Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kfn79o19ku0lvd8sqpcvaqhpp3, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش خلاف ٻريل سنڌ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش خلاف ٻريل سنڌ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش خلاف ٻريل سنڌ

سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان سياسي ماٺار بعد ٻيٽن جي اشو سنڌ جي سياسي ماحول کي وري گرم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. نومبر جيتوڻيڪ ٿڌ جو مهينو سڏيو وڃي ٿو پر ان جي پهرين تاريخ تي سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي شهر حيدرآباد جي رستن تي ٿيل احتجاج سياسي ماٺار کي گرم ڪري ڇڏيو. اهو احتجاج سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي والار لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس خلاف هو ۽ ان احتجاج جو سڏ مختلف قومپرست، ترقي پسند ۽ هڪ مذهبي جماعت تي مشتمل سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڏنو هو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ عوامي تحريڪ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ جا 2 ڌڙا، جمعيت علماءِ اسلام، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ قومي پارٽي، عوامي ورڪز پارٽي ۽ نيشنل پارٽي شامل آهن. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر شپ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي وٽ آهي. ٻيٽن جي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي گل سينٽر کان نڪتي جيڪا فاطمه جناح روڊ، ايس ايس پي چوڪ ۽ گاڏي کاتي کان ٿيندي گول بلڊنگ وٽ پهتي جتي اها ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ريلي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به هڪ وڏو انگ شامل هو. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ مختلف جماعتن جا جهنڊا، بينرز ۽ پلي ڪارڊز هئا جن تي سنڌ جي ٻيٽن جي والار خلاف نعرا لکيل هئا جڏهن ته ريلي ۾ شامل ماڻهو مختلف نعرا هڻندا پنهنجي منزل طرف وڌندا رهيا.
گول بلڊنگ وٽ احتجاجي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويل ريلي ۾ شامل ماڻهن کي ڄاڻايل جماعتن جي اڳواڻن خطاب ڪيو. جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪو اسٽيج تيار نه ڪيو ويو هو ۽ هڪ مزدا تي اسپيڪر رکي اڳواڻن کي خطاب لاءِ گهرايو پئي ويو. صحافين لاءِ ڪوريج واسطي به ڪا مخصوص جاءِ موجود نه هئي ان ڪري صحافي پنهنجي پنهنجي انداز سان ريلي جي ڪوريج ڪندا رهيا حالانڪه پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن کي دعوتون ڏئي گهرايو ويو هو. صرف ڪئمرامينن ۽ فوٽو گرافرن جي سهولت لاءِ ٻه چار صندل رکيا ويا ته جيئن اتان ڪئميرائون جلسي ۾ شريڪ ماڻهن ۽ اڳواڻن کي رڪارڊ ڪنديون رهن. ايڪشن ڪميٽي جو ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جلسي واري هنڌ موجود نظر آيو پر طبعيت ٺيڪ نه هجڻ جي ڪري هن خطاب نه ڪيو. ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل ڪجهه اڳواڻ ريلي سان گڏ جلسي واري هنڌ پهتا جڏهن ته ڪجهه اڳواڻ جلسي واري هنڌ پنهنجي گاڏين ۾ چڙهي شريڪ ٿيا. جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ رياض چانڊيو ته ذري گهٽ ان وقت پهتو جڏهن جلسو ماڳهين ختم ٿيڻ وارو هو. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي روايتي انداز سان جوشيليون تقريرون ڪري ماڻهن کي گرمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سڀني اڳواڻن جي خطاب جو نچوڙ اهو هو ته سنڌ جا ماڻهو ٻيٽن سميت سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيندا ۽ جيڪڏهن کين ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پئي ته ان جدوجهد کان به پوئتي نه هٽبو . ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه ڇاڪاڻ ته پاڻ تقرير نه ڪئي ان ڪري سندس نمائندگي هن جي پارٽي جي ٻي مک اڳواڻ سيد زين شاهه ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ واضح لفظن ۾ چيو ته سنڌ جي ٻيٽن کي هن وقت آئيني تحفظ حاصل آهي پر جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪري ٻيٽ قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان آئين کي به تسليم نه ڪيو ويندو. جلسي دوران بدنظمي جا ڪيترائي مثال سامهون آيا. اسٽيج تان بار بار اها اپيل ڪئي وئي ته سموريون جماعتون پنهنجا جهنڊا هيٺ ڪن ته جيئن پوئتي بيٺل ماڻهو ڪئمرائن ۾ ڪور ٿي سگهن پر انهن اپيلن کي نظرانداز ڪيو پئي ويو ۽ ذري گهٽ هر جماعت جي اها ڪوشش هئي ته هو پنهنجي موجودگي کي وڌ ۾ وڌ ظاهر ڪري سگهي. جلسي دوران زباني طور تي ڪجهه قراردادون منظور ڪيون ويون جن جي ڪاپي جي گهر ڪئي وئي ته جلسي جي پڄاڻي تي هڪ جماعت جي مرڪزي اڳواڻ صحافين وٽ اچي اهو اعلان ڪيو ته کين جلسي جي خبر موڪلجي ٿي ان ڪري هو خبر جي حوالي سان ڪا به چنتا نه ڪن.
مختلف ادارن جا صحافي ڇاڪاڻ ته پاڻ موجود هئا ان ڪري انهن پنهنجي نوٽ ڪيل خبر جوڙي ادارن کي موڪلي. خبرون موڪلڻ کانپوءِ صحافين کي يقينن اهو اطمينان ٿيو هوندو ته انهن پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪيو پر ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن واٽس ايپ ذريعي موصول ٿيل پيغامن کي پڙهيو ويو ته عجيب صورتحال نظر آئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي جيڪو ميسيج موصول ٿيو تنهن کي پڙهي مون کي نه رڳو حيرت ٿي پر ڏک به ٿيو ته ڪيئن نه هڪ غيرجانبدار صحافي کي جانبداري جو الزام ڏئي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڄڻ آئون ڪنهن هڪ جماعت سان نفرت ڪندو هجان. مون جڏهن ساڳئي خبر ٻين اخبارن ۾ ڏٺي ته اتي به خبر لڳ ڀڳ اهڙي ئي پروٽوڪول سان ٺهيل نظر آئي جهڙي پروٽوڪول سان مون خبر ٺاهي پنهنجي اداري کي موڪلي هئي. واٽس ايپ تي موصول ٿيل ميسيج کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته جنهن جماعت جي مرڪزي اڳواڻ طعني ۽ ذري گهٽ فتويٰ وارو جيڪو ميسيج موڪليو هو تنهن کي شايد اها خوش فهمي هوندي ته هن جيڪا خبر جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ موڪلي هئي سا جيئن جو تيئن شايع ٿيندي پر اها خبر ڇاڪاڻ ته آئون موڪلي نه سگهيو هئس ان ڪري هن صاحب کي دلي تڪليف رسي هوندي ۽ هن پنهنجي دل جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ اهڙو ميسيج موڪليو هوندو. سنڌ ۾ اڳ به مختلف معاملن تي اتحاد جڙندا ۽ ڊهندا رهيا آهن پر شايد اسان جون ڪجهه جماعتون انهن اتحادن جي منطقي انجام مان سبق حاصل ڪري نه سگهيون آهن. مون پاڻ کي موصول ٿيل ميسيج بابت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينرشپ رکندڙ جماعت کي به آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو موقف رکيو ته جڏهن صحافين کي پنهنجي انداز سان رپورٽنگ ڪرڻ جو اختيار نه آهي ته پوءِ ايڪشن ڪميٽي ۾ اهو به طئي ڪيو وڃي ته آئنده صحافي ڪوريج ڪرڻ بدران صرف ريلين ۽ جلسن کي ڏسڻ جي حد تائين موجود هجن ۽ اهو به سموريون جماعتون طئي ڪري ڏين ته ڪهڙي اڳواڻ جو نالو خبر جي ابتدا ۾ هوندو ۽ ڪهڙن ڪهڙن اڳواڻن کي خبر جي پوئين حصي ۾ رکيو وڃي. هي ته خير هلندي هلندي اسان جي قابل احترام سياسي جماعتن کي سکڻي ميار هئي پر حيدرآباد جي جلسي بحرحال اهو ثابت ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسيلن جي بقاءِ ۽ بچاءُ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ سندرا ٻڌي سگهن ٿا. ٻيٽن جي والار خلاف نڪتل ريلي ۽ احتجاجي جلسي ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن عورت اڳواڻ کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو ويو پر ان جي باوجود سنڌ جي عورتن جنهن جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو تنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي بيٺي ته مردن جيان سنڌ جون عورتون به پنهنجي ڌرتي جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *