تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ٻُڏيءَ جا ٻيڻا

تازو ئي هڪڙي بنا ليسڻ واري صحافي هڪ اهڙي خبر ليڪ ڪئي آهي، جيڪا ٻڌندي ئي اسان جي دماغ مان دونهان نڪري ويا آهن. خبر ڪجهه هيئن آهي ته، ٻوڏ جڏهن ان حد تائين پهتي جو ڏيڏر به ٽان ٽان ڪرڻ لڳا تڏهن بنا ڪنهن دير جي اسان جي چونڊيل نمائيندن “ٻُڏي جا ٻيڻا” جي ايجنڊا هيٺ هڪڙي تمام اهم گڏجاڻي ڪوٺائي. انهي گڏجاڻي جو ٻڌي انيڪ چمچا ۽ واٺا به الائي ڪٿان ايئن اڏامي اچي لٿا جيئن اڄڪلهه مال تي مڇر اچي لٿا آهن!
انهي گڏجاڻي ۾ جيڪو گوڙ شور ٿيو، تنهن ۾ حصو وٺندي هڪڙي شاعر قسم جي چونڊيل نمائيندي جوش ۾ ايندي چيو، “جيستائين درد وندي جو ديس پئي وُٺو، تيستائين اسان سڀني کي ڪن تي پٽڪو هو. ڪڪرن تي ڪنهن کي به ڪاوڙ ڪانه هئي. بَر، جڏهن وُٺو ۽ ٿر ٿيو ته الو، ولو ۽ گُلو کان ويندي جاڙي، جمعي ۽ جانو تائين ماڻهن ٻارين ٻچين اڇڙي جي اوٽ کان ويندي ڪارونجهر جي ڪور تائين ٺينگ ٽپا پئي ڏنا. پر پوءِ افسوس جو چوماسي اسان جي چاهه جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گستاخ ڪڪر، ادب ۽ احترام جون سڀئي حدون اورانگهي رحمت مان زحمت بڻجي پيا! انجو نتيجو اهو نڪتو جو مينهن سان محبت ماضي جو قصو ٿي پيو. هيٺ کان مٿي تائين سڀئي سانوڻ تي سيٽجي ويا. هاڻي حالت اها آهي، جو آسمان تي قضائين قسمتين ڪا اُٻ به اڏامي ٿي ته اکيون رت ٿيون سٽين! اسان جو وس لڳي ته ڪڪرن کي قيامت تائين وطن جي ويزا ئي نه ڏيون!”ان کي اتي ئي روڪيندي ٻيو چونڊيل نمائيندو شروع ٿيو، “اوهان مڃو يا نه مڃو باقي ڪڪر جنهن پاسي کان آيا آهن تنهن مان اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته اها پاڙيسري ملڪ جي ئي سازش آهي.” ان جي ڳالهه بنا ڪئنچي جي ڪٽيندي هڪڙي ٻئي چيو، “بلڪل درست! اها را جي سازش ٿي لڳي. اها سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي!” هن چيو، “پر اسان دشمن جا سمورا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين. اوهه جيڪڏهن مٽي گپ ٿي وئي آهي ته گپ ۾ ملائي ڇڏينداسين!” ان تي هڪ کان سواءِ سڀني چونڊيل نمائندن، چمچن ۽ واٺن زوردار تاڙيون وڄايون.هڪڙو، جيڪو ڪنهن پڪي ننڊ ۾ پيو هو، سو تاڙين جي گونج تي ڇرڪي اٿيو ۽ وارو وٺندي وراڻيو، “ماڻهن کي مڇر ٿا کائين. انهن جو فوري طور تي ڪو بلو ڪجي. سرڪاري امداد ۾ رڳو تنبو نه، پر راشن ۽ مڇردانيون لازمي شامل ڪيون وڃن.”
مڇرن جي ڳالهه تي مڇرجندي هڪڙي نمائندي ڏانهنس اشارو ڪندي چيو، “تون ته چونڊيل نمائندو ئي ڪونه ٿو لڳين!” هن ڳالهه کي رد ڪندي چيو، “اسان جي قوم هر دور ۾ هڪ زنده قوم رهي آهي. هن کي ڪورونا ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو ته مڇرن جي ڪهڙي مجال آهي؟” ان جي تائيد ڪندي هڪڙي چيو، “منهنجي خيال ۾ سرڪاري امداد ۾ مڇردانيون انڪري به نه وڌيون وڃن جو ان سان ٻين مخير ماڻهن کي نيڪي جو موقعو ڪونه ملندو!” هن چيو، “مڇردانيون شامل ڪرڻ درحقيقت انهن کي چڱاين کان روڪڻ آهي سو انڪري اهو گناهه ڪبيره هرگز نه ڪرڻ گهرجي!”
اهو ٻڌي جاڳيل نمائندو وري سمهي رهيو.“ڀلا ٻوڏ جي پاڻي جو نيڪال ڪيئن ڪجي؟ ان بابت به ڪا صلاح ڪريو.” هڪڙي چونڊيل نمائندي سنگت جو ڌيان ٻوڏ جي پاڻي ڏانهن ڇڪائيندي چيو.ٻوڏ جي پاڻي جو ٻڌندي ئي هڪڙي جاگيردار چونڊيل نمائندي رڙ ڪئي، “ڏسو هي هڪ زرعي ملڪ آهي. سو جيڪڏهن ٻوڏ جي پاڻي سبب زراعت جو وار به ونگو ٿيو ته اسان جي شناخت تي وڏو ناڪاري اثر پوندو.” ان تي هڪ ستل کان سواءِ ٻين سڀني هم آواز ٿي چيو، “بيشڪ! بيشڪ!”
هن ڳالهه جاري رکندي چيو، “سو منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين فصلن مان پاڻي نيڪال ڪجي ته جيئن منهنجا. . . او معاف ڪجو پنهنجا فصل بچي سگهن.”ان تي سڀني جاڳيل جوانن هڪ ڀيرو وري زوردار تاڙيون وڄايون. زوردار تاڙين تي سُتل نمائيندو ٻيهر ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ۽ هن هن کان تاڙين جو سبب پڇي وچ ۾ وراڻيو، “اوهان شايد اخبارون ڪونه ٿا پڙهو. ٻوڏ جي پاڻي مان پيدا ٿيل مڇرن سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو چوپايو مال مرندو ٿو وڃي ۽ هاڻي ته ماڻهو پاڻ به مليريا ۾ لوهه ٿيندا ٿا وڃن. بهتر ناهي ته پهرين انهن جو ڪجهه ڪجي!؟”“ان کي وري ڪنهن جاڳايو؟” سڀني جا ٻوٿ ڪوجها ٿي ويا. هڪڙي دانشور قسم جي چونڊيل نمائندي کيس ماٺ ڪرائيندي چيو، “تون ئي اهو نمائندو آهين، جنهن جي لاءِ شاهه ڀٽائي چيو، سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي، سو انڪري تون سمهي ڪري به قوم جي خدمت ڪري سگهين ٿو. تون سمهي رهه!” چمچن ۽ واٺن ڏانهن منهن ڪندي جاگيردار چونڊيل نمائيندي وضاحت ڪندي چيو، “هي ملڪ اسان جي وڏڙن ڪو ڀڳڙن مُٺ تي ناهي ورتو. اسين پڙهي آيا آهيون ته انهن وڏيون وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون هيون سو هاڻي به جيڪڏهن هن ملڪ تي ڏکيو وقت آهي ته منهنجي خيال ۾ اسان کي به پنهنجي وڏڙن وانگر ڪنهن به جاني توڙي مالي قرباني کان گهٻرائڻ نه گهرجي.” هڪڙي ان ڳالهه کي اڃان به دال مان سيرو ڪندي چيو، “منهنجي ته خيال ۾ پاڻ کي ان ڳالهه تي خوش ٿيڻ گهرجي ته پاڻ کي به جاني مالي قربانيون ڏيڻ جو موقعو مليو آهي.”
اها ڳالهه ٻڌي جاڳيل نمائندو ڦهڪو ڪري ڪري پيو.گڏجاڻي جي آخر ۾ هڪ نابين نسل جي چو نڊيل نمائندي وارو وٺندي چيو، “منهنجي خيال ۾ هن امتحان جي گهڙي ۾ عوام جي اهنجن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ به ضروري آهي. انڪري پاڻ کي هن گڏجاڻي کان پوءِ جلد ئي شهر شهر وڃي ماڻهن سان ملڻ به لازمي گهرجي.” ان تي هڪڙي ڪنگلي قسم جي چونڊيل نمائندي چيو، “آئون اوهان جي ڳالهه کي اڃان به بهتر ڪري هيئن پيش ڪريان ته هن تاريخي وقت ۾ پنهنجو عوام سان گڏ نظر اچڻ به تمام ضروري آهي. انڪري پاڻ کي سڀاڻ کان ئي شهر شهر وڃي ماڻهن سان ملڻ گهرجي ۽ تاريخ ساز فوٽا ڇڪرائڻ گهرجن.”اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي ٻئي چيو، “اهو بلڪل درست آهي. ان سان مخالفن جا منهن بند ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.”ان تي سڀني زوردار تاڙيون وڄايون. تاڙيون ته تمام گهڻيون زوردار هيون پر هن ڀيري ڦهڪو ڪري ڪري پيل نمائيندو ڪونه جاڳيو. شايد اهو هميشه هميشه جي لاءِ سمهي پيو هو.
گڏجاڻي جي آخر ۾ سڀني هڪٻئي جي خيالن سان سو سيڪڙو اتفاق جو اظهار ڪيو ۽ اهڙي ريت چونڊيل نمائيندا چمچن ۾ ۽ چمچا وري واٺن جي ڪلهن تي چڙهي هڪ نه ختم ٿيندڙ اوندهه ۾ گم ٿي ويا.هي خبر ٻڌڻ کان پوءِ اسان کي خبر آهي ته اوهان جي صحت تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو هوندو. اسان جي ته دماغ مان به دونهان نڪري ويا پر اوهان جي ڪن تي ڪا جونءَ به ڪانه سُري هوندي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته هي خبر جنهن صحافي هلائي آهي ان جو ڪو ليسڻ ڪونهي ڪو. ۽ ٻيو ته نظر ايندڙ حقيقت به ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اوهان جا چونڊيل نمائندا ته اوهان جي خدمت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ويٺا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *