Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sg8mkt6kmqumjmlttppe98o6tk, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٽرمپيت ۽ نسل پرستيءَ جو گول چڪر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٽرمپيت ۽ نسل پرستيءَ جو گول چڪر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٽرمپيت ۽ نسل پرستيءَ جو گول چڪر

آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ نيٺ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو اميدوار جوبائيڊن ڪامياب ٿي ويو. آمريڪا جي انهن چونڊ نتيجن تي دنيا جي عوام جي هڪ وڏي حصي سک جو ساهه کنيو آهي ڇو ته ٽرمپ آمريڪا ۾ هڪ ڀوائتي نسل پرستي ۽ تعصبي انتهاپسنديءَ کي ايترو پکيڙي ويو آهي جنهن کي رڳو اليڪشني نتيجن جي آڌار تي نطرانداز نٿو ڪري سگھجي. ٽرمپ رڳو ڪو اڪيلو مٿي ڦريو ماڻهو نه پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ هڪ سوچ جي علامت ۽ نمائندگي هو، جيڪا عالمي حقيقتن مان اڀري آهي. اها سوچ آمريڪي عوام کي وڏي پئماني تي ورهائي چڪي آهي ۽ اها هن جي حاصل ڪيل تقريبن 7 ڪروڙ ووٽن مان به نظر اچي ٿي. آمريڪا ۽ يورپ پنهنجي ملڪي عوام لاءِ جيترا ذميوار، مدبر، جمهوريت پسند، انساني حقن جا پاسدار ۽ انسان دوست آهن، اوترائي عالمي سطح تي باقي ملڪن جي عوام لاءِ انهن روين جا بدترين دشمن ۽ مظلوم انسانذات جي برباديءَ جا ذميوار آهن. تنهن ڪري آمريڪا جنهن بين الاقوامي نسل پرستي، تعصب جو ذميوار آهي، اها هنن پنهنجي ملڪ ۾ هينئر تائين سياست جو بنياد نه بڻائي هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ ٽرمپ نسل پرستيءَ ۽ بدزبانيءَ جو باني آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي آمريڪا جا سمورا حڪمران اهو ئي ڪندا رهيا آهن، ٽرمپ رڳو ان ڪم ۾ اهو واڌارو ڪيو آهي جو هو آمريڪا جي اها روش ملڪ اندر به کڻي آيو.
عام طور تي آمريڪا کي لاڏائن جي سرزمين ۽ ترقي جي موقعن جو ماڳ سمجھيو ويندو آهي، جيڪو چٽاڀيٽي ۽ جاکوڙ جي بنياد تي بنا تعصب جي شهرين کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏئي ٿو ۽ جنهن عالمگيريت جو هو پرچارڪ آهي، اها به برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ واري نعري تي ٻڌل آهي. البته عالمگيريت جا نقاد ان ماڊل کي ڪمزور ملڪن، قومن، طبقن سان انياءُ سمجھن ٿا، ڇو ته اڻ برابريءَ تي ٻڌل دنيا ۾ سڀني کي برابر موقعا ڏيڻ نه پر پٺتي پيلن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ سان ئي سماجي برابري ممڪن ٿي سگھندي. عالمگيريت واري سرشتي هيٺ سڄي دنيا جون سرحدون موڙي، پورهئي ۽ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ کولڻ ۾ جتي پٺتي پيل طبقن کي هڪ حد تائين اسرڻ ۽ زندگي جي بنيادي ضرورتن جي پورائي جا موقعا ته ملي سگھن ٿا پر اڻ برابري بهرحال ختم نه ٿي سگھندي. بلڪه ان ۾ وٿي وڌندي. ان پسمنطر ۾ آمريڪا جو پنهنجي عوام ۽ ٽين دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي عوام ڏانهن سياسي توڙي معاشي حوالي سان تعصب وارو رهيو آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ آمريڪا ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ڪٿي به جمهوريت ۽ عوام دوست حڪومتن کي ساهه کڻڻ نه ڏنو. ويٽنام، وينزويلا، چلي، ڪيوبا، افغانستان، عراق، لبيا ۽ شام سميت ڪيترائي ملڪ جتان جي حڪمرانن يا عوام آمريڪا جي اطاعت نه ٿي ڪئي انهن مٿان ڪوڙي سچي بهاني سان جنگيون مڙهي لکين انسانن جي قتل ۽ سندن معيشتن کي نپوڙڻ وارو ڪم ڪيو ويو. انهن ملڪن ۾ جيڪا باهه ٻاري وئي اها نسلن تائين انهن ملڪن کان حساب وٺندي رهندي. ان سڄي عمل ۾ آمريڪا اڪيلو نه هو پر برطانيه ۽ يورپ جا ٻيا ملڪ به سندس ساٿاري رهيا يا وري خاموشي اختيار ڪري تماشو ڏسندا رهيا.
ان سڄي خوفناڪ راند جو نتيجو اهو نڪتو جو جن ويڙهاڪ گروهن کي آمريڪا ۽ يورپ پيدا ڪيو، منظم ڪيو، هٿياربند ڪيو ۽ سندن سرپرستي ڪئي، اهي ايترا ته سگھارا ٿي ويا جو جڏهن آمريڪا انهن کان ڪم وٺي کين ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي خود آمريڪا جا مخالف بڻجي ويا. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ پيدا ڪيل طالبان ۽ سندن مختلف شڪلين وارا گروهه ان عمل جو نتيجو آهن. اهي ئي گروپ آهن جن يارهين سيپٽمبر ،ستين جولاءِ (برطانيا) ۽ فرانس توڙي يورپي ملڪن ۾ قتل عام جا وڏا واقعا ڪيا. جڏهن ويڙهاڪ گروهن کي هٿياربند ڪري شام ۾ رتوڇاڻ ڪرائي وئي ته اتان لکين ماڻهو يورپي ملڪن ۾ ڪاهي پيا، جنهن سان پوري يورپ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ ڪيترن ئي ملڪن پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ وارن پنهنجن قانونن کي پٺيءَ ڀر اڇلائي سرحدون بند ڪري ڇڏيون.
انهن لکين قتل ٿيل ۽ بي گھر ٿيل ماڻهن جي ڪٽنبن ۾ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي ان هڪ خطرناڪ يورپ مخالف، آمريڪا مخالف، گورا مخالف ۽ غير مسلمانن خلاف انتهاپندي ۽ نسل پرستيءَ کي جنم ڏنو. آمريڪي ۽ يورپي حڪومتن جي توسيع پسندي ۽ فاشزم جي واهر ڪرڻ واري انتهاپسنديءَ جي ردعمل ۾ هڪ ٻي انتهاپسندي ۽ نسل پرستي ڪر کنيو، جنهن جو شڪار آمريڪا ۽ يورپ جا اهي عام بي ڏوهه ماڻهو بڻيا ، جيڪي پنهنجي حڪومتن پاران مظلوم ملڪن سان ڪيل زيادتين جو نه حصو هئا ۽ نه حامي هئا.
يورپ ۽ آمريڪا جي اسريل سماجن ۾ اتي جي رياستن جيئن ته پنهنجي شهرين جي زندگين کي محفوظ، آزاد ۽ آسودو بڻائي رکيو هو، تنهن ڪري اتي جي عوام پنهنجي رياستن پاران دنيا مٿان مڙهيل فاشزم ۽ تشدد جي خلاف ڪا وڏي مزاحمت نه ٿي ڪئي. اهي ڪروڙين ماڻهو پنهنجي زندگين جا سک ماڻيندا رهيا پر جڏهن اهي انتهاپسنديءَ جو نشانو بڻيا ته وري انهن ملڪن ۾ هڪ وڌيڪ جوابي انتهاپسنديءَ جنم ورتو. يورپي ملڪن ۾ نه رڳو اوڀر يورپ جي ڏتڙيل ملڪن مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ خلاف معاشي ٽڪراءَ جنم ورتو بلڪه اتي جا ماڻهو مجموعي طور ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي خلاف ٿي ويا. انهن ملڪن ۾ اهو تاثر عام ٿيڻ لڳو ته ٻاهران ايندڙ ماڻهن، خاص ڪري سخت پابندين ۾ ويساهه رکندڙ مسلمانن سبب نه رڳو سندن شخصي/انفرادي آزادي واري ڪلچر کي خطرو آهي پر سندن روزگار جي موقعن ۽ امن امان واري زندگي کي به خطرو لاحق ٿي رهيو آهي. ان ردعمل ۾ يورپ اندر ساڄي ڌر جي انتهاپسند نسل پرستي سگھاري ٿي پر آمريڪا ۾ به ان ئي آمريڪي قوم پرستي/نسل پرستيءَ واري لهر جي آڌار تي ٽرمپ جھڙو ماڻهو ملڪ جو صدر ٿي ويو.
يورپ ۾ ٿيل ريسرچ موجب کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ساڄي ڌر واري انتهاپسند نسل پرستيءَ کي عالمي سطح تي مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انتهاپسند ڌرين جي ووٽ حاصل ڪرڻ جي شرح 1960ع جي ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٿي آهي. اولهه يورپ جي ملڪن آسٽريا، بيلجيم، ڊئنمارڪ، فنلينڊ، جرمني، يونان، اٽلي، نيڌرلينڊ، ناروي ۽ سوئيڊن ۾ انهن پارٽين جي حمايت 1990ع جي 8 سيڪڙو مان وڌي 12.5 سيڪڙو تائين پهتي آهي. 2004ع ۾ آسٽريا ۾ ساڄي ڌر کي 27 سيڪڙو ووٽ مليا. فرانس ۾ جين ميري پين پاران ٺاهيل فرنٽ نيشنل کي سندس ڌيءُ ميرين پين جي سربراهيءَ هيٺ وڏي موٽ ملي رهي آهي. 2019ع ۾ سندس پارٽيءَ 23 سيڪڙو ووٽ کنيا ۽ اڳوڻي صدر مڪرون جي پارٽيءَ واري اتحاد کي شڪست ڏنائين. اٽليءَ ۾ انتهاپسند نائب وزيراعظم سيلويني جي پارٽيءَ کي ساڳي سال 34 سيڪڙو ووٽ مليا. ان ئي سال اسپين ۾ ساڄي ڌر جي نسل پرست ڌر کي اپريل جي چونڊن ۾ 24 ۽ نومبر وارين چونڊن ۾ 52 سيٽون مليون ۽ اها ٽين وڏي پارٽي ٿي وئي.2017ع ۾ آسٽريا جي انتهاپسند فريڊم پارٽيءَ کي حڪومت ۾ بچاءُ، گھرو ۽ پرڏيهي کاتن جھڙا اهم شعبا مليا. جنهن جي اڳواڻ سيبسٽين ڪرز جو مطالبو هو ته ملڪ ۾ مسلمانن پاران هلندڙ ڪنڊرگارٽن اسڪولن تي بندش لاڳو ڪئي وڃي. 2007ع ۾ نيڌرلينڊ جي هڪ انتهاپسند پارٽيءَ پاران ملڪ ۾ قرآن شريف تي پابندي وجھڻ جي گھر ڪئي وئي. جرمنيءَ ۾ ٻاهرين ماڻهن جي پناهه جي حامي ۽ نسل پرستي مخالف چانسلر اينجلا مرڪل کي انتهاپسندن ڌرين جي سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
تشدد، رتوڇاڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي واقعن ۾ مسلمانن جي ملوث هجڻ وارن لڳاتار واقعن کان پوءِ سڄي يورپ ۾ اسلام کي فاشزم ۽ نازي ازم سان ڀيٽيو ٿو وڃي. اسلامي ملڪ جھڙوڪ پاڪستان، ترڪي ۽ انڊونيشيا وغيره ان عمل کي اسلاموفوبيا قرار ڏين ٿا پر يورپ ۾ عوامي سطح تي مسلمانن ۽ ٻين لاڏائن خلاف رويا سخت ٿي رهيا آهن ۽ اتي قومپرستي، نسل پرستي ۽ انتهاپسندي کي همدردي ۽ مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي.
ٽرمپ آمريڪا ۾ ان ئي نوعيت جي نسل پرستي ۽ انتهاپسنديءَ کي آمريڪي قومپرستيءَ جي نعري هيٺ مقبوليت ڏياري. ان سان نه رڳو هڪ ڀيرو صدر به ٿي ويو پر هن سال به کيس تقريبن 7 ڪروڙ ووٽ مليا آهن. آمريڪي سماج ۾ نسل پرستيءَ کي ملڪي سياست ۾ مکيه ايجنڊا طور اڀارڻ ايترو سولو ناهي پر ٽرمپ پنهنجي دور ۾ نسل پرستيءَ کي هڪ وڏي سگھه ڏني آهي، جيڪا ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
آمريڪا ۽ يورپ جي سياسي قيادتن کي گذريل مني صديءَ دوران اختيار ڪيل سياسي ۽ معاشي پاليسين تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا کي جنگين، هٿيارن ۽ عوامي وسيلا هڙپ ڪندڙ ڪارپوريشنز ۽ وفادار فاشسٽ حڪمرانن وسيلي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ جمهوري، معاشي ترقي، هيٺئين طبقن/ ڪمزور ملڪن جي واهر ۽ بقاءِ باهمي جي اصولن سان گڏ هلائڻ جي ضرورت آهي. هن ڳانڍاپيل دنيا ۾ رڳو موڙي، پورهيو ۽ ٽيڪنالاجي ئي نه پر سياسي رويا به سرحدن کان آجا ٿي چرپر ڪن ٿا، ڪنهن هزارين ميل پري ملڪ ۾ نسل پرستي، جنونيت ۽ انساني حقن جي لتاڙ کي هٿي ڏيڻ سان اهي رويا هڪ نه هڪ ڏينهن سمورا فاصلا ۽ سرحدون اورانگھي انهن کي جنم ڏيندڙ ملڪن اندر به ضرور پهچي وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *