تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ٻيٽن لاءِ آرڊيننس کي ڪهڙو نالو ڏجي؟

سنڌ جي ٻيٽن لاءِ جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ڇا اهڙو آرڊيننس ڪا به چونڊيل جھموري حڪومت جاري ڪري سگھي ٿي؟ جيڪو هجي ته ترقياتي منصوبي جي نالي تي ترقياتي منصوبو ننڍو هجي يا وڏو، روڊ جو هجي يا شهر جو، پر اهو ترقياتي منصوبي جي فريم يا دائري ۾ ئي ايندو پر انهيءَ کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگھجي نه پارليامينٽ جي اندر بحث ۾ آڻي سگھجي ٿو ۽ نه عوام پنهنجي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڪا به مداخلت ڪري سگھي ٿو اهڙا منصوبا ترقياتي منصوبن جي دائري ۾ ناهن ايندا. اهڙا پروجيڪٽ صرف ۽ صرف ملڪ جي سيڪيورٽي جي حساسيت جي مد ۾ ايندا آهن پر انهن تي به هڪ محدود دائري جي اندر چونڊيل نمائيندا ڳالهائي سگھندا آهن ۽ سيڪيورٽيءَ جي اعليٰ قيادت چونڊيل نمائيندن کي ان ڪيمرا سيشن بريفنگ ڏيندي آهي ڇو ته چونڊيل نمائيندا پارليامنيٽ جي اندر اها حيثيت رکندا آهن ته هو قانون سازي ڪن تنهن ڪري قانون ساز ادارا رياست جي مٿي سطح ۽ دائري ۾اچن ٿا پر جتي رياست جي اندر گھڻيون طاقتون هڪ ٻئي جي ٻانهن مروڙ ڪنديون هجن اتي قانون کان وڌيڪ طاقتور اهو گروھه ادارو يا ٽولو هوندو آهي اهو پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق مفادات حاصل ڪرڻ جي لاءِ قانون جي خانه پوري ڪندي اهي گورک رستا اختيار ڪندو آهي جنهن کي حاصل ڪندي هو قانون جي ٽائٽل جو استعمال ڪندي هميشه سرگردان هوندو آهي. هو سڌي طرح پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ قانوني رستا اختيار ناهي ڪندو ڇو ته کيس اها پوري طرح سان ڄاڻ هوندي آهي ته قانوني سڌائين سان ابتا مفاد حاصل ڪري نٿا سگھجن. دنيا جي اندر ٽن قسمن جا قانون جڙن ٿا پهريون جمھوري قانون ، جنهن جو مقصد هر قانون عوام جي مفادن جي لاءِ هجڻ لازمي هوندو آهي ڪو به اهڙو قانون نه ٿو ٺاهي سگھجي جيڪو عوام جي مفاد ۽ مرضيءَ جي خلاف هجي ٻيو ٿيوڪريسي جو قانون جنهن ۾ قانون جو بنياد مذهب جي اصولن تي رکيو ويندو آهي پر مذهبي جي اصولن جي تشريع مذهبي اڳواڻ ڪندا آهن مذهبي اڳواڻن ۾ اهي اڳواڻ آخري فتويٰ ۽ تشريح جي حد جاري ڪندا آهن جيڪي مٿانهين درجي جي اڳواڻيءَ ۾ هوندا آهن ( پوءِ اهي ڪهڙي به فقه سان تعلق رکندا هجن حڪومت ۾ هوندي انهن جي فيصلي کي آخري سمجهيو ويندو آهي مخالفت يا اختلاف رکڻ جي گنجائش ناهي هوندي، مثال ايران جي اندر قانون جي تشريع فقه جعفرايه يعنيٰ شيعه نظريي جي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي ڪيڏو به وڏو عالم جيڪو ڪنهن مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجي انهيءَ کي شامل ناهي ڪيو ويندو ۽ نه ان جي اختلاف کي ڪا اهميت ڏني ويندي آهي)
ٿيوڪريسي رياست ڪنهن به مذهب جي بنيادن تي قائم ڪئي ويندي آهي ماضيءَ جي اندر سڄو يورپ پاپائيت جي ڪنٽرول ۾ هيو ڀلي بادشاھ حڪمران هئا پر قانون پاپائيت جو هلندو هو تنهن ڪري ان دور کي ٿيوڪريسي جو دور سڏيو وڃي ٿو باقي مذهب جي نالي کي استعمال ڪندي بادشاھي يا آمريتي حڪومت ٿيوڪريسيءَ جي دائري ۾ ناهن اينديون. اهڙيون حڪومتون پنهنجي بچاءُ جي لاءِ مذهب جو استعمال ڪنديون آهن جيئن ماضيءَ ۾ جنرل ضياء جي دور کي اسان ڏسون ٿا جنهن مذهب کي ڍال ڪري استعمال ڪيو. ٽيون حڪومت جو فارم آمريتي هجي ٿو جنهن ۾ آمريتي قابض ٽولو پوءِ اهو فوجي هجي يا غير فوجي اهو پنهنجي اقتدار کي مضبوط رکڻ جي لاءِ قانون جي نالي تي حڪمناما جاري ڪندو آهي ڇو ته قانون جو لفظ سماجي ڊسيپلين ۽ اخلاقيات جو اصول پنهنجي اندر رکي ٿو اهوئي نظريو جنهن کي هر انسان چاهيندي يا نه چاهيندي تسليم ٿو ڪري عوام کان ڪٽيل ڌريون يا عوام مخالف قوتون پنهنجي مفادن جي خاطر قانون جي مقدس نالي کي استعمال ڪندي مفاد حاصل ڪنديون آهن.
سنڌ جي مٿان وفاق هر وقت اهڙا قانون مسلط ڪيا آهن جيڪي سنڌ جي عوام قبول ناهن ڪيا انهن قانون جي عوام سخت کان سخت مزاحمت ڪئي آهي جنهن جو نتيجو هڪ اهڙي وڇوٽي جي صورت ۾ نڪتو آهي جو وفاق ۽ سنڌ هر وقت تضاد ۾ رهيا آهن. وفاقي قوتن سنڌ جي ڳالھه ڪندڙن کي غدار ۽ باغي جي نالي سان سڏيو آهي ۽ گڏوگڏ جيڪي قوتون يا گروھه ٻئي گيمون کيڏن ٿا انهن کي طعنو ڏيندي سنڌ ڪارڊ جو سرٽيفيڪٽ ڏنو آهي انهيءَ ۾ ان حد تائين حقيقت ضرور آهي ته اهڙا گروھه جنهن ۾ خاص ڪري پ پ پ يا ڪڏهن ڪڏهن ڀائي لوڪ به شامل ٿي ويندا آهن اهي سنڌ جي مظلوميت ۽ ناانصافي ڪارڊ طور استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ اهي اڄ به ساڳئي گيم کيڏن ٿا گھڻ قومي رياست جي اندر ڪو به اهڙو قانون يا آرڊيننس لاڳو ڪرڻ انتهائي غلط هوندو جيڪو عوام جي مرضيءَ جي خلاف لاڳو ٿيندو اهڙا قانون جيڪي صرف ۽ صرف صوبي جي قسمت سان يا ان جي مفاد سان تعلق ٿا رکن انهن جي لاڳو ڪرڻ ۾ لازمي آهي ته عوام جي مرضي شامل هجي پر جيڪي قانون عوام جي مرضيءَ جي خلاف لاڳو ٿيندا ته انهي قانون کي عوام دشمن ۽ ڪارو قانون ئي سڏيو ويندو، جيئن ايوب شاهي جي دور ۾ ون يونٽ ٺاهڻ جي حرڪت ڪئي وئي. مغرور حڪمرانن اهو سوچيو به نه هو ته ان ون يونٽ جي اندر جيڪي تضاد اڀرندا اهي وفاق جي وحدانيت جي خلاف ڪيترا نقصان ڪار ٿي سگھن ٿا حڪمراني تڪبرن، صوبن جي حقن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ صوبن جي عوام کي ڪمزور ڪرڻ جي روش اختيار ڪندي ملڪ کي ٻه حصن ۾ ٽوڙي ڇڏيو ۽ هاڻي به ساڳيون حرڪتون ڪندي پاڪستان جي وحدانيت ۽ اڪائيت کي پٽيءَ ۾ خنجر هڻي رهيا آهن،
زير بحث آرڊيننس جنهن کي ڪورٽ ۾ چئلينج نٿو ڪري سگھجي اهو ٻيٽن تي هڪ اهڙو قبضو آهي جنهن ۾ قابض قوت پنهنجو قانون پنهنجي مرضيءَ سان لاڳو ڪندي هڪ الڳ رياست قائم ڪندي ۽ ان رياست جي مالڪ هڪ خود مختيار اٿارٽي رهندي بلڪل ايئن جيئن انگريزن جي غلاميءَ جي دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجو قانون جوڙي برصغير جي عوام تي لاڳو ڪندي هئي جنهن جي قانون کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج ڪري نه سگھبو هو ڀلي اها عدالت گورن جي ڇو نه هجي پر مقامي ماڻهن کي اهو حق ئي نه هيو ته هو ڪنهن قانون کي چئلينج ڪري سگھن. هي صدارتي آرڊيننس ان غلاماڻي دور جي حاڪماڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، ڇا ان کي اسان وائيس راءِ قانون يا آرڊيننس چئي سگھون ٿا؟ انهيءَ ۾ ڪنهن به حيرت جي ڳالھه ناهي ته جن ٻيٽن کي جديد شهرن جي رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي انهن ٻيٽن تي سنڌ ڌرتيءَ جو اهي مظلوم انسان آباد آهن جن سون سالن کان پورهيو ڪري پنهنجي پيٽ پاليندي ٻيٽن کي آباد رکيو آهي دنيا جو ڪو به قانون انهن جي مالڪيءَ جي حق کي رد نٿو ڪري سگھي ۽ نه وري ڪا به اهڙي ترقي اتي ڪري سگھجي ٿي جيڪا انهن جي مرضيءَ جي ابتڙ هجي يا انهن جي مرضي شامل نه هجي. مان چوندس ته سنڌ حڪومت جو حق به ٻئي نمبر تي آهي پر پهريان حق انهن ماڻهن جو آهي جيڪي اتي آباد آهن سمنڊي ٻيٽ جيترا به آهن ڊيلٽا کان گوادر تائين انهن تي حق انهن جو ئي آهي جيڪي تاريخي ارتقا جي سفر ۾ قومون آباد آهن يعني هن وقت سامونڊي پٽي سان سنڌ ۽ بلوچستان انهن ٻيٽن جا مالڪ آهن پر انهيءَ بحث کان اڳتي وڌندي پاڻ وزير اعظم عمران خان کان رڳو هيءُ سوال ڪريون ٿا ته مارشل لا دور ۾ ۽ خاص ڪري ضياء الحق جي دور ۾ ڪيترائي آرڊيننس لاڳو ڪيا ويا هيا ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ وقت ئي هي حڪمنامو به جاري ڪيو ويندو هو ته مذڪوره آرڊيننس کي ڪنهن به ڪورٽ ۾ چئلينج نٿو ڪري سگھجي هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت جيڪا چونڊيل هجڻ جو اعزاز رکي ٿي اها ڪهڙي اخلاقي بنيادن تي يا جمھوري اصولن جي تحت اهو حڪمنامو ٿي جاري ڪري ته هن ٻيٽن لاءِ جاري صدارتي آرڊيننس کي ڪورٽن ۾ چئلينج نٿو ڪري سگھجي، اسان اهڙي آرڊيننس کي ڪهڙو نالو ڏيون؟ ڇا هن آرڊيننس کي اسان“ نيو سويلين مارشل لا ” جو نالو ڏيون؟ ڇا وفاقي حڪومت يعني عمران خان اهو سمجھي ٿو ته انهيءَ آرڊيننس کي هٽائي جيڪڏهن عوامي راءِ ۽ جائز قانون جو رستو اختيار ڪيو ويندو پوءِ ترقيءَ جي نالي تي جيڪا خوفناڪ مافيائي قبضو پلان ڪيوويو آهي اهو ممڪن نه ٿي سگھندو؟ هو اهو به ڄاڻين ٿا ته ماضيءَ جي حڪمرانن مشرف کان زرداري صاحب تائين جيڪي ڪوششون ٿيون اهي سنڌ جي عوام ۽ ٻيٽن تي آباد مسڪين مهاڻن جدوجهد ڪري ناڪام ڪيون پر هاڻي جيڪڏهن هو فاشيت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا آهن ته انهن کي اهو ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ خاموش ٿي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندو ۽ نه وري لکن جي تعداد ۾ ٻيٽن تي آباد ماڻهو پنهنجي خلاف ٿيندڙ اها سازش برداشت ڪري سگھندا. انت ڇا ٿيندو ڇا هي حڪمران ٽولو پنهنجي گروهي مفادن جي خاطر بچيل پاڪستان کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي يقينن هو ايئن ڪندا ته هو مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مان سبق سکڻ جي بجاءِ تاريخ کي سبق سيکارڻ جي جنونيت رکن ٿا ڇو ته هي اها ئي جنونيت آهي جنهن ۾ عوام جي پرواھه ناهي ڪئي ويندي پر انهن جي ڌرتي ۽ وسيلن تي حوسي نگاھه هوندي آهي ۽ اهوئي چوندا آهن ته “ اسان کي زمين گھرجي ماڻهن جي ڪا ضرورت ناهي.” پڙهندڙن کي اهو ياد اچي ويو هوندو ته اهي جملا ڪنهن جا هئا .پر هاڻي ان بيماري ۾ مبتلا اهو چون ٿا ته سنڌ جي ڌرتي ، شامل ٻيٽ ۽ وسيلا گھرجن سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به ضرورت ناهي، هيءُ آرڊيننس ان تڪبري ۽ غروري سوچ جو عملي اظهار آهي جيڪو سبق هنن تاريخ مان ناهي سکيو ۽ هو عوام کي سبق سيکارڻ جي مستيءَ ۾ مبتلا آهن انهن کي اهو سمجھه ۾ نه ايندو ته عوام اها طاقت آهي جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت شڪست ڏئي نٿي سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *