چاهين ٿا انهي ڪري ڪنهن به صورت ۾ اهي اهڙي غير آئيني آرڊيننس کي قبول نه ڪنديون.
اڳ ۾ به ٻيٽن تي وفاق جي قبضي يا آرڊيننس ذريعي اٿارٽي ٺاهڻ واري ڳالهه تڏهن ظاهر ٿي جڏهن آئلينڊز اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ٿيو تڏهن خبر پئي ته وفاق رات جي اونداهي ۾ ٻه مهينا اڳ اهو آرڊيننس جاري ڪري اٿارٽي ٺاهي چڪو آهي جنهن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ انهي آرڊيننس ۽ اٿارٽي خلاف احتجاج شروع ٿيو ۽ ٻيٽن تائين ٻيڙين ۽ هوڙن ذريعي احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي جنهن کي فورسز ٻيٽن تائين وڃڻ نه ڏنو سنڌ ۾ انهي آرڊيننس خلاف هڙتال به ٿي چڪي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به انهي خلاف قراردادون جمع ٿي چڪيون آهن،سنڌ سرڪار به سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت ان ردعمل کي ڏسي گورنر کي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪري ان کي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت اهو اعلان ڪيو آهي ته آرڊيننس جي واپسي تائين وفاق سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون جنهن کان پوءِ هڪڙي اها اميد پيدا ٿي هئي ته وفاق انهن سڀني ڳالهين، احتجاجن ۽ عوامي ردعمل کي ڏسي آرڊيننس کي جاري ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ان کي واپس وٺندو، پر لڳي ايئن ٿو ته وفاق ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جو مثال اهو اشتهار آهي جيڪو هيڏي وڏي پئماني تي ردعمل کانپوءِ به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ڪمپنين کان آڇون طلب ڪيون ويون آهن.آئلينڊ اٿارٽي عالمي ۽ مقامي ڪنسلٽنٽ فرمن کان ماسٽر پلان ۽ انجنيئرنگ ڊزائين لاءِ ٻن هفتن اندر تجويزون گهرايون آهن اهڙو اشتهار مختلف اخبارن ۾ ڇپيو آهي.جڏهن سنڌ حڪومت ،سنڌ جو عوام ۽ ايتري تائين جو ملڪ جي وڏي ۾ وڏي مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه به ان آرڊيننس کي ردڪندي ٻيٽن کي سنڌ جي ملڪيت قرار ڏنو آهي ۽ انهي آرڊيننس کي ئي غير آئيني سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته ان جي بنياد تي ٺهيل آئلينڊ اٿارٽي ڪهڙي حيثيٽ ۾ اشتهار جاري ڪري آڇون طلب ڪري رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت هيڏي وڏي مخالفت ۽ عوامي ردعمل کي نظرانداز ڪري غلطي ڪري رهي آهي جڏهن آئين ئي ٻيٽن کي صوبي جي ملڪيت قرار ڏئي ٿو ته ان جي رضامندي کانسواءِ اهڙي قسم جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم رهي اٿارٽي کي برقرار رکيو ته ان کي صوبن جي ملڪيت تي قبضو ئي تصور ڪيو ويندو تنهن ڪري وفاق کي پنهنجي فيصلي تان فوري طور هٿ کڻي آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *