Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8rfk701o86uf920spak8sblkou, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن بابت آرڊيننس ۽ پ پ جي سهولتڪاري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن بابت آرڊيننس ۽ پ پ جي سهولتڪاري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٻيٽن بابت آرڊيننس ۽ پ پ جي سهولتڪاري

سئي بلوچستان جي ضلعي ڊيرابگٽي جي هڪ تعلقي هيڊڪوارٽر جو نالو آھي جتان ملڪ اندر سڀ کان اڳ نڪتل قدرتي گيس جو نالو ئي سئي گيس پئجي ويو . سئي مان نڪتل گيس سوين هزارين ڪلوميٽر جي فاصلي تي پنجاب ، ڪي پي جي شهرن، علائقن کي ته فراهم ٿي پر سئي شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا ان سهولت کان محروم رهيا. جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي ۽ حڪومت ۾ اختلاف ايترا وڌيا جو ڊيرابگٽي، سئي جو علائقو ڄڻ ته جنگ جو ميدان هو تڏهن گنهگار اکين سان ڏٺو هو ته سئي شهر ۾ ماڻهو گيس ڪنيڪشن نه هجڻ ڪري گذرندڙ پائيپ لائينن مان گيس استعمال ڪري رهيا هئا جنهن کي سرڪار غيرقانوني ڪنيڪشن قرار ڏئي رهي هئي، سچ ته مون کي اهو ڏسي سئي شهر جي انهن ماڻهن جي قانون جي خلاف ورزي تي ڪاوڙ نه آئي هئي ڇو ته انهن سان سالن جي عرصي کان ٿيل زيادتي جو درد، پيڙا ايتري وڏي آھي جو اها زيادتي انسان جي ضمير کي جنجهوڙي روح ئي زخمي ڪري ڇڏي ٿي.
تازو ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران خان به هڪ تقريب کي خطاب ڪري بلوچستان جي انهي سئي شهر جو نالو وٺي اهو اعتراف ڪندي چيو هو ته “ اتان نڪتل گيس سڄي ملڪ کي ته ملي وئي پر اتان جي ماڻهن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي هن وقت به پٿر جي دور ۾ رهي رهيا آھن ” شايد اهڙو احساس پيپلزپارٽي جي 2008ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ قائم حڪومت ۽ آئين ۾ ترميمن لاءِ ميان رضا رباني جي سربراهي ۾ جوڙيل آئيني ڪاميٽي کي به ٿيو ۽ ايئن 18هين آئيني ترميم ذريعي تيل ،گيس جهڙن قدرتي وسيلن ۾ صوبن کي پنجاهه سيڪڙو حصيدار بنائڻ سان گڏ صوبن مان نڪرندڙ گيس جي استعمال تي پهريون حق به گيس پيداوار ڪندڙ صوبن جو قرار ڏنو ويو ،پر ايترو وقت گذرڻ کانپوءِ به تيل ،گيس جي پيداوار ۾ پنجاهه سيڪڙو مالڪي رکندڙ صوبن کي انتظامي مامرن ۾ حصيدار بنائڻ جو نه نظام جڙي سگهيو نه ئي گيس پيدا ڪندڙ صوبن کي گيس جي استعمال تي پهريون آئيني حق ئي ملي سگهيو آھي،
ايتري تائين جو جنهن وزير اعظم عمران خان سئي شهر جي زيادتي جو ذڪر ڪندي انهي شهر جي ماڻهن جي زندگي کي پٿر جي دور سان ڀيٽ ڏني، ان عمران خان جي حڪومت گيس پيداوار ڏيندڙ صوبن جي گيس استعمال تي تسليم ٿيل پهريون آئيني حق واري آئين جي آرٽيڪل کي تسليم ڪرڻ لاءِ به تيار نه آھي. جنرل ايوب خان جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ توانائي جو وفاقي وزير عمر ايوب قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا اهو شد مد سان چئي چڪو آھي ته آئين جي آرٽيڪل 158 جي تشريح جي ضرورت آھي اهو موقف وفاقي حڪومت جي ان ذهنيت کي وائکو ڪري ٿو جنهن سئي شهر کي جائز حق کان اڃان تائين محروم رکيو آھي اها ذهنيت بلوچستان جي گيس وسيلن جو استعمال ڪري چڪي ۽ سالن جي عرصي کان سنڌ صوبي سان بلوچستان جي سئي شهر کان گهٽ زيادتي نه ٿي رهي آهي جيڪو ملڪ اندر ڪل گيس پيداوار ۾ 72 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو. هاڻ ته گيس استعمال ۽ ان ملڪيت ۾ آئيني طور صوبا 50 سيڪڙو جا مالڪ آهن،پوءِ به صوبن کي آئيني حق ڏيڻ بجاءِ انهن جي وسيلن جو استحصال جاري آھي. اهو ئي سبب آھي جو قدرتي وسيلن جي حوالي سان خوشحال ۽ امير سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جا شهري بنيادي سهولتن کان به محروم آھن. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران کي اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارڙن مان لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو ٻار غذائي سهولتن کان محروم آھن هي ان سنڌ صوبي جي غربت جي تصوير وزيراعظم آڏوپيش ڪئي وئي جيڪو سمنڊ ۽ پورٽ ڪري ملڪ جي ڪل آمدني ۾ لڳ ڀڳ اسي سيڪڙو حصو ڏئي ٿو. ڳالهه سمنڊ تي ان ڪري آندي آھي جو سنڌ سان تازو نسورو ناحق ٿيڻ جي داستان جا ڪجهه پاسا ، حقيقتون ۽ سوال پڙهندڙن سامهون رکڻ گهران ٿو.
وزير اعظم عمران خان جي سفارش تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ڄائي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان آئي لينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ آرڊيننس نمبر يارنهن 2020ع جاري ڪيو جنهن کي ٻه سيپٽمبر 2020ع تي گزيٽ پاڪستان ۾ شايع ڪيو ويو، ڪو به آرڊيننس گزيٽ ٿيڻ بعد عوام لاءِ پڌرو تصور ٿيندو آھي پر ان جي ڪاپي قومي اسيمبلي سوڌو نيشنل لائبريري ۾ به ڳولڻ باوجود نه ملي سگهي، نه ئي آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي ٿيل اجلاسن ۾ ئي پيش ڪيو ويو. آئين ۾ ته واضح لکيل آھي ته آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد سينيٽ يا قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿئي ته ان ۾ آرڊيننس پيش ڪيو وڃي پر انهي آئيني گهرج ۽ ذميواري کي وفاقي حڪومت پورو ڪرڻ مناسب نه سمجهو ،جنهن سان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي به حق تلفي ٿي. خير وفاقي حڪومت لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين آئي لينڊز اٿارٽي لاءِ جاري آرڊيننس کي منظر تي آڻڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پر سوال هي آھي ته انهي آرڊيننس جاري ٿيڻ بابت ڇا واقعي صحافين ۽ عام ماڻهن وانگر سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت به بي خبر هئي ؟ مون لاءِ اها ڳالهه نه رڳو حيرت جوڳي آھي پر سمجهه کان به بالاتر آھي ڇو ته صوبائي حڪومتن ۾ قانون وزارت وٽ ته هر گزيٽ نوٽيفڪيشن ايندو آھي
صوبن جي ايڊوڪيٽ جنرلز جي آفيسن ۾ به گزيٽ نوٽيفڪيشن ضروري ايندا آھن جيڪڏهن آرڊيننس جي گزيٽ نوٽيفڪيشن کي سنڌ حڪومت ڏسي نه سگهي ته اها ان جي وڏي نااهلي آھي، خير جڏهن آرڊيننس کي پنهنجي اخبار تفصيل سان رپورٽ ڪيو ته سنڌ ۾ سياسي سماجي ڌريون سراپا احتجاج ٿي روڊن تي نڪرڻ لڳيون ،سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا نامنظور جو ٽرينڊ لڳاتار جاري رهيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي انتهائي سخت بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته “مان وفاقي حڪومت کان سوال ڪيان ٿو ته والاريل ڪشمير کي ڦٻائڻ لاءِ مودي حڪومت پاران کنيل قدمن کان وفاقي حڪومت پاران آئي لينڊز اٿارٽي جي قيام لاءِ جاري آرڊيننس ڪيئن مختلف آھي” بلاول ڀٽو جي بيان کي پڙهي ڪجهه وقت لاءِ ته محسوس ٿيو ته آئي لينڊز اٿارٽي جي قيام لاءِ جاري آرڊيننس بابت سنڌ حڪومت کي پتو نه هوندو پر بلاول ڀٽو جي بيان بعد وفاقي حڪومت به سنڌ حڪومت سامهون اچي وئي جڏهن بلاول جي بيان بعد جهاز راني جي وفاقي وزير علي زيدي ڀنڊاڙ آئي لينڊ تي منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ لينڊ يوٽلائيزيشن جي سيڪريٽري اعجاز بلوچ جي صحي سان سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت کي ڏنل اجازت نامو ٽوئيٽ جو جواب ٽوئيٽ سان ڏيندي سامهون آندو، جنهن ليٽر ۾ واضح طور لکيل آھي ته سنڌ ڪابينه اهڙي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنهن بعد ته اهو سمجهڻ ڏکيو نه آھي ته سنڌ حڪومت کي آرڊيننس جاري ٿيڻ جو اڳواٽ ئي پتو هو سوال هي آھي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهڙي اجازت سنڌ جي بهتري لاءِ ڏني هئي ته اهو ليٽر سنڌ حڪومت پاڻ ڇو نه عوام لاءِ جاري ڪيو؟ ۽ آرڊيننس جاري ٿيڻ جي هڪ مهيني دوران ان وقت تائين ڇو خاموش هئي جيستائين ڀاڳين وانگر سنڌ جا ماڻهو جاڳي سامهون نه آيا ؟ سوال هي به آھي ته جڏهن آئيني طور تي ٻيٽ سنڌ صوبي جي ملڪيت آھي ته صوبائي ملڪيت لاءِ وفاقي حڪومت قانونسازي ڪيئن ڪري سگهي ٿي ؟ ڇا سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري جو اڌ صفحي جو ليٽر صوبائي اسيمبلي جي قانونسازي جي آئيني حق کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟
سوال ته هي به آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو مقصد واقعي ئي صوبي جي ڀلائي هو ته اهو ڪم سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ صوبي جي اسيمبلي مان قانونسازي ذريعي ڇو نه پئي ٿي سگهيو ؟ جيڪڏهن ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن ته آرڊيننس ۾ ڀنڊاڙ، ڏنگي ٻيٽن جي زمين کي ڪيئن وفاقي ملڪيت قرار ڏيندي اٿارٽي کي وڪرو ڪرڻ ،ليز تي ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا ؟ ميان رضا رباني جهڙا آئيني ماهر آرڊيننس کي غير آئيني ۽ 18 ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ قرار ڏئي رهيا آھن. سنڌ حڪومت ٻيٽن بابت اجازت نامو ڏئي صوبي جي حقن تان ڄڻ ته دستبردار ٿي وئي پر عوام جي شديد ردعمل سبب سنڌ حڪومت وفاق کي 6 جولاءِ 2020ع تي ڏنل اجازت نامو 6 آڪٽوبر تي واپس ورتو پر آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت جي اجازت نامي واپس وٺڻ سان ڇا آرڊيننس واپس ٿي ويندو ؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن بابت سنڌ حڪومت کي به معلوم آھي ته اهو ڪم ايترو آسان نه آھي. ڏسجي ته ان آرڊيننس کي رد ڪرائڻ جو مخالف ڌر وٽ رستو موجود آھي مخالف ڌر جي سينيٽ ۾ اڪثريت آھي اتي قرارداد پيش ڪري ان آرڊيننس کي رد ڪرائي سگهجي ٿو پر پاڪستان پيپلز پارٽي حيرت ۾ وجهندڙ فيصلو ڪندي مخالف ڌر جي اڪثريت واري سينيٽ جي ايوان بجاءِ پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس خلاف قومي اسيمبلي ۾قرارداد جمع ڪرائي آهي. گذريل اربع ڏينهن تي پيپلزپارٽي جي ميمبرن سيد نويد قمر، شازيه مري، راجا پرويز اشرف، ڄام عبدالڪريم بجار، عبدالقادر پٽيل، نواب يوسف ٽالپر، نفيسا شاهه ۽ آغا رفيع الله جي صحيحن سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ آئي لينڊز اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ قرارداد جمع ڪرائي وئي آھي حيرت ان ڪري به ٿي رهي آھي جو اهو آرڊيننس اڃان اسيمبلي ۾ پيش ئي نه ٿيو آھي ان ڪري اهو بهانو بڻائي اسيمبلي سيڪريٽريٽ آرڊيننس رد ڪرڻ جي قرارداد ايجنڊا تي نه آڻيندي. جيڪڏهن آرڊيننس کي رد ڪرڻ جي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد اچي به وڃي ته ڇا ان کي منظور ڪرائي سگهبو؟گڏيل پارليامينٽ ۾ اڪثريت باوجود مخالف ڌر حڪومت کي شڪست نه ڏئي سگهي ته قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هوندي هي قرارداد ڪيئن منظور ڪرائي سگهندي؟ پ پ کي اها قرارداد قومي اسيمبلي بدران سينيٽ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ آڻڻ گهرجي.
پر وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڀنڊاڙ آئي لينڊ تي شهر اڏڻ جي منصوبي بابت اجلاس بعد گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهيون اهڙيون آھن جن کي ٻڌڻ بعد خبر ناهي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان ڪيئن ڳالهيون ڪندي؟ ان کان به وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن وفاقي وزير علي زيدي موجب ڀنڊاڙ سوڌو ٻيا ڪيترائي ٻيٽ 1983ع کان وفاق جي ملڪيت آھن ته پوءِ بابت سنڌ سرڪار کان کين اين او سي وٺڻ جي ضرورت ڇو پئي؟ جيڪڏهن اهي وفاقي ملڪيت آھن ته وزير اعظم گورنر سنڌ کي سنڌ حڪومت سان ڳالهائڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڇو هدايت ڪئي آھي؟ گورنر سنڌ چواڻي ته ڀنڊاڙ آئي لينڊ کي اسلام آباد کڻي نٿا اچون، واقعي اهو ٻيٽ اسلام آباد آڻڻ ممڪن نه آھي نه ته ان لاءِ به ڪوشش ٿي چڪي هجي ها، جيئن ته اهو ٻيٽ اسلام آباد نٿو اچي سگهي ان ڪري اسلام آباد پاڻ ان ٻيٽ تي پهتو آھي ۽ اهو اسلام آباد جنهن سان نه رڳو سنڌ پر ٽنهي ننڍن صوبن کي شڪايتون آھن ان اسلام آباد کي سنڌ جي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ لاءِ ٻيٽ تي اچڻ جو خيال ڇو آيو آھي وفاق ڀلي ڪجهه نه چوي پر هرڪوئي سڀ ڪجهه سمجهي رهيو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *