Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_d61j7uksdorbef7qri0mbncq61, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن جي اشو کي بين الاقوامي بڻائي سگهجي ٿو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن جي اشو کي بين الاقوامي بڻائي سگهجي ٿو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٻيٽن جي اشو کي بين الاقوامي بڻائي سگهجي ٿو

ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن جي حوالي سان سنڌ جا سمورا سڄڻ جيڪا جدوجھد ڪري رھيا آھن اھي کيرون لھڻن، ھي اشو رڳو سنڌ جو قومي اشو نه آھي، پر ھڪ لحاظ کان ھن کي گلوبل اشو ٺاھي سگھجي ٿو، ڇو ته ھي زمين، روزگار سان گڏ ماحولياتي اشو پڻ آھي، جنھن جا سگھارا بنياد موجود آھن ۽ اھڙي طرح ھن مسئلي جي لاءِ بين الاقوامي حمايت وٺي سگھجي ٿي.
ڀنڊاڙ ٻيٽ تي 400 ھيڪٽر اٽڪل 1000 ايڪڙ تمر جو ٻيلو آھي ۽ ڏنگي تي 670 ھيڪٽر اٽڪل 1700 ايڪڙ تمر جو ٻيلو آھي، ھي مسئلو رڳو انھن ٻن ٻيٽن جو نه آھي، پر لکين ايڪڙن تي ٻڌل ھن پوري علائقي جو آھي، ھي علائقو سمنڊ نه آھي پر دو دريا سڏجندڙ ڊيلٽا جو علائقو آھي جنھن ۾ ملير، حب، لياري ندين سان گڏ ٻيا ننڍا وڏا وھڪرا اچي پون ٿا. ھن علائقي ۾ ڪورنگي ڪريڪ جي آف شوٽس سان گڏ گذري، چينا، ڦٽي ڪريڪ ۽ ٻيا ڪريڪس آھن جنھن ڪري ھن کي درياءَ جو پيٽ به چيو ويندو آھي. ھي زمين اصل ۾ روينيو جي زمين ھئي پر 1957ع ۾ ھن جي اسٽيٽس کي تبديل ڪري ھن کي پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ قرار ڏنو ويو ۽ اھا ٻيلي کاتي حوالي ڪئي وئي، 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ھن علائقي مان 26 ھزار ھيڪٽر اٽڪل 64 ھزار ايڪڙ زمين پورٽ ۽ شپنگ لاءِ مخصوص ڪئي وئي پر اھو واضح ڪيو ويو ته ان کي پورٽ ۽ شپنگ کان علاوه ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگھجي. 1976ع ۾ جڏھن پورٽ قاسم جو ڪم شروع ٿيو ته ڪم ڪندڙن کي ھن علائقي جي اھميت جو احساس ٿيو ۽ ھي علائقو انھن جي نظر ۾ اچي ويو ۽ ان تي قبضي جون سازشون ۽ انھن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو. سڀ کان پھريائين پورٽ قاسم جي اڏاوت دوران نڪرندڙ مٽي کڻي ٻيٽن تي اڇلائي دڙا ڪيا ويا جنھن ڪري تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجھه رڪجي وئي ۽ اھڙي طرح دڙا ڪري ھنن ٻيٽن ۽ آس پاس ۾ زمين جي سطح وڌائي سمنڊ کان مٿي ڪئي وئي. ڪورنگي ڪريڪ باءِ پاس کان گولف ڪلب ۽ ڪريڪ تي فلاءِ اوور تائين ڀت ڏئي ڊيلٽا جو پاڻي روڪي 400 ايڪڙ ايراضي کي گھيرو ڪيو ويو.ھن وقت ٻيٽن جي سامھون ڊي ايڇ اي فيز 8 مڪمل ٿي ويو آھي جنھن سان لڳ وڏيون ھوٽلون جڙي چڪيون آھن، ھاڻي ڊي ايڇ اي فيز 8 کي 4 ھزار فٽ ڊگھي پل ذريعي ٻيٽن تي پھچي رڳو ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي نه پر رتو ڪوٽ ۽ ٻيا ننڍڙا ٻيٽ ملائي پورٽ قاسم سوڌو پوري ايراضي ۾ ڊولپمينٽ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آھي.
اھڙي طرح لکين ايڪڙن تي ٻڌل ھن زمين ۾ ھڪ وڏو علائقو ھٿ ڪري ڏيھي توڙي پرڏيھي سيڙپڪارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ذريعي سيڙپڪاري ڪري صوبي کان الڳ ٿلڳ ھڪ وڏو اوپرو علائقو جوڙڻو آھي. انڪري منهنجي راءِ موجب ھلندڙ جدوجهد سان گڏ ھي ڪيس ڪجھه ھن طرح به وڙھڻ گھرجي:
1.بنيادي طور ھي سنڌ جي روينيو لينڊ آهي ۽ ان جي مالڪ سنڌ جي عوام آهي ۽ ڪسٽوڊين سنڌ سرڪار آهي. 1957ع ۾ پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ جو اسٽيٽس ملڻ کان پوءِ ھي علائقو فاريسٽ لينڊ آهي ۽ دنيا جو ڪوبه قانون ان جي اھا حيثيت تبديل نه ٿو ڪري سگهي، اھا زمين ھاڻي رڳو ٻيلن لاءِ ئي ڪتب آڻي سگهجي ٿي.
1973.2ع ۾ ھن علائقي جي لکين ايڪڙ زمين مان رڳو 64 ھزار ايڪڙ زمين پورٽ شپنگ ۽ پورٽ لاءِ مختص ڪئي وئي ھئي جيڪا زمين پورٽ ۽ شپنگ کان علاوه ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿي ڪري سگهجي، ان ساڳئي مقصد لاءِ ايراضي وڌائڻ جو اختيار صرف سنڌ سرڪار کي آهي وفاق کي نه آهي.
3.قبضو ڪندڙ جن ڪورنگي ڪريڪ ۽ آس پاس ڪورنگي فلاءِ اوور ۽ مرينا ڪلب سوڌو 4 سو ايڪڙ قبضو ڪيو تن جي نيت رڳو ھنن ٻن ٻيٽن تائين محدود نه آهي پر اھي ھن سڄي علائقي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري نئون ڪاروباري شھر اڏڻ چاھين ٿا جنهن لاءِ ھو ننڍن وڏن ٻيٽن جي وچ ۾ پاڻي جي قدرتي لنگھن کي پوري زمين ٺاھيندا، جنهن ڪري پاڻي جا قدرتي لنگھه ختم ٿي ويندا ۽ پوءِ جبلن ۽ نين ذريعي ايندڙ پاڻي لنگھه ۽ ڇوڙ نه ملڻ ڪري وڏي تباهي آڻيندو. اھو پاڻي رڳو ھن علائقي نه پر ڪراچي شھر کي به تباھه ڪندو ڇو ته ڇوڙ نه ٿيڻ جي صورت ۾ مون سوم ۾ پاڻي جي قدرتي وھڪرن جو پاڻي شھر ۾ ڪاھي پوندو۽ شھر جي سيوريج پاڻي سان گڏجي ويندو ۽ شھر ٻڏي ويندو. 4.ھن علائقي ۾ فاريسٽ بدران ٻي ڊيولپمينٽ ٿيڻ جي ڪري ھتي جو ڊيلٽا تباھه ٿي ويندو. تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويندا. بنا رٿابندي جي ٿيندڙ شهري ترقي جي ڪري ھن نئين شھر جو اربن ويسٽ ۽ گندو پاڻي ھن ڊيلٽا کي گندي حوضي ڪري ڇڏيندو جنهن ڪري ڊيلٽا ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏي ماحولياتي تباھي ايندي.
5.ڊيلٽا جيڪو ھتي مھاڻن کي روزگار فراھم ڪري ٿو ته ٻئي طرف ملڪ کي مڇي جي پيداوار ڏئي ٿو ان جي تباهي جي ڪري لکين مھاڻا بيروزگار ٿيندا ٻئي طرف ملڪ لاءِ مڇي جي پيداوار وڏي حد تائين گھثجي ويندي.
6.ھنن ٻيٽن تي سيڙپ ڪندڙن جو سرمايو ٻڏي ويندو ڇاڪاڻ ته ھنن ٻيٽن جي اصل زمين راڪي نه پر ھٿرادو ڀراءُ ٿيل آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *