تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ٻٽي شهريت وارن کي ملڪ ۾ سياست جو حق تڪڙ ۾ نه ڏيو!

ان زماني ۾ جڏهن پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو برطانيا ۾ پيپلز پارٽيءَ جي شاخ منظم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو، ان سان سندس ان قدم تي ڊگھو بحث ٿيو هو. سندس ان قدم جي حمايت ۾ ان جي موقف مان اهو مقصد ظاهر هو ته اول ته برطانيا ۾ آباد ڪشميرين جي پاڪستان سان يڪجهتي مضبوط بڻائي وڃي ۽ ٻيو ته پاڪستاني جيتوڻيڪ پنهنجن مٽن مائٽن جي مالي مدد ڪندا آهن، ان جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ انهن جي راءِ گھڻي وزنائتي ثابت ٿيندي.
منهنجو موقف هو ته جيستائين ڪشميرين جي پاڪستان سان يڪجهتيءَ جو تعلق آهي ته اهو اڻ ٽٽ آهي، پر برطانيا ۾ پاڪستان جي سياسي پارٽيءَ جي قيام سان هتي پاڪستانين جي اتحاد کي ڏاڍي خراب طريقي سان ڌڪ لڳندو. ان وقت تائين برطانيا ۾ پاڪستانين جي صرف هڪ تنظيم هئي، پاڪستان ويلفيئر ايسوسيئيشن جيڪا پاڪستانين جي مسئلن جي حل ۾ وڏي حد تائين فعال ۽ ڪامياب هئي. هن تنظيم جا مقامي ڪائونسلن سان ويجھا رابطا هئا ۽ جيڪو به مسئلو پيدا ٿيندو هو، اهي رابطا ان جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا.
مون ڀٽو صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته برطانيا ۾ پيپلز پارٽيءَ جي شاخ جي ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان جي ٻين سياسي پارٽين کي به هتي پنهنجي سڃاڻپ مضبوط ڪرڻ جي شهه ملي ويندي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني مختلف سياسي پارٽين ۾ ورهائجي ويندا ۽ پاڪستان جي سياست ۾ منجھي پوندا ۽ برطانيا جا پاڪستاني هن ملڪ جي سياست کان الڳ ٿي ويندا، جڏهن ته انهن جي ۽ انهن جي ايندڙ نسلن جي تعليم، روزگار ۽ اَجھن جي اهم مسئلن جي لاءِ انهن جو سياسي ڌارا ۾ اچڻ ضروري آهي.
ڀٽو صاحب پنهنجي دليلن جو ايتري قدر قائل هو جو هن منهنجي خدشن کي ڪا اهميت نه ڏني. برطانيا ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيام کان پوءِ پاڪستان جي ٻي وڏي پارٽي به هتي پنهنجون شاخون قائم ڪري ڇڏيون جنهن جي ڪري پاڪستانين جي وچ ۾ رقابتون وڌيون ۽ پاڪستانين هن ملڪ جي سياست بجاءِ پاڪستان جي سياست ۾ منجھڻ شروع ڪري ڇڏيو.
برطانيا ۾ پاڪستانين جو انگ 12 لک کان وڌيڪ آهي، شروع ۾ پارليامينٽ ۾ انهن جي نمائندگي نه هجڻ برابر هئي، اهي ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پارليامينٽ جا مميبر هئا پر گذريل 10 سالن ۾ جڏهن پاڪستانين سياسي ڌارا ۾ شرڪت اختيار ڪئي ته حالتون بدليون ۽ هاڻي برطانوي پارليامينٽ ۾ پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن جو انگ 10 تائين پهچي ويو آهي پر اڃا به ٻنهي سياسي پارٽين ۾ پاڪستانين جو ايترو اثر ناهي جيترو هجڻ گھرجي.
ان جي ابتڙ هندستانين پنهنجي ملڪ جي سياسي پارٽين جون شاخون برطانيا ۾ قائم ڪرڻ کان بلڪل پرهيز ڪئي ۽ هندستان جي سياست ۾ منجھڻ بجاءِ سمورو ڌيان هنن برطانيا جي سياسي پارٽين ۽ هتان جي سياست طرف ڏنو. نتيجو اهو نڪتو ته برطانيا ۾ آباد 15 لکن کان وڌيڪ هندستانين جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي 15 آهي پر هندستانين کي ان تي فخر آهي ته هنن برطانيا جي سياسي ڌارا ۾ اچي نمايان حيثيت حاصل ڪئي آهي. بورس جانسن جي پهرين ڪابينا ۾ پاڪستاني ساجد جاويد پهريون گھرووزير ۽ پوءِ خزاني جو وزير هو، پر بورس جانسن جي صلاحڪار اعليٰ ڊومنيڪ ڪمنگس جي صلاح تي کيس انهن عهدن تان هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي موجوده ڪابينا ۾ ٽي اهم عهدا هندستان ڄاون ميمبرن کي ڏنا ويا. گھرو وزارت تي پريٽي پٽيل مقرر ڪئي وئي آهي، خزاني واري وزير طور رشي سوناڪ کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ واپار واري وزارت الوڪ شرما کي ڏني وئي آهي. هاڻي بورس جانسن جي ڪابينا تي هندستاني ڄاون وزيرن جي پڪڙ مضبوط ٿي وئي آهي.
بنا شڪ، ڪيترن ئي پاڪستانين پاڪستان جي سياست ۾ منجھڻ بجاءِ برطانيا جي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿي اهم پوزيشنون حاصل ڪيون آهن جن ۾ لنڊن جو ميئر صادق خان نمايا آهي ۽ پارليامينٽ ميمبر رحمان چشتي، نصرت غني ۽ ياسمين قريشي ذڪر جوڳا آهن. پر پوءِ به برطانيا ۾ پاڪستانين جي انگ جي مناسبت سان سياست ۽ پارليامينٽ ۾ پاڪستانين جي نمائندگي تمام گھٽ آهي.
ماضيءَ جي انهن تجربن باوجود هاڻي اهو گوڙ مچي رهيو آهي ته سمنڊ پار آباد پاڪستانين کي پاڪستان جي عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق ملڻ گھرجي. ان مطالبي جي حق ۾ اهو دليل پيش ڪيو پيو وڃي سمنڊ پار آباد پاڪستاني وڏي انگ ۾ رقمون پاڪستان موڪليندا آهن، ان جو کين صلو ملڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه وساري ويندي آهي ته هي پاڪستان پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد لاءِ اهي رقمون موڪليندا آهن. اهو درست آهي ته پاڪستان کي غيرملڪي ناڻي ۾ مدد ملندي آهي پر اهو ڪو وزنائتو دليل نه آهي، ڇو ته سمنڊ پار آباد ماڻهو پاڪستان کي رقمون موڪليندا آهن ان لاءِ انهن کي پاڪستان ۾ ووٽ جو حق ملڻ گھرجي. ماڻهو اهو وساري ڇڏيندا آهن ته برطانيا ۽ آمريڪا جي مقابلي ۾ وچ اوڀر ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني تمام گھڻيون رقمون موڪليندا آهن، جن کي نه ته اتي جي شهريت جا حق حاصل آهن نه ئي ٻيا سياسي حق حاصل آهن.
جيستائين ٻٽي شهريت جو تعلق آهي ته اهو دليل وزني آهي ته هڪ غير ملڪ جي شهريت جي لاءِ وفاداريءَ جو حلف کڻڻ کان پوءِ پاڪستان سان مڪمل وفاداري شڪي بڻجي ٿي وڃي ۽ ٻنهي ملڪن جي مفادن جي ڇڪتاڻ ۾ مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا. وري گھڻا عهدا اهڙا به آهن تي ٻٽي شهريت وارين شخصيتن جي مقرريءَ جي باري ۾ سوچي به نٿو سگھجي. ان لاءِ انهن مونجھارن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻٽي شهريت وارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي باري ۾ تڪڙ ۾ فيصلو نه ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ جذبات کان ڪم نه ورتو وڃي.
هندستان ٻٽي شهريت جي انهن مسئلن ۽ مونجھارن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي شهرين کي ٻٽي شهريت جو حق ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جيڪي هندستاني ٻاهرين ملڪن جي شهريت حاصل ڪندا آهن ته انهن جي هندستاني شهريت رد ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ سمنڊ پار ملڪن ۾ رهندڙ هندستاني، پاڪستانين کان ڪيترائي ڀيرا گھڻيون رقمون هندستان موڪليندا آهن.
هن حقيقت کي ڇو تسليم نٿو ڪيو وڃي ته سمنڊ پار ملڪن ۾ آباد پاڪستاني بنيادي طور پنهنجي ۽ پنهنجي نئين نسل جو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي سمنڊ پار وڃي آباد ٿيا آهن. هي انهن جو پنهنجو سوچيل سمجھيل فيصلو آهي، هو ان حق جا مستحق آهن ته هو نون ملڪن ۾ پنهنجو مستقبل سنوارين جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته هو انهن ملڪن جي سياست ۾ جي جان سان بنا ڪنهن مونجھاري جي حصو وٺن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *