Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_f93qhlg99o375llkk19lg7pgme, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٽي ايم او جو قتل ڪيس ۽ اٿندڙ سوال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٽي ايم او جو قتل ڪيس ۽ اٿندڙ سوال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ٽي ايم او جو قتل ڪيس ۽ اٿندڙ سوال

هلندڙ مهيني 2 آڪٽوبر تي سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڪار ۾ سوار ٽي ايم او ٽنڊو غلام حيدر ۽ تلهار کي گوليون هڻي بيدري سان قتل ڪيو هو، جنهن ۾ ٽي ايم او ٿڏي تي قتل ٿي ويو هو ۽ ڪار ۾ سوار يو سي سيڪريٽري سليمان کوسو زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو قتل ڪيس فريادي مقتول جي ڀاءُ جاويد احمد شيخ آباد ٿاڻي تي نامزد جوابدارن عامر باجڪاڻي، ايس ڊي او سيپڪو بندر روڊ امجد باجڪاڻي ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته ڀاءُ اعجاز شيخ کان بنگلو ڏيڻ لاءِ 20 لک روپيا جوابدارن ورتا هئا نه کيس بنگلو ڏنو ويو ۽ نه ئي پئسا پيا ڏين، ڪافي ڀيرا ڀاءُ پاران رقم واپس ڏيڻ يا بنگلو ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. 2 آڪٽوبر تي رات جو به ڀاءُ پئسا واپس گھريا جنھن تان جوابدارن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ ئي ايس ڊي او سيپڪو ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ هڪ عورت کي جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو هو، پر قتل ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ان کي آزاد ڪيو ويو، تنهن ڪري اهي ڳالهيون ۽ افواهه گردش ڪرڻ لڳا قتل جو شايد ٻيو به سبب هجي جنهن جي مقتول ڌر توڙي الزام هيٺ آيل ڌر ترديد ڪري چڪي آهي جن جا به بيان سامهون آيا آهن جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻن جوابدارن ايس ڊي او سيپڪو امجد باجڪاڻي ۽ عامر حسين باجڪاڻي ٻئي پٽ گل حسن باجڪاڻي گرفتار ڪري ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيا جتي جاچ آفيسر وڌيڪ رمانڊ تي جوابدار حوالي ڪرڻ جي درخواست ڏني جيڪا عدالت رد ڪندي گرفتار ٻنهي ڀائرن کي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي.
قتل ٿي ويل ڪنڌرا واسي ٽي ايم او اعجاز شيخ واري واقعي جي سي سي ٽي فوٽيج سامھون اچي چڪي آھي جنھن ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند ڪار ۾ سوار اعجاز شيخ مٿان فائر ڪندي نظر اچي رھيو آهي ۽ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ آساني سان فرار ٿي ويو، سي سي ٽي وي ڪئميرا واري فوٽيج ۾ قتل الزام هيٺ گرفتار ٿيل موجود نه هجڻ ۽ وارثن توڙي باجڪاڻين جي پاڙيسرين پاران ڪوڙي الزام هيٺ ٻنهي ڀائرن کي ڦاسائڻ جون ڳالهيون سامهون آيون ۽ ان سان گڏ قتل الزام هيٺ آيل ٻنهي ڄڻن جي والد ڊاڪٽر گل حسن باجڪاڻي منٿ ميڙ قافلو شيخن وٽ روشن آباد موڪليو، منٿ ميڙ قافلي جي اڳواڻي ملاح برادري جي نيڪ مرد ڪئي جنهن اتي موجود شيخ برادري جي نيڪ مردن سان باجڪاڻين طرفان مخاطب ٿيندي چيو ته الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ آهي ته هو خون ۾ ملوث ناهن، فيصلي ڪرڻ ۾ ساک پت ڏيڻ لاءِ تيار آهن، تنهن تي شيخ برادري جي چڱي مڙس بدرالدين شيخ چيو جيڪڏهن هو خون ۾ ملوث ناهن ته پوءِ ڇو فيصلو ڏيڻ چاهين ٿا؟ هن قافلي کي ٻڌايو ته مرڻ کان اڳ مقتول اعجاز شيخ زخمي ٿيل سليمان کوسو کي ٻڌايو ته باجڪاڻين حملو ڪيو آهي، ان کان علاوه قتل کان هڪ ڏينهن اڳ اعجاز شيخ پنهنجي ڊرائيور کي ٻڌايو ته مونکي جيڪڏهن نقصان پهتو ته ان جا ذميوار عامر باجڪاڻي وارا هوندا، واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ پئسن جي ڏيتي ليتي تان عامر باجڪاڻي ۽ اعجاز شيخ جي منهن ماري به ٿي هئي، سڀ ثبوت ٻڌائن پيا ته باجڪاڻي قاتل آهن، جيڪڏهن خوني ناهن ته اسان کي قاتل بابت ٻڌائين ته ڪير قاتل آهي؟ شيخن پاران آيل منٿ ميڙ قافلي کي خاطر خواهه ورندي نه ڏني وئي، مقتول اعجاز شيخ جي ڀاءُ يوسف شيخ موجب عورت واري مامري تان قتل واري ڳالھه ۾ صداقت ناهي، اهڙيون ڳالهيون ڦهلائي ڪيس جو رخ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن جي پيءُ ڊاڪٽر گل حسن باجڪاڻي جو چوڻ آهي ته اسان خون ۾ ملوث ناهيون، سو سالن تائين به خون ثابت ٿيو ته اسان قصور وار هونداسين. سي سي ٽي وي ۾ گوليون هلائيندڙ جو اسان سان ڪو تعلق ناهي. جنهن وقت قتل ٿيو ان وقت هڪ پٽ ايس ڊي او امجد باجڪاڻي ڊيوٽي ۽ ٻيو پٽ ميرپور ماٿيلو دعوت تي هيو. ڪيس جي شفاف انڪوائري ٿي ته اسان بيڏوهي ثابت ٿينداسين. ان صورتحال تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون ٻڌايو هو ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون، قاتل ڪنهن به صورت ۾ پوليس جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو ۽ ڪنهن به بيگناھ کي سزا نه ملندي.
پوليس جو ٽي ايم او جي قتل واري واقعي جي انڪواري متعلق ڪو به واضع موقف سامهون ناهي آيو البته پهريان هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ هاڻي تازو ئي ان عورت سان واسطو رکندڙ ٽن ڄڻن کي پوليس تحويل ۾ ورتو آهي پر پوليس اهڙي گرفتاري کان انڪاري آهي. پوليس ذريعن موجب پوليس مقتول ٽي ايم او ۽ قتل الزام هيٺ آيل جوابدارن جي سي ڊي آر ڪڍرائي جنهن تحت ئي پهرين ڏينهن کان جيڪي گرفتاريون ظاهر ناهن ڪيون ويون اهي ان سي ڊي آر تحت ئي ڪيون ويون آهن .
سوشل ميڊيا توڙي شهر ۾ ان ڪيس کي ماڻهو پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسي رهيا آهن ۽ مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن ته سي سي ٽي ڪئمرا ۾ گوليون هڻندڙ جوابدار کي پوليس هن وقت تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام آهي، جيڪڏهن الزام هيٺ آيلن گوليون ناهن هلايون ته انهن کي ثبوتن تحت گرفتار ڪيو ويو آهي يا وري صرف الزامن جي نتيجي ۾، فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن جي گرفتاري سان اهي سوال آساني سان حل ٿي سگهن ٿا. باجڪاڻين جي حامي سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته گرفتار ٿيلن مٿان اڳ ڪا اين سي به داخل ناهي اهي صرف 20 لک روپين واري معامري تي ان قسم جو ڪو به قدم نٿا کڻي سگهن، انهن کي ڦاسايو پيو وڃي ان قسم جي ٻنهي ڌرين جي حامين پاران سوشل ميڊيا تي بيان توڙي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو پيو وڃي
تنهن ڪري پوليس مٿان هڪ وڏي ذميواري آهي ته ان ڪيس جي صاف شفاف انڪوائري ڪري ٽي ايم او جي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري ۽ اٿندڙ سوالن ۽ گرفتارين متعلق به پوليس کي رد عمل ظاهر ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *