Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qc3cvgjqfrtm1tp81bd16do5hc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن تي قبضو، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو منصوبو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن تي قبضو، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو منصوبو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ٻيٽن تي قبضو، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو منصوبو

وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، اتي نوان شهر اڏڻ، ڪاروباري ۽ صنعتي زون ٺاهڻ، عالمي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي منصوبن سوڌو مختلف منصوبن شروع ڪرڻ لاءِ پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ورتي آهي، وفاقي سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽين کي ملائي هڪ نئون وفاقي يونٽ ٺاهڻ وڃي پئي. صوبن خاص ڪري سنڌ مان اٿارٽي خلاف سخت رد عمل نه اچڻ جي صورت ۾ اڳيون قدم کنيو ويندو ۽ سنڌ توڙي بلوچستان جي سامونڊي علائقن کي ملائي هڪ الڳ وفاقي يونٽ قائم ڪيو ويندو جنهن جا اختيار فقط وفاقي سرڪار وٽ هوندا. سامونڊي علائقن ۾ موجود ٻيٽن سميت ٻي سامونڊي زمين تي ترقياتي منصوبا پڻ فقط وفاقي سرڪار جي مرضي سان شروع ٿي سگهندا، ان ڏس ۾ جاري ڪيل صدارتي آرڊينينس جي روشني ۾ اٿارٽي کان ٻنهي صوبن جي سامونڊي ايريا ۾ ڪم ورتو ويندو، اٿارٽي جي قيام لاءِ صدارتي آرڊيننس ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ڪيو ويو .
جنهن جي چيئرمين جي مقرري لاءِ اشتهار پڻ ڏنو ويو آهي. صدارتي آرڊيننس ۾ پاڪستان آئي لينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي کي غير معمولي اختيار ڏيندي ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن ۾ منصوبا منظور ڪرڻ، منصوبن تي عملدرآمد ڪرائڻ، انهن علائقن ۾ سرچارج، ڊيوٽيز، في ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ سان گڏ ملڪي ۽ عالمي ادارن کان قرض وٺڻ سوڌو ملڪيتون حاصل ڪرڻ، وڪرو ڪرڻ ۽ ليز تي ڏيڻ جا به اختيار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۽ انهن جي ماتحت ادارن کي اٿارٽي جي مدد لاءِ آرڊيننس ذريعي پابند بڻايو ويو آهي. اٿارٽي جو چيئرمين گريڊ 22 ۾ حاضر سروس يا رٽائرڊ ڪاموري سميت ليفٽيننٽ جنرل يا ان کان مٿئين گريڊن ۾ حاضر سروس فوجي يا رٽائرڊ فوجين کي به مقرر ڪري سگهبو، وزيراعظم اٿارٽي جو پيٽرن هوندو،
اٿارٽي سمورا منصوبا منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي پابند هوندي. وزيراعظم جي سفارش تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران جاري ڪيل آرڊيننس ۾ چيو ويوآهي ته هن آرڊيننس کي پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي سان سڏيو ويندو، هن آرڊيننس کي سڄي پاڪستان سوڌو آرڊيننس ۾ نشاندهي ڪيل علائقن ۾ فوري طور لاڳو تصور ڪيو ويندو،اٿارٽي کي ڪارپوريٽ اداري جو درجو حا صل هوندو،
اٿارٽي کي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتون رکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس جي پهرين شيڊول ۾ مخصوص ڪيل علائقن جي حدن ۾ رڳو ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي ڪنهن به ٻيٽ جو نالو شامل نه آهي پر اها گنجائش رکي وئي آهي ته ٻيا نالا شامل ڪري سگهجن. آرڊيننس ۾ پاڪستان آئي لينڊ اٿارٽي جي ڪم، دائري ڪار بابت ڄاڻايو ويو آهي ته اٿارٽي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ ڊولپمينٽ، ترقي لاءِ پاليسيون، هدايتون ۽ حڪمت عمليون جاري ڪري سگهندي، آرڊيننس جي حدن ۾ غير متحرڪ ملڪيتن، مناسب ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪرڻ به اٿارٽي جو ڪم هوندو، نشاندهي ڪيل علائقن ۾ صنعت، سياحت، واپار کي عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ اٿارٽي کي وفاقي حڪومت توڙي لاڳاپيل صوبائي حڪومت کي پاليسيون، قانون ۽ هدايتون تجويز ڪرڻ جو اختيار هوندو. اٿارٽي سيڙپڪارن کي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ رعايتون ڏيڻ لاءِ ٺيڪن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي سميت ٻيا مالي فائدا ڏيڻ جي به حڪومت کي سفارش ڪري سگهندي، اٿارٽي جي پيٽرن يعني وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ اٿارٽي نشاندهي ڪيل هنڌن تي ڊيوٽي فري ايرياز، لاجسٽڪ سينٽر، عالمي سياحت، واپار، سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ ان عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به ڪم ڪري سگهندي.
هن آرڊيننس جي مقصدن جي حاصلات لاءِ لاڳاپيل ايجنسين، وفاقي، صوبائي ۽ مقامي سطح جي ادارن سان ڪوآرڊينيشن ڪرڻ جو به اختيار هوندو، اٿارٽي هن آرڊيننس ۾ ڏنل ذميوارين سوڌو هيٺيون ذميواريون به ادا ڪري سگهندي. اٿارٽي کي ريئل اسٽيٽ، سيڙپڪارن، بانڊن، ٽرسٽن، سڪوڪ بانڊز، پارٽيسيپيشن ٽرمز سرٽيفڪيٽ، ٽرم فنانس سرٽيفڪيٽن سوڌو قرض ۽ رڪوريز ذريعي هر قسم جي فنڊ ريزنگ جو اختيار هوندو، اٿارٽي حڪومتي ادارن، ڊونر ايجنسين، مالياتي ادارن کان مالي امداد ۽ قرض به حاصل ڪري سگهندي. اٿارٽي بجلي پيداوار سوڌو پاڻي، گيس سوڌو ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگهندي، اٿارٽي طئي ٿيل شرطن تحت بلدياتي حڪومت ڪنهن مقامي اٿارٽي کي ڪجهه فنڪشن حوالي ڪري سگهندي، اٿارٽي کي مقصدن جي حاصلات لاءِ ايجنسيون، ڪمپنيون، انهن جون شاخون، ٽرسٽ، سوسائٽيون، ايسوسيئيشنز قائم ڪرڻ ۽ جوائنٽ وينچر ڪرڻ جو به اختيار هوندو.
اٿارٽي جي قيام کان 10 سالن تائين اٿارٽي آمدني تي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي، پنهنجي حدن ۾ اٿارٽي کي پراپرٽي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو، اٿارٽي ڪنهن اسڪيم لاءِ في، رجسٽريشن في، پاڻي، سينيٽيشن في، سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ في، ڊولپمينٽ يا ري ڊولپمينٽ في، ٻيون ڊيوٽيون، ليوي ۽ في لاڳو ۽ طئي ڪرڻ جو به اختيار رکندي. آرڊيننس تحت سيڪنڊ شيڊول جي پارٽ هڪ ۾ ڏنل ڏوهن جي مرتڪب کي ست سال قيد، 5 لک ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، جيڪڏهن اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي اٿارٽي فوري طور تي اهڙي ڏوهه کي ترڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ۽ پوءِ به هو اهو ڏوهه جاري رکي ته هر هڪ ڏينهن تي ان کي 50 هزار جرماني جي سزا ڏئي سگهبي،
جڏهن ته ٻئي شيڊيول جي پارٽ بي ۾ ڏنل ڏوهن جي مرتڪب ٿيندڙ کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، اٿارٽي جي هدايتن باوجود اهڙو ڏوهه جاري رکندڙ کي روزانو 10 هزار ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي. آرڊيننس تحت جيڪڏهن ڪا ڪمپني به خلاف ورزي جي مرتڪب ٿي ته ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي. اهڙو ماسٽر پلان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ جوڙيو ويو هو پر سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جي سنڌ مان سخت مخالفت اچڻ کانپوءِ منصوبي تي عمل روڪيو ويو هو ۽هينئر ٻيهر موجوده وفاقي سرڪار سامونڊي علائقن کي گڏائي وفاق جي انتظام هيٺ ڏيڻ بابت ڪم جي شروعات ڪئي آهي. وفاقي سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقي کي تحويل ۾ وٺڻ چاهي ٿي پر سنڌ ۽ بلوچستان جون سياسي ڌريون سخت مخالفت ڪري رهيون آهن.
وفاقي سرڪار جي پرويز مشرف واري وقت کان وٺي اها خواهش رهي آهي ان سلسلي ۾ هنن ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي پڻ جوڙي ھئي۽ مشرف ڪوسٽل بيلٽ کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي صوبا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي پڻ سخت مخالفت ڪئي وئي ھئي ۽ سخت رد عمل آيو هو ڇاڪاڻ ته هي زمين قومن جي زمين آهي. صدين کان سنڌي،بلوچ،پختون،سرائيڪي ۽ پنجابي رهن ٿا سنڌ جو گادي وارو شهر ڪراچي شروع کان ئي انڊس سولائيزيشن جو حصو رهيو آهي هي آرڊيننس ءِ اٿارٽي آئين جي آرٽيڪل 172 جي خلاف ورزي آهي آرٽيڪل 172 صاف لفظن ۾ چوي ٿو ته ڪا به اهڙي ملڪيت جنهن جو ڪو به قانوني مالڪ نه ھجي اها جنهن صوبي ۾ هوندي ان جو مالڪ صوبو هوندو. سمنڊ قدرت طرفان سنڌ کي هزارين لکين سال اڳ مليل تحفو آهي سدائين سنڌ جو حصو رهيا آهن .
سنڌ حڪومت سنڌ کي داءُ تي لڳائي ڪرپشن بچائڻ لاءِ وسيلا ڏيئي پئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان ايم ڪيو ايم پڻ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ سرگرم نظر اچي پئي، ان وقت آرڊيننس جو سامهون اچڻ ۽ ايم ڪيو ايم پ پ جي وزيرن جي گڏيل وڊيو منظرعام تي اچڻ جنهن ۾ هو چئي رهيا آهن ته اسين سڀ پاڻ ۾ مليل آهيون، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي منصوبي تي هي هڪ آهن،
بظاهر سنڌ حڪومت آرڊيننس جي مخالفت پئي ڪري جڏهن ته سنڌ حڪومت وٽ آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو آئيني رستو پڻ موجود آهي پر هو احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي عوام جو سخت رد عمل ڏسي آرڊيننس جي رڳو لفظي مخالفت ڪري رهي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ جي ڊي اي پڻ خاموش نظر اچي پئي پر هي پهريون ڀيرو نه آهي سنڌ حڪومت اڳ به سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري چڪي آهي جنهن ۾ بحريا ٽائون جي زمين ۽ ذوالفقارآباد منصوبا سهرفرست آهن پر هينئر سنڌ کي مڪمل ٻه ٽڪر ڪرڻ جو منصوبو سامهون آيو آهي جنهن تي سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ پنهجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *