Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_bcepf88p5ksu2p5n2jrsh0gn0v, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن بابت سنڌ سرڪار جي خاموشي ۽ عوامي ردعمل - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن بابت سنڌ سرڪار جي خاموشي ۽ عوامي ردعمل - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ٻيٽن بابت سنڌ سرڪار جي خاموشي ۽ عوامي ردعمل

ارباب رحيم صرف هڪ سيٽ تي سنڌ جو وزيراعليٰ بڻيو ۽ انهيءَ خلاف پيپلز پارٽي جي رڙ پئي پوندي هئي ته متحده سان اتحادي حڪومت جي ڪري سنڌ دشمني جا کيس مهڻا به پيا ملندا هئا. سندس ئي دور ۾ وفاقي حڪومت ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ دبئي جي هڪ نجي ڪمپني کي ترقي ڪرڻ لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو .سنڌ جي مجموعي قومپرست جماعتن توڙي سماجي تنظيمن انهي جي مخالفت جو بينر کنيو ته پيپلز پارٽي جيڪا اقتدار کان انهي وقت ٻاهر هئي تنهن به انهي بينر ۾ هٿ وجهي جدوجهد جي اڳواڻي ڪرڻ شروع ڪئي. ارباب رحيم نيٺ سنڌ جي روينيو ۽ لينڊ ڊپارٽمينت کان هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪرائي اهو ثابت ڪيو ته اهي ٻئي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ڪنهن به طرح اهي نه قاسم پورٽ کي ڏنل آهن ۽ نه وري اهي ڪنهن دفاعي اداري کي ڏنل آهن. انهي سان گڏوگڏ اهو موقف پڻ اختيار ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو انهي ٻيٽن کي وفاق جي حڪم تحت ڪنهن به ڪمپني کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن تنهنڪري وفاق اهو فيصلو واپس وٺي، اهڙي طرح اهو فيصلو مشرف جي دور ۾ وفاقي سرڪار کي واپس وٺڻو پئجي ويو ۽ سنڌ جا ٻيٽ ارباب رحيم بچائي ورتا.
انهي بعد پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت دوران جڏهن صدر آصف زرداري بڻيو تڏهن اهي ٻيٽ وري ملڪ رياض کي ڏيڻ جون ڳالهيون هليون، پر چون ٿا ته سيد قائم علي شاهه انهي وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هو اهو آصف زرداري کي انهي فيصلي تان ڪهڙي طرح به روڪڻ ۾ ڪامياب ويو. اڄ وري پي ٽي آءِ جي حڪمراني ۾ هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي، ترقي جي نالي تي، سنڌ جي زمين کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري انهي جو اختيار وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ لاءِ هڪڙي اٿارٽي جوڙي وئي آهي. اهڙو فيصلو جنهن تي انهي کان پهرين سنڌ جي عوام پنهنجي اجتماعي راءِ انڪار ۾ ڏئي چڪو هجي، انهي کي رد ڪرڻ لاءِ روڊن رستن تي تحريڪ هلائي چڪو هجي انهي فيصلي کي وري ورجائڻ مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جي عوام جي راءِ، انهي جي حقن ۽ قومي مفادن جي تحفظ واري سوچ وارن احساسن جو پاڪستان جي فيڊريشن ۾ ڪنهن کي ڪو قدر يا لاچار ڪونهي. سنڌ جي عوام جي پنهنجي ڌرتي سان محبت هڪ فطري عمل آهي ۽ انهي ڌرتي جي مالڪي جو حق رکڻ يا انهي جي وسيلن تي پنهنجي مالڪي جو حق رکڻ اهو سندن فطري حق آهي.
سنڌ جو عوام ڪنهن به طرح سنڌ جي ترقي جو مخالف ڪونهي. اهو يقينن چاهي ٿو ته سنڌ جا ٻيٽ، ريگستان، جبل، ڍنڍون ۽ ڍورا سڀ ترقي ڪن، پر انهي ترقي جي نالي تي انهن سڀني جو اختيار ۽ مالڪي ته سنڌين وٽ هجي. هي ڪهڙي ترقي آهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪا شراڪت ئي نه هجي !؟ حيرت ته اها آهي ته اها پيپلز پارٽي جنهن ارباب رحيم جي دور ۾ انهن ئي ٻيٽن جي ترقي تي احتجاجي تحريڪن جي اڳواڻي پئي ڪئي ۽ ارباب رحيم کي سنڌ دشمن پئي سڏيو اڄ جڏهن سنڌ جي حڪمراني انهن وٽ آهي ۽ ايتري اڪثريت آهي جو ڪنهن ٻئي جي کين محتاجي به ڪونهي تنهن باوجود به سنڌ حڪومت اهڙي صدارتي آرڊيننس تي هن وقت تائين خاموش آهي. سنڌ جي وزيراعليٰ ڪو هڪ به جملو اهڙو نه چيو آهي ته ڪو سنڌ سرڪار انهي فيصلي کي رد ڪري ٿي يا انهي تي ڪا اسيمبلي سيشن سڏائي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي جي اها مجرماڻي خاموشي اهو ڏس پئي ڏئي ته سنڌ جي زمين جي مالڪي ڪرڻ کان وڌيڪ انهن جي لاءِ اهم اقتدار آهي ۽ انهي اقتدار جي وسيلي سنڌ جي ناڻي جي لٽ مار ڪرڻ آهي.
پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 144 تحت جيڪڏهن ڪو به قانون جيڪو صوبائي مرضي جي ۽ مفادن جي خلاف هجي ته صوبائي اسيمبلي انهي‏ءَ ۾ ڪا به ترميم يا انهي کي رد ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. جڏهن اهڙو اختيار سنڌ جي اسيمبلي کي مليل آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي جيڪڏهن انهي سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي تي صدارتي آرڊيننس سان سهمت ناهي ته اسيمبلي مان انهي کي رد ڪرائڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪري. اها ڪا نئين ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪونهي اسان کي ياد آهي ته جڏهن وفاقي حڪومت پوليس سڌارن جو هڪ آرڊيننس آندو هو ته انهي کي ساڳي انهي پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي مان رد ڪرايو هو ته پوءِ اڄ هي آرڊيننس سنڌ اسيمبلي مان رد ڇو ڪونه ٿو ڪرائي سگهجي؟ پر ڇاڪاڻ ته پوليس سڌارن واري آرڊيننس ۾ سنڌ حڪومت جي ننڍڙن مفادن جو لاچار هو انهي ڪري انهي کي ته هو رد ڪرائڻ لاءِ انهي آئين جي شق جو سهارو وٺي ان کي رد ڪرائي ويا، پر هتي هنن جي بگ باس جي ڪاروباري مفادن جي تحفظ جو جيڪڏهن معاملو هوندو ته پوءِ ڀلي سنڌ جي زمين نيلام ٿئي انهي سان سنڌ سرڪار جو ڇا!
حقيقت اها آهي ته جڏهن ڪراچي وفاق کي ڏيڻ جون ڳالهيو شروع ڪيون ويون تڏهن کان ئي اسان کي اندازو ٿي رهيو هو ته نگاهه ڪٿي آهي ۽ نشانو ڪهڙو لڳايو ويندو. ڪراچي جي وفاق حوالي ڪرڻ واري شوشي جي پٺيان اصل مقصد انهن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ هيو جيڪو انهي وقت وڌيڪ چٽو نظر اچڻ شروع ٿيو جڏهن آصف زرداري چين جي سفارتڪار سان ملاقات ڪئي. هاڻي لڳي ايئن ٿو ته جيڪو ڪجهه هتي جي مقامي ڪمپنين جي نالي تي سنڌ جي ٻيٽن جي ترقي جو جيڪو دهل وڄايو وڃي ٿو اصل ۾ اڃان معاملا انهي کان به ڪجهه اڳتي هوندا. انهي تي گهڻو بحث ڪرڻ جي بجاءِ هن وقت صرف انهي تي نظر ٿا وجهون ته انهي فيصلي سان سنڌ جو نقصان ڪهڙو ٿيندو ۽ انهي کي روڪرائي ڪيئن سگهجي ٿو.
مٿي به جيئن مون ذڪر ڪيو ته سنڌ جو عوام ترقي جو مخالف ڪونهي پر هر اها ترقي جيڪا سنڌ جي مالڪي سنڌ جي ماڻهن کي کسي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪئي ويندي ته اها کين قبول نه هوندي. پاڪستان جي وفاق ۾ قومي شناخت رکندڙ وحدتن جو سڀ کان اهم مسئلو انهن جي قومي شناخت جو تحفظ، وسيلن تي مالڪي ۽ حق حڪمراني رهيو آهي. جهڙي طرح وفاق سنڌ جي زمين کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري انهي جي ترقي ڪرڻ گهري ٿو انهي سان اهو احساس پيدا ٿيڻ جائز آهي ته جيڪڏهن وفاق سنڌ جي ٻيٽن جي ترقي چاهي ٿو ته انهي جو اختيار سنڌ جي حوالي هوندي ڇو ڪونه ٿو ٿي سگهي؟ ڇا لاهور جي ميٽرو سسٽم جي قيام لاءِ يا پشاور جي بي آر ٽي منصوبي لاءِ لاهور ۽ پشاور ڪنهن صدارتي آرڊيننس وسيلي وفاق جي ڪنٽرول هيٺ ڏنا ويا؟ جي نه ته پوءِ هي ڪهڙي ترقي آهي جنهن ۾ اختيار سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪري پوءِ ترقي ڪئي پئي وڃي .انهي جو مطلب اهو ٿيو ته ترقي اصل مقصد ڪونهي، پر انهن ٻيٽن تي مالڪي جو حق اصل مقصد آهي، ته پوءِ جڏهن مالڪي جو مسئلو سامهون اچي ته سنڌ جا ماڻهو انهي جي مخالفت ڇو نه ڪن. وفاق سنڌ اندر جيڪڏهن ڪنهن به ترقي جو خواهشمند آهي ته انهي لاءِ ڪا اهڙي رٿا يا اسڪيم منظور ڪئي وڃي جنهن ۾ اختيار مڪمل طرح سنڌ جي ماڻهن جي هٿ ۾ هجن، انهي ترقي تي پهرين مالڪي جو حق سنڌين جو هجي، روزگار کان وٺي اتي جي زمين ڪنهن به ڌارئي کي ڪونه ڏني وڃي ته پوءِ سنڌي اهڙي ترقي جي مخالفت يقينن ڪونه ڪندا؟
پر جي وفاق ايترو ئي بضد آهي ته انهي ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق جي قبضي هيٺ آڻڻ لازم آهي ته پوءِ يقينن سنڌ جو هر فرد اهو چاهي پي ٽي آءِ ۾ ڇو نه هجي اهو به انهي فيصلي جي خلاف اٿي کڙو ٿيندو. انهي فيصلي کي روڪرائڻ لاءِ منهنجي نظر ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جو رستو تنگ ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها انهي فيصلي کي رد ڪرائڻ جي لاءِ اسيمبلي مان قرارداد آڻي جي اها انهي قدم کڻڻ ۾ ناڪام وڃي ته پوءِ ٻيو دڳ رستن تي اچي وفاقي حڪومت کي للڪارڻ جو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻو آهي ته سنڌ جو عوام رڳو سنڌ جي حڪمران جماعت سان ڪونهي، پر سنڌ جي مالڪي جي معاملي تي هر سنڌي پنهنجي قومي غيرت ۽ شعور سان گڏ آهي ۽ اهڙي قومي غيرت ۽ شعور جي جيڪو اڳواڻي ڪندو هو انهي سان گڏ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *