تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ٽهڪ مري ته نه ويا آهن !؟

پاڻ ڪڏهن ان پاسي سوچيو به ناهي ته هاڻي اسان جي سماج مان مزاح موڪلائيندو پيو وڃي. ڀلا پاڻ هاڻي ٽهڪ ڪڏهن ڏيندا آهيون، اهو دور ڪاڏي ويو جنهن دور ۾ هڪ جيڏا پاڻ ۾ ويهي تاڙا ملائي کلي کلي کيرا ٿي ويندا هئا. ماڻهو مزاحيه ڪهاڻيون ۽ قصا گهڙي مُکن تي مرڪون کڻي جيئڻ جا جتن ڪندا هئا، اهو دور ڄڻ اڻسهپ جي هاٿي جي پيرن هيٺان ايئن لتاڙجي ويو ڄڻ دور نه هو سڪل گاهه هو. پاڻ ڪڏهن سوچيو آهي ته هي سڀ ڇو ٿيو آهي جو ماڻهن مرڪن ۽ ٽهڪن تي اڻ اعلانيه ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي. هاڻي نه اهي ٽهڪ ڏيڻ وارا دلفريب لمحا موٽي ٿا اچن نه ئي وري اهي ماڻهو ئي بچيا آهن جيڪي ڳوٺن جي چرچائين جا نه رڳو تيز تز زو معنيٰ لفظن وارا چرچا سهندا هئا پر کين وس آهر گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه رقم به ڏيندا هئا.
مونکي ته اڃان سنڌ جا اهي مڱڻهار نٿا وسرن جيڪي شادي جي موقعي تي گهوٽ جي سرگس دوران سريليون شرنائيون وڄائي ۽ دهل تي ڇانڀي سان ٽاهو کي اهڙي لئه ۽ رڌم سان پيش ڪندا هئا جو سرگس ۾ موجود ماڻهو بي خودي مان رقص ڪرڻ شروع ڪندا هئا ٻئي پاسي گهوٽ جا مائٽ سڪن جا ٻڪ ڀري ڄاڃين مٿان دان ڪري اڇلائيندا هئا. مڱڻهار فقير گهوٽ جي سرگس دوران جڏهن رقص جي لاءِ موج ۾ شرنائين جي سريلي جوڙ سان ماحول کي قيد ڪري بيٺا هوندا هئا ته پريان ڪو همراهه ليمون ۽ تيز ڌار وارو چاڪو کڻي شرنائي وڃائڻ واري جي سامهون ايئن اچي بيهندو ڄڻ هاڻي ئي ٿو هي همراهه ليمي ۽ چاڪو سان مڱڻهار فقيرن تي حملو ڪري پر ڪرڻو ڪجهه ٻيو هوندو هو.
همراهه شرنائي واري جي سامهون چاڪو سان ليمون وڍي پاڻ ئي ان جو رس چوسڻ شروع ڪندو هو. بس گهڻو وقت نه گهرجي سرگس جو سڄو سٽاءُ ڄاڻ ڦٽو شرنائي واري فقير ليمي واري ڏانهن ڏٺو مس ته ان جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو ڪاڏي ويئي شرنائي جي سريلي ڪوڪ ته ڪاڏي ويو ڇانڀيءَ واري جو ٽاهو. سڄو سرن جو ٽڪساٽ ئي ٽٽي پوندو هو.
وٺ وٺان ٿي ويندي ليمي ۽ چاڪو وارو همراهه اڳيان ۽ مڱڻهار فقير پويان نيٺ مڱڻهار جسم تي پهريل قميص کي گلي کان وٺي جو چير ڏيندو ته قميص بدران باقي جسم تي وڃي ڪپڙي جون ليڙون بچنديون. هاڻي سرگس ۾ ٽهڪن جا ٽاڪوڙا ٿي ويندا.ڪو پريو مڙس، زور سان ٽهڪ ڏيندي اچي مڱڻهار کي ايتري رقم ڏيندو جو ان جو نئون بوسڪي جو وڳو ٺهي وڃي. هاڻي بنا قميص جي ٻيهر مڱڻهار فقير شرنائي مان سر ڪڍڻ شروع ڪندو هو ۽گهوٽ گهوڙي تان لهي وڃي کلي خوش ٿي ڪنوار جي سيج تي پير رکندو هو.
مونکي اڃان اها خبر ناهي پئجي سگهي ته سنڌ جا واڍا واڱڻ ڏسي ڇو چڙندا هئا ۽ چڙ به اهڙي جو پڌر تي ڪري ليٿڙيون پائڻ شروع ڪندا هئا ڪپڙا ڦاڙي وڏيون رڙيون ڪرڻ شروع ڪندا هئا ۽ پوءِ واڱڻ هٿ ۾ کڻي بيٺل همراهه سان گڏ سڄي سنگت ٽهڪ به ڏيندي هئي ۽ واڍي کي پرچائي ڪپڙا به وٺي ڏيندي هئي.
ماڻهو ته ساڳيا آهيون پر هاڻي شادي هالن ۾ ٿيندڙ شادين ۾ نه مڱڻهار جو واڄو ٿو ٿئي نه ليما ۽ چاڪو کڻي گهمڻ وارا همراهه ٿا اچن. نه ئي ٻُڪي جي رسم ٿي ٿئي نه ئي ٺڪر جي ڍڪڻي ڀڄڻ جي لاءِ هاڻي گهوٽ کي ست ڏينهن سچو ڳائو گيھه ٿو کائڻو پوي. سهولتن جي هن انبار واري دنيا ۾ پيسي جي ريل پيل ته وڌي هوندي پر ٽهڪ ڄڻ هاڻي وياج خور سيٺ جي ٽجوڙي ۾ بند ٿي ويا آهن. نه هاڻي سماٽي سهرا بچيا آهن نه ئي هاڻي سالين کي گهوٽ جي بوٽ چورائڻ جي رسم جي پروڙ آهي.مونکي ته ٽهڪ ڏيندڙ ماڻهو هن چچريل، ڏريل، سماج جا مسيحا لڳندا آهن. آئون پنهنجي تر جي انهن ماڻهن سان ڀاڪر پائي ملي آٿت محسوس ڪندو آهيان ۽ بيٺي بيٺي هنن جي گفتگار جي لذتن مان مزا وٺي ايڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو آهيان جو گهڻي وقت تائين مونکان دنيا جا ڏنل درد ئي وسري ويندا آهن بظاهر هي سادا سودا ماڻهو ڀلي اسان جي ڪنهن کاتي ۾ نه اچن پر سچ ته اهو آهي ته هي زمين جي ستين فارم جي سچي نقل جهڙا ماڻهو آهن جيڪي پئي پراڻا نٿا ٿين. هنن جي سادگي به ڏسڻ وٽان آهي ته هنن جي محبت به اڻمئي آهي.
مان اڄ به پاڻ کي درگاھه شاھ اويس قرني جي رکو فقير جو مقروض ٿو سمجهان جيڪو هفتي ۾ هڪ ڀيرو ضرور منهنجي ڳولا ڪري اچي مونکي هٿ ڪندو آهي. رکو فقير توڙي جو ھاڻي ستر سالن کان مٿي ڄمار جو آهي پر هن ڪڏهن زندگي ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. پوءِ به هي اسان سڀني کان خوش آهي. هن کي زندگي سان ڪا شڪايت ان ڪري به ناهي جو هن وٽ زندگي درد، ڏک جو نالو ناهي هن جي دل ۾ نه ڪينو نه بغض نه ئي ڪنهن جي لاءِ من ۾ مير جو هن جي جسم جو ڪنهن فرد کي ڏسي رت سڙندو هجي هي ٽهڪن جي رڌم ۾ جيئڻ وارو ماڻهو تر جي ستر سالن جي ڄمار وارن ماڻهن جو به دوست آهي ته سورنهن سالن جا نوجوان به هن جي لاءِ اکين ۾ جايون ٺاهيو ويٺا هوندا آهن، بظاهر هي بي ڪمو ماڻهو جنهن کي جڳ جهان نڪمو ماڻهو سمجهي ٿو سو سهپ ۽ رواداري جي انتها تي بيٺل اوهان کي ملندو. هي نه شاھ اويس قرني جي درگاھه جي در تي هٿ ڊگهو ڪري ٻين فقيرن جيان پنڻ جو ڪم ڪري نه ئي وري هن جي هٿ ۾ ڏاندن جو جوڙو آهي پر اوهان ڏسي حيران ٿي ويندا ته پشمي وڳا، مهانگا بوٽ، سهڻيون ٽوپيون هن ڪٿان آنديون آهن. رکو فقير جي ڳوٺ جا ماڻهو اڪثر ڪري ڪراچي جي مال جي واڙن ڀينس ڪالوني تي گوالا بڻجي گذر سفر ڪن ٿا هن جا پٽ به اتي ئي ڪراچي جي واڙن تي کير مکڻ کائي جوان ٿيا آهن اڃان جڏهن موبائل فون نه آئي هئي ته رکو فقير ڳوٺ جي مرڻي پرڻي جي ڄاڻ ڏيندڙ جو ڪم ڪندو هو اسان جي نئين ٽهي جيڪا برقي دور جي ٽهي آهي ان کي شايد اها خبر نه هجي ته اڳ ڳوٺن ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تيز ۽ تڪڙا ماڻهو مقرر ٿيل هئا. پيغام پهچائڻ جو ڪم اهي ماڻهو ئي ڪندا هئا رکو فقير سڄي زندگي ماڻهن جي فوتگي، بيماري سيماري جا پيغام پهچائڻ جي ڪم سان لڳل رهيو اهو رکو فقير جي روزگار جو ذريعو به هو، گهمڻ سير ڪرڻ جو سبب به هو ته ڳوٺ وارن جي خدمت ڪرڻ جو به ڪم هو.
هاڻي رکو کي شڪايت آهي ته موبائيل فون هڻي هن جي گهمڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. بس ڪالهه ئي آيو روئڻهارڪو منهن ڪري پڇيائين موبائيل ڪڏهن ٿي بند ٿئي.مون هن جي چهري ۾ ڏسي چيو رکو خير ته آهي موبائيل جي پويان اچي ڇو پيو آهين. منهن ڀيلو ڪري چيائين مار پئيس موبائل فون منهنجي روزي تي لت هنئي آهي. هاڻي رکو فقير جي معصوميت ڏسو، هن کي موبائل فون جي بند ڪرڻ جي چنتا آهي جڏهن ته پاڪستان فائيو جي ايج ۾ داخل ٿي ويو آهي.هن جي سهپ جي انتها جي حد ايتري آهي جو هن کي ڪنهن سکئي ستابي سنگتيءَ اڇي رنگ جو مهانگو بوٽ وٺي ڏنو، اهي بوٽ ان دور ۾ عام ماڻهو جي وٺي پائڻ جي وس ۾ نه هئا، ٻهراڙي جو ماڻهو اڇي رنگ جي بوٽ کي ڌوڙ مٽي ۾ پاتائين ته اڇو رنگ ميرو ٿي ويو همراهه شوقين سو بوٽ پائي اچي شهر هڪ مشهور معروف موچي وٽ پهتو چيائين ادا هن کي پالش ڪري ڏي.
موچي به ڇڻيل ڇنڊيل سو هن کي رٻڙ جي چمپل پارائي چيائين رکو فقير گهمي ڦري چانهن پي اچ. جيسين ايندين تيسين بوٽ پالش ٿو ڪري وٺان. رکو فقير به چانھه جا چسڪا ڀري جڏهن واپس موچي وٽ پهتو ته اڇي بوٽ بدران کيس ڳاڙهي رنگ وارو بوٽ مليو، رکو چئي هي منهنجو بوٽ ناهي، موچي ان ڳالهه تي بضد ته بوٽ پيرن ۾ پائي ڏس، بوٽ تنهنجو ئي آهي بس تو دير ڪئي سو بوٽ ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو آهي. گوڙ تي اچي اوڙو پاڙو گڏ ٿيو رکو کي مٿي تي هٿ اچي ويا، واھ جي ٿي، چڱو چوکو اڇو بوٽ ڏنم سو ڳاڙهو ٿي ويو همراهه جي لئي ڦٽي ويئي پر هاڻي رکو فقير ڪري ڇا، زهر جو ڍڪ پي ويو رکو آهي سو پيو بوٽ ۾ نهاري وري موچيءَ ۾ نهاري، ماڻهن جو ميڙ آهي سو پيو ٽهڪ ڏيئي. نيٺ رکو فقير کلي موچي سان مخاطب ٿيو.
ڀائو موچي سچو آهين، بوٽ واقعي منهنجو آهي شڪر آهي جي ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو جي ڪاوڙجي تو جيان ڪارو ٿي وڃي ها ته ڪهڙو آئون هن جو آڱوٺو پٽيان ها ۽ ايئن کلندي کلندي پيرن ۾ بوٽ پائي شپڙڪ شپڙڪ ڪندي ڳوٺ روانو ٿي ويو. رکو نه شيعو نه سني پڇ ته ڪير آهين چئي اسان آهيون وچ جي مُني. کائبو سڀني جو، ڳائبو به سڀني جو. ابا قيامت ڪنهن ڏٺي آهي دوزخ دڙڪو بهشت دلاسو.
رکو فقير کي ڀلا ڪهڙي خبر ته پشاور جي مدرسي ۾ بم ڌماڪو ڪندڙ به مسلمان هو ان کي ته اها به ڄاڻ ناهي ته ڪو مسجدون به فرقن جون ٿينديون آهن.هي فيس بوڪ جي جهيڙن جي جهانن کان به بي خبر آهي، هن کي اها به خبر ناهي ته فيس بوڪ تي چرچن ڪرڻ تان نيوسعيدآباد جي وچ بازار ۾ جمالي ٻروچن ميمڻن کي اچي ڪٽڪو ڏنو آهي. سو ڄاڻ جي سور کان پري رهندڙ هي ماڻهو اوهان کي خوش ئي ملندو.
سچ اهو آهي ته رکو فقير جهڙا ماڻهو هن جهان ۾ فقط مرڪون ورهائڻ اچن ٿا. هنن جي زندگيءَ ۾ نه ڏک لاءِ رستو آهي نه ئي هنن کي سک جي طلب آهيهي ماڻهو آبشارن مان ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڦڙن جهڙا آهن جن ڦڙن جو نه مذهب نه فرقو نه ذات آهي.سنڌ کي جنهن سهپ ۽ رواداريءَ جي هن وقت ضرورت آهي، هنن ماڻهن جي گهڻائي ئي سنڌ ۾ اها سهپ ۽ رواداري پيدا ڪندي.ڀوڳ، چرچا، ٽهڪ ذهني طور شاهوڪار ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا.پنهنجي ارد گرد ڏسو پاڻ کان پڇا ڪريو، جاچ ڪريو ڪٿي اسان جا ٽهڪ مري ته نه ويا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *