Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_nheutgkbv5op8cm4dc1hfj1ckp, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
“ٽڪي” جا صحافي ۽ عزتدار ماڻهو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar “ٽڪي” جا صحافي ۽ عزتدار ماڻهو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

“ٽڪي” جا صحافي ۽ عزتدار ماڻهو

اهو ته ڀلو ٿئي وزيراعظم جو جنهن پنهنجي معاون خصوصي ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جي استعفيٰ منظور نه ڪئي نه ته عاصم سليم پاڻ اعلان ڪيو هو ته وٽس موجود ٻن عهدن مان هڪ يعني وزيراعظم جي اطلاعات واري معاون خصوصي جي عهدي تان استعفيٰ ڏيندو باقي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين شپ پاڻ وٽ رکندو ڇو ته ان ۾ چين کان وڌيڪ امداد اچي رهي آهي ۽ بقول سندس ٽي وي انٽرويو جي ته ان ۾ وڌيڪ زور لڳائڻ جي ضرورت آهي.تنهنڪري هو پاڻ وڃي وزيراعظم اڳيان استعفيٰ پيش ڪندو.پاڻ گذريل ڏينهن جيئن ئي هو پنهنجي استعفيٰ کڻي پهتو ته وزيراعظم سندس استعيفيٰ نامنظور ڪندي کيس ان عهدي تي به ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ سڀني ڌرين کي نياپو ڏنو ته هي ته ڪو نواز شريف جهڙو وزيراعظم ٿوروئي آهي جنهن ڊان ليڪس معاملي تي پنهنجي انفارميشن واري وزير پرويز رشيد کان استعفيٰ ڏياري هئي ۽ ڊان ليڪس جي جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.وزيراعظم جي ان فيصلي سان هڪ ته دل شڪسته ٿيل ريٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه جي همٿ افزائي ٿي ته ڪنهن به ٻن ٽڪن جي صحافي جي رپورٽ آڌار ڪنهن وزير مشير جي استعفيٰ ڏيڻ جي نوبت نه اچي ٻيو وزيراعظم خود اهو نياپو ڏنو ته سندس وزيرن مشيرن جو معاملو روايتي احتساب کان مٿڀرو آهي شايد تڏهن ئي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته احتساب هڪ جهڙو هجڻ گهرجي،اگر مخالف ڌر جو احتساب ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ وزيراعظم جي وزيرن مشيرن معاونين جو به ان طرح سان ئي احتساب ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اهو بحث تمام پراڻو آهي ته صحافي ڪهڙا بهتر آهن ،
اهي صحافي بهتر آهن جيڪي وقت جي حاڪمن اڳيان سندن درٻار ۾ ويهي انهن جي تعريف ڪن يا اهي صحافي بهتر آهن جيڪي عوامي حقن بابت عوام کي آگاهي ڏيندا رهن ۽ جتي به عوامي مفادن جو سوال اڀري اتي هو حاڪمن بدران عوام سان بيٺل هجن.عوام سان جڙيل يا عوام سان بيٺل صحافين کي وقت جي حاڪمن هميشه “دو ٽڪي ڪي صحافي” جي لقبن سان نوازيو آهي.تنهنڪري هاڻي به سوشل ميڊيا تي عاصم سليم باجوه جي حامين پاران ان صحافي احمد نوراني خلاف هڪ مهم هلي رهي آهي ته هن جي ايتري جرئت ڪيئن ٿي جو هڪ عزتدار ماڻهو ۽ ان کان به وڏي ڳالهه ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ ريٽائرڊ جنرل جيڪو وزيراعظم جي معاون خصوصي هجي ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين به هجي ان خلاف ڪا اسٽوري ڇاپي ماڻهن کي گمراهه ڪري.اهڙن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا تي صحافي احمد نوراني کي انهن فوٽن سميت ميسيج ڪيا جن ۾ هو زخمي ڏيکاريل آهي ته گذريل ڀيري تون بچي وئين پر هن ڀيري توکي زنده نه ڇڏينداسين اهڙن ڌمڪي آميز ميسيجن بعد پاڪستان جي صحافي تنظيمن ۽ ايڇ آر سي پي پاران صحافي کي موتمار ڏمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪئي وئي هئي.ان ئي صحافي احمد نوراني تي سندس هڪ اسٽوري سبب اسلام آباد ۾ اڳ ۾ به حملو ٿي چڪو هو جنهن بعد هو جان بچائي آمريڪا هليو ويو ۽ اتان هڪ ويب سائيٽ فيس فيڪٽ جي نالي سان هلائي ان ويب سائيٽ تي هڪ اسٽوري ڇاپائين ته ڪيئن جنرل ر عاصم سليم جي نوڪري ۽ بزنس ۾ ترقي گڏ گڏ ٿي رهي آهي.ان ئي اسٽوري معرفت گهڻ ماڻهن کي خبر پئي ته عاصم سليم جا ڀائر پٽ سڀ آمريڪا ۾ رهن ٿا ڪاروبار ڪن ٿا گهر ورتا اٿن.پاپا جان پيزا جا تمام گهڻا ريسٽورنٽ هلائين ٿا. ان اسٽوري ۾ سوال اٿاريل آهي ته صادق آباد جي هڪ ڊاڪٽر جا پٽ ڪيئن ارب پتي ٿي ويا ۽ نه صرف آمريڪا پر متحده عرب امارات، ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ به ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪرڻ لڳا. شروع شروع ۾ ان اسٽوري کي پاڪستاني ميڊيا جي ڪنهن چينل لفٽ نه ڪرائي پر جڏهن جنرل ر عاصم سليم پاڻ وضاحت ڪئي ۽ پاڻ اچي ٽي وي تي ٻڌايو ته سندس زال جا ان ڪمپني ۾ ڪيترا شيئرز آهن ته ٽي وي اينڪر شاهزيب خانزادي به کانئس پڇي ورتو ته اهو اتفاق ڪيئن ٿيو ۽ ڇا وزيراعظم ان کان انهن پئسن جي مني ٽريل گهري آهي ته اهي پئسا پاڪستان مان ڪيئن ويا يا پاڪستان ۾ ڪيئن آيا.انهن سمورن ڏکين سوالن جا جواب جنرل ر عاصم بهتر انداز ۾ ڏنا ڇو ته کيس ڊي جي آئي ايس پي آر رهڻ دورن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ جو تجربو رهيو آهي پر گذريل ڏينهن شاهزيب خانزاده واري پروگرام ۾ سندس آواز مان اها ڪڙڪيدار ٽون غائب هئي جيڪا آمر مشرف جي دور ۾ سندس آواز ۾ هوندي هئي.هاڻي اهو فيصلو ته اڳتي هلي خود وزيراعظم ڪندو ته هو پنهنجي معاون خصوصي کي سياستدانن واري احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ٿو يا کيس فرشتن جيان صاف صاف ڪري ان احتسابي عمل کان پري رکي ٿو پر ان ئي ڪيس جي حوالي سان خبرون گردش ۾ آهن ته ايس اي سي پي جو هڪ عملدار ساجد گوندل گذريل ڏينهن کان غائب آهي ۽ سندس گاڏي محڪمه زراعت واري آفيس اڳيان اسلام آباد ۾ لاوارث حالت ۾ بيٺل ملي آهي.
ان ئي موضوع جي حوالي سان سنگت ۾ ڪٿي بحث هلي رهيو هو ته هڪ دوست تمام گهڻي معصوميت مان پڇيو ته اهو عاصم سليم وارو مسئلو جامي چانڊئي ۽ ٿري ٻار سان منسلڪ آهي ڇا.؟ سندس اهڙي بي تڪي ڳالهه ڪڍڻ تي ڪيترائي دوست مٿس ٺٺوليون ڪري کلي رهيا هئا پر مان افسوس سان سوچي رهيو هئس ته سنڌ کي ڪنڊائتو ڪري ڪهڙي نه اونداهي کڏ ۾ اڇليو ويو آهي جو مک قومي ڌارا جي بحثن کان ايترو ڪٽيل آهن جيترو اسي واري ڏهاڪي جي سياسي سجاڳي وارن سالن دوران هو جڙيل هوندا هئا.سنڌ جو اهو باشعور نوجوان هاڻي هن ڪج بحثي دوران ايئن خاموش ٿي ويو آهي جيئن ڪڪڙن تي پاڻي پئجي ويندو آهي .مون به ان نوجوان کي مذاق ۾ چيو ته احمد نوراني عمرڪوٽ مان جامي ڏانهن آيو هو انٽرويو ڪرڻ ته هن سنجيده ٿيندي پنهنجي موبائيل تي اها اسٽوري ڏيکاري ۽ خاموشي سان چوڻ لڳو سائين خبرون سڀ آهن پر ڪڇون ٿا ته اها پاپا جان پيزا واري ويگو تيار آهي.تنهنڪري هن ملڪ جا عزتدار ماڻهو پنهنجي عزتن جا فيصلا پاڻ ڪن ته بهتر…..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *