Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vegm5r071msoq839trv1tvhbn7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻيٽن جي سوال تي سنڌ جي گورنر ڏانهن کليل خط - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻيٽن جي سوال تي سنڌ جي گورنر ڏانهن کليل خط - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

ٻيٽن جي سوال تي سنڌ جي گورنر ڏانهن کليل خط

مانوارا سائين !
تاريخ 15هين آڪٽوبر تي “ٻيٽ بچايو تحريڪ” جي ميزباني ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن ٻاهران ڦري (پهرين ٻيٽ تي نيوي اچڻ ڪونه ڏنو ۽ پاڻي لهڻ سبب هوڙن جي ڦاسڻ جي ڀوءَ کان اسان پوئين تي لهي نه سگهياسين) واپس ابراهيم حيدري تي پهتاسين ته اوهان جي پريس ڪانفرنس جي خبر پئي. رات جو اها ٻڌم. اسان ڇا پيا سوچون اهو ته ميڊيا تي ونڊيوسين، پر حڪمران ڇا ٿا سوچين تنهن کان باخبر ٿيڻ لاءِ توهان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مناسب ماڻهو هوندو. سو هن مضمون جي پڙهندڙن لاءِ پهرين اوهان جا حوال ۽ پوءِ اسانجا احوال.
“سنڌ جو حق ماريو نه پر ڏنو وڃي پيو. ٻيٽ هتان پٽي اسلام آباد يا پنجاب کڻي ڪونه وينداسين.”
سائين وڏا! نيڪ ماڻهن لاءِ ٻڌندا هياسين ته اهي نيڪيون ڳجهه ڳوهه ۾ ڪندا آهن. سو اوهان ۽ اوهان جي وفاقي (حقيقت ۾ مرڪزي يا آمريتي) حڪومت به ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ کي حق ڏيڻ پئي چاهي پر ڪجهه شرپسند عنصرن سبب اوهانجي نيڪي سڀ جي سامهون اچي وئي. تنهن ڪري سي پيڪ جي معاهدن ۾ توهان عوام کي جيڪي حق ڏنا آهن سي به مهرباني ڪري هاڻ پبلڪ ڪري ڇڏيو ته جيئن سمورو ملڪ اوهان جي حق مارڻ نه پر ڏيڻ جو معترف ٿي سگهي. سائين وڏا! قدرتي وسيلا ڪير به پٽي کڻي ناهي ويندو پر اهو انهن جو زيان ۽ ڦرلٽ هوندي آهي جيڪا ڏوڪڙن ۾ بدلجي اوهان يا اوهان جهڙن جي کيسي ۾ ويندي آهي. ايئن ته ٿر به اتي آهي ۽ ڪراچي جي زمين به. پر ٿر جو ڪوئلو بجلي ٿي اوهان ڏانهن ئي اچي ٿو ۽ ڪراچي جي زمين بابت ٻيا فائدا ته ڇٽا پر 460 ارب اوهان (سپريم ڪورٽ) کڻي کائي ويا ۽ موٽ ۾ وڌيڪ ڦرلٽ جي بحريا ٽائون انتظاميه کي اجازت ڏئي ڇڏي، جيڪو 6 هزار ايڪڙ مليل زمين کان وڌي هاڻ 36000 ايڪڙن تائين رسي چڪو آهي. ايئن اسانکي حق ملڻ جو عمل اوهانجي مهرباني سان جاري آهي.
“وزيراعظم گارنٽي ڏني آهي ته سنڌ کي ريوينيو ملندو ۽ اتي ئي خرچ ٿيندو”
ايئن جيئن سنڌ جي تيل ۽ گيس جو ريوينيو اسان ڏاندارين سان ميڙيون پيا؟ ايئن جيئن ريڪوڊڪ ۽ سينڊڪ جي ريوينيو ۽ آمدني بلوچستان کي ملي ۽ اتي ئي خرچ پئي ٿئي. سائين وڏا! وزيراعظم صاحب جيڪڏهن پنهنجي ڳالهين تي بيهي ها ته ڇا مٿس “مسٽر يو ٽرن” جو نالو پئي ها. ٻي ڳالهه ته جنهن ماڻهو جي پنهنجي ضمانت ضبط ٿيل هجي، تنهن جي ڪهڙي گارنٽي ڪهڙي ضمانت.
“سنڌ جي ٻيٽن بابت ڪا به ماحولياتي جانچ پڙتال (انوائرمينٽ اسٽڊي) ڪونهي. هاڻي ڪجهه ماڻهو ملاحن کي مڇي، ماحوليات ٿا سمجهائين”
سائين وڏا! اسان جو هڪ دوست چوندو آهي ته دنيا۽ نظام جي خرابي ۾عام ڌرتي ڌڻين جو نه پر پڙهيل لکيل ۽ سرمائيدارن جي جديد منشين جو عمل دخل آهي. ماحول بابت به اڄ جيڪا حساسيت دنيا جي سائنسدانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ موجود آهي تنهن جا بنياد به مقامي طور مزاحمت ڪندڙ ۽ پنهنجي ماحول سان رلي ملي رهندڙ اڻ پڙهيل ماڻهن ئي پيدا ڪيا آهن. تمر جي ٻيلن ۽ مينگروز جي اهميت سنڌ جي ماحولياتي ماهرن ۽ سندن شعبي جي جڙڻ کان گهڻو پهرين ملاح ئي ڄاڻيندا هيا سو اوهان کي به صلاح آهي ته ابراهيم حيدري جي ملاحن ۽ انهن جي نمائندن (محمد علي شاهه ، خدا ڏنو شاهه، ۽ گل حسن ڪلمتي) سان ڪجهه وقت گڏ گذاريو ته جيئن پنهنجي سمجهه بهتر ڪري سگهو ۽ ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻيٽن جا نالا ته درست اچاري سگهو.“ڪراچي ۾ هوٽل ڪونهن. سنڌ ۾ ٽوئرازم وڌندو. مليشيا ۽ چين، سريلنڪا جا مثال سامهون آهن، ڏيڍ لک نوڪريون ملنديون. دبئي کان وڌيڪ ترقي ممڪن آهي. ”
ڏيو مُنهن، 25 لک مهاڻا دربدر ڪيون ته جيئن اوهان پنهنجي امير مهمانن کي اتي اڌ اڏجندڙ نئين هوٽل ۾ رهائي سگهو. هوٽل لاءِ ٻئي پاسي زمين ڪونهي ٽوئرازم لاءِ ٻي هنڌ اهڙو علائقو ڪونهي. سنڌ جا قلعا ۽ تاريخي ماڳ ويا ماڻهن جي رهائش ٿي، ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر کي سنڀالڻ ۽ ٽوئرسٽ جاءِ بڻائڻ بدران اوهان پنهنجي پاليسين ذريعي ان کي زهريلو بڻائي ڇڏيو. ڪينجهر تي به اوهان جي ورتل ڪاوشن جي شاهد سموري سنڌ آهي. سو توهان پاڻ کي مليشيا ۽ چين سان نه ڀيٽيو، اوهان کان ته آفريڪا به اڳ نڪري ويو آهي. اوهان کي ياد ڏياريان ته دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ افغانستان ۽ پاڪستان بچيا آهن جيڪي اڃان پوليو منجهان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن. پهريون پنهنجي عوام جون ٽنگون سڌيون ڪرايو ۽ پوءِ ان کي ٽوئر به ڪرائجو. اوهان دبئي جو مثال ٿا ڏيو پر سنڌ جي ترقي ۾ سنڌي اوترا خودمختيار ۽ آزاد هوندا جيترا دبئي ۾ شيخ آهن ۽ جيڪڏهن ايئن ٿي به وڃي ته به ڏسڻ گهرجي ته سامونڊي طوفانن جي منهن ۾ ٿائيلنڊ (ترقي ۽ ٽوئرازم ۾ اڳڀرو) وڌيڪ ڪامياب رهيو يا برما (ترقي ۽ ٽوئرازم ۾ پرڀرو). سو گهري سمنڊ ڏانهن مهاڻن جي پنڌ کي بند نه ڪيو، ٻيٽن تي شهر اڏي، ڪراچي کي طوفانن جي منهن ۾ نه وجهو. سنڌي ۾ چوندا آهن ته “ڌڪن جا شاهد ڦٽ هوندا آهن” سو اسان هاڻ اوهان جي ڦوڪن، ڊاڙن، خيالي پلاءُ جهڙين ڳالهين کي ڇا پايون ۽ ڇا اوڍيون.
“سنڌ حڪومت جي اعتراضن تي عمران خان کي ڳڻتي آهي، اهي دور ڪيا ويندا مان هر اسٽيڪ هولڊر سان ڳالهائيندس”
بهتر ڳالهه آهي پر ٻيٽ سنڌ حڪومت جي نه پر سنڌ جي عوام ۽ مهاڻن جي ملڪيت آهن. سنڌ حڪومت صرف ڪسٽوڊين (محافظ) آهي. اها ٻي ڳالهه ته ووٽ جي آڙ ۾ چور ئي چوڪيدار ٿيل آهن. سو ڳالهايو سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ خاص طور مهاڻن جي نمائندن سان ته اوهان کي خبر پئي ته گهڻي ويهين سو آهي. .
“ان منصوبي کي يڪسر رد نه ڪريو ان سان منهنجي شهر يا صوبي جي ترقي لاڳاپيل آهي. جيڪو ان منصوبي کي غلط نظر سان ڏسي ٿو سو سنڌ جو دوست ڪونهي.”
يعني جيڪو اوهان کان مختلف سوچي سو ٿيو سنڌ دشمن ۽ اوهان ٿيا هاڻ سنڌ دوست. خير اوهان ته ٽي دفعا ملڪ جي چونڊيل پنجابي وزيراعظم کي به غدار ۽ هندستان جو ايجنٽ چئي سگهو ٿا ته اسان ڪهڙي باغ جي موري آهيون. سچ اهو آهي ته اوهان کي سنڌ ۽ ان جي عوام جي خوشحالي جو خيال نه پر پنهنجي بک ۽ پيٽ جو سور وڌيڪ آهي. سنڌ ، عوام ۽ ترقي بابت پنهنجي سموري لفاظي باوجود اوهان ٻيٽن جي وڪري پويان پنهنجي ان سور کي اظهاري به ويا ته “پاڪستان ٻاهرين ناڻي (فارين ايڪسچينج) لاءِ بکايل آهي، 50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري اچي پئي” ايئن ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري ٿي اچي. اسان ته اڳ کان ئي چوندا هياسين ته اوهانجون خيراتون بند ٿيون آهن، اوهان کي بک جا چڪ لڳا آهن سو هاڻ اوهان مظلوم قوم ۽ پورهيت عوام جي وسيلن تي راتاهو هڻو پيا. عمران اسماعيل صاحب اوهان ۽ اوهان جي وڏن (سرمائيدارن) کي هاڻ ان بادشاهه وارو خبط چڙهيل آهي ته جنهن شئي کي هٿ لائجي سا سون جي ٿي وڃي. پر تڏهن اهو خبط هوا ٿي ويندو جڏهن هٿ لائڻ سبب هوا ڏيندڙ وڻ ۽ بک اجهائيندڙ مڇي ۽ صوف به سون جو ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *