تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ٻيٽ ساحلي پٽيءَ تي وفاق جي قبضي جو ڏاڪو آهن

سنڌ جي ٻن ٻيٽن وارو معاملو تڪراري ته هئو ئي پر هاڻي پيپلز پارتيءَ جي وزيرن جي ٻن مختلف موقفن ان کي مونجھاري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ پاسي زراعت واري وزير اسماعيل راهوءَ چٽن لفظن ۾ چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ وفاقي حڪومت انهن تي ڪو به حق نٿي رکي، هڪ ٻه ڏينهن پوءِ سيد ناصر شاهه جو بيان آيو ته جيڪڏهن انهن ٻيٽن تي ڪا ترقي ڪئي ويندي ته اسان ترقيءَ جا مخالف ناهيون، جيتوڻيڪ ناصر شاهه صاحب ٻيٽن مٿان سنڌ جي حق جي دعويٰ ڪئي پر ان معاملي ۾ هن ترقيءَ واري ڳالهه وچٿري نموني ڪري اهو تاثر ڏنو ته انهن ٻيٽن بابت ڪنهن مفاهمتي طريقي سان نبيرو ٿي سگھي ٿو. ڪجھه هفتا اڳ انگريزي اخبار بزنس رڪارڊر اها خبر ڇاپي ته وفاقي حڪومت ملڪ اندر سمورن ٻيٽن جي لاءِ هڪ ترقياتي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي بل تي ڪم ڪري رهي آهي. ان بل هيٺ وفاق ملڪ جي سمورن ٻيٽن (جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهن) کي سڌو سنئون پنهنجي انتظام /قبضي هيٺ آڻڻ گھري ٿو. آئين موجب اهي ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري وفاق انهن بابت ڪا به قانون سازي نٿو ڪري سگھي.
جيستائين هنن ٻن ٻيٽن جو تعلق آهي ته اهي قانوني طور سنڌ جي ملڪيت آهن جن کي سنڀالڻ جو اختيار سنڌ جي عوام سنڌ حڪومت کي ڏنو آهي، تنهن ڪري اصولي طور انهن ٻيٽن بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار به سنڌ حڪومت وٽ آهي. وفاقي حڪومت جو انهن ٻيٽن تي ڪا به رٿا ٺاهڻ جو پروگرام آهي ته ان جو فيصلو به سنڌ حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي. جيستائين سوال ترقي ڪرائڻ جو آهي ته سنڌ جي سمورن وڏن ننڍن شهرن جي حالت خراب آهي. انهن شهرن جو انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن جون سهولتون بدتر حالت ۾ آهن اهي شهر بارشن ۾ ته ڇا عام حالتن ۾ به روزمرهه جي شهري زندگيءَ جون گھرجون پوريون ڪرڻ جھڙا نه رهيا آهن. ڪراچي جيڪو ملڪ توڙي سنڌ جي معيشت جي ڪرنگھي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو ان جي حالت عام ڏينهن ۾ به تمام خراب آهي، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال، ٽرانسپورٽ ۽ رستن جي حالت انتهائي خراب آهي. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، بدين، ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ ٻين ضلعي هيڊڪوارٽر شهرن جي حالت به ساڳي آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن سمورا شهر ڀڄي ڀُري رهيا آهن، اتي ارب پتي اميرن لاءِ دبئي جھڙي نئين شهر جي اڏاوت کي ترقيءَ جو منصوبو قرار ڏيڻ کل جھڙي ڳالهه آهي.
سنڌ سرڪار کي گھرجي ته پهرين ڏهن سالن جي جامع رٿابندي سان هاڻوڪن شهرن جي حالت ٺيڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ان صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت تي ڪو وڏو دٻاءُ آهي ۽ ڪي ڌريون انهن ٻيٽن تي اميراڻو شهر ٺاهڻ لاءِ هوڏ تي آهن ته پوءِ سنڌ سرڪار کي هيٺيان قدم کڻڻ گھرجن.
1.سنڌ حڪومت انهن ٻيٽن تي ڪهڙو پراجيڪٽ عمل هيٺ آڻڻ جو پروگرام رکي ٿي، ان جا سمورا تفصيل سنڌ جي عوام اڳيان پڌرا ڪيا وڃن.
2.وڏو وزير هن وقت هلندڙ بحث ۽ مونجھاري بابت عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ اسيمبليءَ جي فلور تي پاليسي بيان جاري ڪري.
3.جيڪڏهن وفاقي حڪومت انهن ٻيٽن بابت ڪو غير آئيني قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي ته سنڌ سرڪار کي وزيراعظم کي باضابطه خط لکي سنڌ جي عوام جي پاران اهڙو ڪو قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ چيو وڃي.
4.وفاقي حڪومت جي اهڙي ڪنهن قدم کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ به منظور ڪرائڻ گھرجي.
5.جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاڻ انهن ٻيٽن تي ڪو پراجيڪٽ عمل هيٺ آڻڻ جو سوچي رهي آهي ته ان جا سمورا تفصيل سنڌ واسين اڳيان پيش ڪيا وڃن.
6.ان پراجيڪٽ جي مقامي آبادي يعني ڪراچيءَ جي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ مهاڻن تي پوندڙ اثرن ۽ انهن جي ازالي بابت عوام اڳيان تفصيل پڌرا ڪيا وڃن.
7.ڪنهن بين الاقوامي ساکائتي ماحولياتي اداري کان هنن ٻيٽن تي ڪنهن به رٿا جي مقامي آباديءَ جي گذر سفر جي وسيلن ۽ ان علائقي جي ماحوليات تي پوندڙ اثرن جي ڪٿ ڪرائي وڃي.
8.ان ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جي ڪٿ جي آڌار پهرين مقامي آباديءَ سان کليل ڳالهه ٻولهه وسيلي انهن جي گذر سفر جي وسيلن جي حل ۽ سندن ترقيءَ بابت ڪو پيڪيج آندو وڃي جنهن تي مقامي آباديءَ جو راضپو هجي. هن وقت ابراهيم حيدري، ريڙهي ۽ ٻين ساحلي ڳوٺن جي آبادي ڪراچيءَ جو حصو هوندي به شهر کان هڪ صدي پٺتي پيل نظر اچي ٿي. هڪ پاسي سنڌ جي ساحلي ڳوٺن جي آبادي انساني درجي کان گھٽ واري زندگي گذاري رهي آهي، ٻئي پاسي ڪجھه ناٽيڪل ميلن تي هڪ جديد شهر تعمير ڪيو ويندو جيڪو انهن ماڻهن لاءِ عملي طور نوگو ايريا جيان هوندو.
9.انهن ڳالهين جي پورائي کان پوءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهي ٻيٽ وفاقي ادارن يا خانگي سيڙپڪارن حوالي ڪرڻ بجاءِ انهن بابت جيڪا به رٿا آڻي ان کي سنڌ سرڪار جي ملڪيت هيٺ هجڻ گھرجي. سنڌ ۾ سرڪاري، خانگي ڀائيواري هيٺ ترقياتي رٿائن جا ڪامياب ماڊل موجود آهن ان ماڊل هيٺ مقامي آباديءَ جي ترقيءَ کي يقيني بڻائيندي سنڌ حڪومت پاڻ ان لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪري.
10.ٻيٽن بابت هر فيصلي ۽ رٿا جا ٻه بنياد اهي هجڻ گھرجن ته ان سڄي عمل ۾ مقامي ماڻهن جا حق محفوظ رهن ۽ کين ترقي ڏياري وڃي ۽ ٻيو ته ان رٿا بابت سمورا فيصلا ۽ تفصيل شفاف طريقي سان سنڌ واسين اڳيان پڌرا ٿيندا رهن. انهن ٻن ڳالهين کان سواءِ سنڌ واسي انهن ٻيٽن بابت ڪنهن به رٿابنديءَ کي هميشه شڪ جي نظر سان ڏسندا ۽ ان کي قبول به نه ڪندا.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم جي رنڊڪن سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي والار جي خواهش پوري نه ٿيڻ سبب هاڻي ان قسم جي هٿڪنڊن وسيلي سنڌ جي سمورن ٻيٽن تي قبضي لاءِ قانون سازي ڪرڻ گھري ٿي، جيڪڏهن ان قسم جو ڪو قانون پاس ٿيو ته ان جو مطلب سنڌ جي سموري ساحلي پٽيءَ تي وفاق جو قبضو قائم ٿيڻ هوندو. ڪراچيءَءُ ۾ ڪجھه نسل پرست گروهن جو اهو پراڻو خواب آهي ته ڪنهن طرح سنڌ جي ساحلي پٽي باقي صوبي کان ڪنهن انتظامي شڪل ۾ الڳ ٿئي ته جيئن اهي اتي پنهنجو راڄ قائم ڪن. ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش اهي ساڳيا گروهه ڪرڻ گھرن ٿا جيڪي اڳتي هلي ان کي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي قبضي جي هڪ وک بڻائيندا.
سنڌ حڪومت ٻيٽن تي سيڙپڪاري ۽ ترقي کي صوبي جي ڪابينا ۽ صوبائي ادارن وسيلي ڪرڻ گھري ٿي ته ان کي سنڌ جو عوام تڏهن قبول ڪندو جڏهن اهو ڪم وفاقي ادارن جي مداخلت کان سواءِ ٿيندو ۽ مقامي آبادي جي حقن جي تحفظ سان مشروط هوندو. اڳي ئي تازين برساتن کي بهانو بڻائي وفاقي حڪومت ڪراچيءَ جا نالا صاف ڪرڻ جو ڪم وفاقي اداري جي حوالي ڪري غير آئيني ڪم ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي. اهي سڀ قدم سنڌ ۾ وفاق جي انتظامي مداخلت ۽ صوبي جي وسيلي تي قبضي جي ڪوشش جو حصو آهن. ان پسمنظر ۾ ٻيٽن جو معاملو رڳو هڪ شهر ٺاهڻ واري ڳالهه تائين محدود نه ٿو نظر اچي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *