تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ٻيٽن تي ٻٽ بڻيل وفاقي ۽ سنڌ سرڪار

توڙي جو ڪيتريون حڪومتون آيون ويون ۽ هن ملڪ ۾ نت نوان نظام به بدليا پر وفاق جو وحدتن سان “پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي”+ وارو رويو نه بدليو آهي پوءِ اهو نالي ماتر جمهوري دور هجي يا بدترين آمريت، ڪهڙيون به حالتون هجن پر وفاق جو مزاج تي ڪوبه اثر ناهي پوندو وحدتن سان وفاق جي روش جهڙي جمهوريت ۾ هوندي آهي تهڙي آمريت ۾رهي آهي. وفاق جهڙي طرح 2006ع ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ دبئي جي عرب ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون ايئن هن ڀيري وفاقي حڪومت سنڌ جي آئيني ملڪيت بڻيل اهي خوبصورت ٻيٽ جديد شهر اڏڻ ۽ اوچيون عمارتون ڏيڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ ڊيل ڪري چڪي آهي جنهن لاءِ وفاقي سرڪار هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ صدر پاڪستان 25 صفحن تي مشتمل آرڊيننس جاري ڪيو آهي، جنهن تحت “اٿارٽي فار دي ڊيولپمينٽ اينڊ مئنجيمنيٽ آف آئلينڊ” ٺاهي وئي آهي جنهن جا تفصيل تمام گهڻا ڇرڪائيندڙ آهن ان آرڊيننس ۽ اٿارٽي ذريعي نه صرف سنڌ جا قيمتي ۽ قديمي ٻيٽ ڦٻائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي قبضي هيٺ آڻڻ جي راهه پڻ هموار ڪئي وئي آهي. انهن ٻنهي ٻيٽن تي ڪڏهن ٿوري ڪڏهن گهڻي پر منظم طريقي سان قبضي جي ڪوشش ڪيترن سالن کان جاري آهي پر عوامي مزاحمت طاقتور احتجاجي ردعمل اچڻ کانپوءِ عارضي خاموشي ٿيندي آهي ۽ تازو ٿوري وٿي ملڻ بعد وري نئين سر ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي جون ڪوششون ۽ سموريون سازشون آرس ڀڃي اٿيون آهن. 2006ع مشرف دور ۽ هاڻي سنڌ جمهوريت جي دعويدار پيپلز پارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ وفاق سان ڳجها ٺاهه ڪري ٻيٽ وڪرو ڪيا پيا وڃن ۽ اهڙي وقت ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو ٽائيم نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيدي ٻيٽ جي وڪرو واري سوال کي گول مول ڪندي ترقيءَ جون ڪجهه اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري ٿو جهڙيون ڳالهيون 2006ع ۾ ٻيٽن وڪري وقت مشرف سرڪار پاران ڪيون ويون هيون ته شهر اڏجڻ سان زمين جو ملهه وڌي ويندو پر سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ترقي نٿا چاهين. جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ جمهوريت جي دعويدار پارٽيءَ جي صوبائي صدر نثار کهڙي ۽ هن موقعي تي وفاق سان ٻٽ بڻيل پ پ سرڪار جيڪا هن وقت ٻيٽن واري ٻرندڙ مسئلي کي سنڌ ۽ مقامي ماڻهن جي ترقي جو منصوبو پيش ڪري رهي آهي اها ساڳئي پيپلز پارٽي هئي ۽ ساڳيا اڳواڻ هئا جن ۾ هاڻوڪو وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وزيراعلي قائم علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي سيڪريٽري تاج حيدر، سينيٽر رضا رباني ٻيا ڪيترائي اڳواڻ هئا جن اپوزيشن ۾ هجڻ وقت 2006 ع مشرف دور ۾ ٻيٽن جي وڪري واري معاملي تي نه صرف سخت موقف رکيو هيو پر ٻيٽ جي وڪري کي سنڌ جي نيلامي قرار ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ ٻيٽن تي قبضي جي سازش گهڻي پراڻي آهي پر هن ڀيري حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سرڪار جيڪا سدائين چوندي رهي آهي ته سمنڊ ۾ موجود ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جا نه سنڌ جي ملڪيت آهن اها ساڳئي سنڌ حڪومت هاڻي اهڙو بيان ڏيڻ کان به لنوائي رهي آهي (سنڌ جي عوام جي ردعمل کي ڏسي هاڻي پ پ حڪومت انهي آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي آهي ) عوامي رد عمل جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ طرف ڪراچي ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي خلاف ريليون ٿا ڪڍن جتي پ پ اڳواڻ نثار کهوڙو ۽ سعيد غني کان صحافي جڏهن ٻيٽن واري مسئلي تي سوال ڪن ٿا ته ڪابه ڳالهه واضح ڪرڻ بجاءِ سولي سوال کي ور وڪڙ ڏئي قصو ٽاري ويا. ساڳئي طرح ٻيٽن واري معاملي تي وفاق سان ٻٽ بڻيل پ پ سرڪار ترقي جون ڳالهيون ڪندي جيڪي سبز باغ ڏيکاري رهي آهي اهي سڀ ڳالهيون اهي لذيذ نعرا اصل ۾ مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي جيڪا سنڌ جا گهڻ گهرا ۽ اهل شعور نوجوان به سمجهن ٿا تڏهن ئي ته هو ٻيٽن واري مسئلي تي اهو سوال ڪن ٿا ته ان ترقيءَ مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن جو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪير ٿيندو؟
ان ترقيءَ مان سنڌي ماڻهن جو حصو ڪيترو هوندو؟ جديد سهولتن واري ٺهندڙ ان شهر ۾ امڪاني طور جيڪي 10 لک ماڻهو آباد ٿيندا سرڪار ٻڌائي ته انهن 10 لکن ۾ سنڌ جي آبادي ڪيتري هوندي؟
اسان مان ڪوبه سنڌي ماڻهو ترقيءَ جو مخالف ناهي پر ٻيٽن تي اڏجندڙ شهر واري ترقي اصل ترقي ناهي هي ناجائز، غير قانوني ۽ غير آئيني قبضو آهي ڀلا اها ڪهڙي ترقي آهي جو وسيلن ۽ روزگار کان محروم ۽ ماحوليات جي تباهي جي ڳري قيمت تي ٿئي. هن وقت سنڌ جي گهڻ گهرن کي ٻيٽن واري ٻرندڙ مسئلي تي نه صرف گڏجي ويهڻ گهرجي پر جدوجهد ۽ جاڳرتا مهم ذريعي ذريعي باقي سنڌ جي ماڻهن کي به اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي ته ڏنگي ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان نه صرف سنڌ جي هزارين مقامي ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو پر ابراهيم حيدري کان ٺوڙي ڳوٺ تائين هزارين ماهيگيرن جو جياپو مشڪل ٿي ويندو ۽ ٻنهي ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان ٻيٽن جي چوڌاري تمر جا گهاٽا ٻيلا تباهه ٿي ويندا ۽ تمر جي ٻيلن جي تباهي سان اتي ٿيندڙ مڇيءَ جي صنعت بڻيل ڪاروبار کي ڌڪ رسندو ۽ سامونڊي جيوت کي پڻ نقصان ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *