Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_878b59kpgu2io25apevltmthih, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٽن مهينن جي موڪل - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٽن مهينن جي موڪل - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ٽن مهينن جي موڪل

اڃان رات ئي دير سان ڄامشورو پهتو آهيان المنظر وٽان لنگهندي ايئن لڳو ڄڻ سج ڪني ڪڍي آيو آهي. اوڀر کان هلڪي هلڪي روشني المنظر جي مٿان ايئن جهٽڪو ڏيئي نروار ٿي ڄڻ ڏياري جا ڏيئا جهرمٽ ڪري ٻريا هجن.
ڪالهه ڪٿي هئس !؟
کپرو کان مُني ڪلاڪ جي سفر تي قاضي مبين درس ڳوٺ جي اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جي ماڻڪ پير ڍنڍ جي ڪناري تي ڳائي مال جو ڌڻ جو ڀر مان گذريو ته اندر مان رڙ نڪري ويئي ڍڳا، ڍڳيون ڇا هيون ھڏن جا پڃرا هئا سڪل ٿڻن وارين ڍڳين جي پويان گابا رانڀاٽ ڪري ڊوڙي رهيا هئا. تازين وڏين برساتن جتي ماڻهن کي روڊ جي ڪنارن تي ذلتن جي نئين بستين ۾ اچي واڙيو آهي اتي اڇڙو ٿر ڳائي مال جي موت جي صدمي ۾ به ورتل آهي. اڇڙو ٿر بارشن کان پوءِ به ساڳيو ئي سڪل ٺوٺ، سرڪڻيءَ واريءَ سان پيرن مان سرڪي رهيو هو. رستو واريءَ جي ڀورين ڀٽن تان ٿيندو کپ جي گاهه کي لتاڙيندو وڃي ماڻڪ پير ڍنڍ جي ڪناري تائين ٿي پهتو کپري واري ڪس سان گڏ اڇڙي ٿر جي هن علائقي ۾ ماڻڪ پير سان گڏ ،شينهن ڍنڍ، ڪنڙي ڍنڍ، ڳجهڙي ڍنڍ، موڙهل ڍنڍ، ڪلاڪار ڍنڍ، پالارو ڍنڍ، جيتريون اڻ ڳڻيون ڍنڍون واري جي پيالي جهڙين ڀٽن ۾ پنهنجي فطري حسن سان ڀاڪر کولي بيٺيون آهن. هنن ڍنڍن جي گهري پاڻي مان جي اوهان رڳو هڪ آڱر ٻوڙي چپن تي آڻيندا ته اوهان سامونڊي پاڻيءَ جهڙو لوڻياٺو ذائقو محسوس ڪندا ۽ هڪ سرڪ به نڙي کان هيٺ لاهي نه سگهندا پر ساڳي ئي ڍنڍ جي ڪناري تي ٻن فوٽن جي کڏ کوٽي مٽيءَ جو ڪونار ٺاهي جنهن کي مقامي ماڻهو“ کوهي” چون ٿا ان مان ٻڪ پاڻي جو ڀري جي چپن جي ويجهو آڻيندا ته اهو مٺو جل اوهانجي زندگيءَ کي نئين جلا بخشيندو، اوهان حيرت جي جهان ۾ هليا ويندا لوڻ جي مڻن واري هنن ڍنڍن ۾ هي مٺو جل ڪٿان اچي ويو گهڻن محققن جو خيال آهي ته صديون اڳ“ سرسوتي ندي” هتي ئي گم ٿي ويئي هئي، جنهن جي پاڻيءَ جي مصريءَ جي ڳڙي جهڙي مٺاس اڃان لوڻ سان ٻک هڻي بيٺي آهي. پر اڇڙي ٿر جي پاڻيءَ جي هڪ اهڙي ڪرامت آهي جنهن طرف گهڻو ڪري ڪنهن جو گهٽ توجهه ويو آهي، مٿوڻ ڍنڍ، پالار ڍنڍ ۽ ٻوٽار ڍنڍ (ٻوٽن واري ڍنڍ) ۾ رڳو فطري حسن ناهي پر وافر مقدار ۾ هر وقت مڇي به موجود آهي، اڇڙي ٿر جي وسيع رقبي ۾ ڀرٽ، ڳنڍير، لمب، ويڪر گاهه به ٿين ته ، موراڙيون، کپ، ٻوهه جهڙا ٻوٽا به ٿين ٿا. هتي نانگن جا ڪئين قسم آهن، ڳاڙهو نانگ، سگهڙيون ، لنڊي بلا، پيئڻ بلا اوهان جي ساهه جي رڳ مان رت ڇڪي پي ويندي پر هتان جي صبح جو ڪانگ جي ڪان ڪان اوهان کي ياد ڏياريندي ته اڇڙو ٿر رڳو لوڻاٺيل ڍنڍن جو ديس ناهي پر هتي ، جهرڪيون، ڳيرا، پاريل به آهن جيڪي، چون چون گوگو ۽ ڳٽ ڳٽ جي آوازن سان اوهان کي کيڪارڻ لاءِ هر وقت آتا آهن. هاڻي توڙي جو سرحدن تي خاردار تارن جي ڪري ئي گهڻو تڻو هرڻ پرئين ڀر هليو ويو آهي ان جي باوجود به اڇڙي ٿر مان هرڻ جا شڪاري اڃان کٽا ناهن. هي بارڊر فورسز سان اک ٽيٽ ڪريو پيا زنده هرڻن جا تحفا پيرن ۽ خليفن جي پيرن ۾ رکندا آهن. ماڻڪ ڍنڍ جي ڪناري تي اسان کي توڻي جو ڪو ڍاٽڪي گيت ڳائڻ وارو ڌنار نه مليو پر ڀٽ جي اونچائي تي شجري ۽ حسب نسب کان بي نياز ماڻڪ پير جي قبر جي چوکنڊي هاڻي سفيد سنگ مرمر جي پٿر سان سجايل هئي. نئين ڳالهه اها به هئي ته هاڻي ان ڀٽ کي ڪنڊيدار لوڙهو آيل هو جنهن مان شلوار جا پانچا بچائيندي لوڙهو لتاڙي ان طرف وڃڻو ٿي پيو جتان ويهي جيڪڏهن ماڻڪ پير ڍنڍ ڏسجي ته صدين جا ٿڪ لهي پون. 23000 چورس ڪلوميٽر هي اڇڙو ٿر دنيا جو نائون نمبر وڏو صحرا آهي، هي رڃ جو ڏيک ڏيندڙ صحرا ماضيءَ ۾ حر تحريڪ جي بغاوتن جو ڳڙهه رهيو آهي. کپرو ۽ سيداهو جي وچ ۾ “رابلائو” ماڳ وٽ شيخيو راڄڙ پنهنجي باغين جي ٽولي سان گڏجي 1942ع ۾ ايڇ ٽي لمبرڪ تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ لمبرڪ زخمي ٿيو هو ۽ لمبرڪ جو اٺ گولي لڳڻ سان مري ويو هو.
سن 1568ع هجري ۾ مرزا باقي ترخان اڇڙي ٿر جي“ رتو ڪوٽ” تي ان ڏوهه ۾ حملو ڪري باھه ڏيئي ڇڏي هئي جو رتو ڪوٽ جي سوڍن مرزا باقي جي باغي ڀاءَ مرزا جان بابا کي پناهه ڏني هئي. رتو ڪوٽ ۾ باھه جون سڙيل ڳاڙهيون سرون اڄ به مرزا باقي ترخان جي هٿ ۾ کنيل ٻرندڙ اوماڙين تي چغليون هڻي رهيون آهن پر مرزا جان بابا جنهن کي مرزا باقي بغاوت جي ڏوھه ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو ان جي قبر جو ڪتبو رڳو تاريخ ۾ دفن آهي. ماڻڪ پير جي ڀٽ تان هيٺ جڏهن ماڻڪ ڍنڍ ۾ نهار ڪجي ٿي ته اکين جا اوجاڳا، پيرن جا پنڌ، زندگيءَ ۾ مليل ذلتن جا لمحا ئي وسري وڃن ٿا پر هاڻي ڪنڊيدار لوڙهو فطرت جي حسن کي ايئن قيد ڪيو بيٺو آهي جيئن ڪو هن سرور پرور ڍنڍ تي آفت آئي هجي يا ڪو لوڻ جي ڍنڍ ۾ مصريءَ جون ڳنڍيون وجهي، لوڻ جي ايڪسپورٽ جي ڌنڌي کي خراب ڪندو هجي. اتان ئي ڀٽ تان سج کي لهندي ايئن لڳو ڄڻ روشنيءَ جو ڏيئو وسامي وسامي آخري ساهه کڻي رهيو هجي، اولهه سڄو لالاڻ جي روپ ۾ هليو ويو. آسمان ۾ آخري لڪير صوفيءَ جي گيڙو مفلر جهڙي وڃي بچي هئي. بلڪل آسمان ڪجهه گهڙين لاءِ صوفيءَ جي دل جهڙو معصوم ٿي ويو هو پر منگھي پير جي ڀرسان سنڌ پوليس جي آءِ جي، جي سرڪاري گهر ۾ نامعلوم ماڻهو داخل ٿي پوليس چيف کي کنڀي کڻي ويا جيئن وڏي داٻ ڌڙڪي سان عمر،ڀالوا جي کوهه تان مارئي کي کنڀي کڻي ويو هو. ڪراچي ۾ گهڻو وقت اي آءِ جي پوليس انٽيليجنس جي عهدي تي رهندڙ شڪار پور جي سومر ڳوٺ جي ڊاڪٽر ايف ايم مهر جي پٽ مشتاق مهر ايم ڪيو ايم بابت ڪيتريون اهڙيون معلوماتون ملڪ جي انٽيليجنس ادارن کي فراهم ڪيون هيون جنهن سان اڳتي هلي نه صرف ڪراچي ۾ امن امان بهتر ٿيو هو پر ملڪي سياست مان ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي سياست جو باب به بند ٿيو هو. چوڻ وارا ته ايئن به چون ٿا ته رينجرس کي گرفتاريون ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي لکت ۾ ليٽر به سنڌ پوليس جي آءِ جي مشتاق مهر ئي لکيو هو. ان ليٽر لکڻ پويان منطق ڪهڙو هو ساته خبر ناهي پر ماڻهن کي کنڀي گم ڪري ماري پوليس جي ڳچيءَ ۾ ڪيس وجهڻ واري ملڪي سيڪيورٽي ادارن وٽ هن ليٽر جاري ٿيڻ کانپوءِ رڳو عام شهرين کي گرفتارين جا اختيار نه مليا هئا پر گڏوگڏ سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجي ڪئيءَ جو پاڻ ذميوار به ٿيڻو پيو هو. بظاهر 1971ع ۾ زلفي ڀٽي جي جمهوري دور جي آرڊيننس جو پهريون ڀيرو قائد جي توهين ڪرڻ جي ڏوھه جو ڪيپٽن صفدر کي ملزم بڻايو ويو آهي پر سچ ته اهيو آھي ته سنڌ ۾ سول بيورو ڪريسي ۽ سيڪيورٽي ادارا هڪ ٻئي جي بلڪل سامهون اچي ويا آهن. 1971ع ۾ ئي بابائي قوم تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ تي پابندي وڌي وئي هئي سبب ڇا هو سا ته خبر نه پئي پر قوم جي قائد جي سياسي زندگيءَ تي تحقيق جا سمورا رستا ضرور بند ٿي ويا آهن.
هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ جي سياستدان اڳيان اڇڙي ٿر جي ڍڳين جي ولر جيان جيئندڙ ڏٻري سنڌ پوليس ٽن مهينن جي موڪل جي درخواست سان ملڪ ۾ ڀونچال وجهي ڇڏيو آهي. سول بيوروڪريسي جي نڙيءَ تي لت ڏيئي ڪم وٺندڙ طاقتور سيڪيورٽي ادارن کي هاڻي گهڻو پوئتي موٽڻو پوندو. ڀلي کڻي آرمي چيف جي تحقيقات بابت رپورٽ عوام سامهون ڪڏهن به ظاهر نه ٿئي پر هاڻي ٽن مهينن جي موڪل جي درخواست سول بيوروڪريسي جي وزن کي اختيارن جي ترازو ۾ وزندار ڪري بيٺي آهي. جنرل ضياءَ، جنرل مشرف کان پوءِ سنڌ پوليس جي آفيسرن جي موڪل جي درخواست ايئن لڳي رهي آهي ڄڻ اميد جو سج ڪني ڪڍي آيو آهي. پاڻ ان تي بحث نٿا ڪريون ته ڪيپٽن صفدر جي ان قسم سان گرفتاري سان ملڪ جي مقتدر ڌرين کي نقصان پيو يا فائدو، ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ڪا خواري نصيب ٿي يا ناموس ٿئي، نواز شريف جي گوجرانوالا واري جلسي ۾ ڪيل تقرير ته “رياست مٿان رياست ڪم ڪري رهي آهي ” واري ڳالهه ڪراچيءَ ۾ آءِ جي سنڌ کي کنڀڻ يا ڪيپٽن صفدر تي ڪيس داخل ڪرڻ سان ضرور ثابت ٿي ويئي آهي. پاڻ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي طاقت جي ڳالهه هڪ پاسي رکي رڳو ايتري ڳالهه ڪريون ٿا ته اڇڙي ٿر جي ڀٽ تي دفن ماڻڪ پير جي اڱڻ تي رڳو ڪنڊيدار تار ناهي. سڄي سنڌ ڪنڊيدار تارن جي حصار ۾ جڪڙي پئي آهي. تاريخ رڳو رتو ڪوٽ جي باھه ۾ سڙڻ جو نوحو نٿي ڳائي پر سنڌ اڄ به بي اختيار آهي، ننڌڻڪي آهي. مجبور ۽ لاچار آهي جنهن جو هر ڏينهن باھه ۾ سڙي ٿو جنهن جو هر ماڻهو باھه جي ڄر جي سامهون بيٺو آهي . بس عام ماڻهو ان باھه جي لهس محسوس ڪندي به اڃان ڪڇن نٿا، جيئن سيڪيورٽي ادارن ۽ سول بيوروڪريسي جي وچ ۾ گهڻو وقت هلندڙ ٽڪراءُ لائو بڻجي ڦاٽي پيو آهي ايئن ئي سنڌ جا سوڍا به هڪ ڏينهن تاريخ سان پلاند ڪرڻ لاءِ اوماڙيون هٿن ۾ کڻي ٻاهر نڪري ايندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *