Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qms0u5u1801de3s8k469ojn340, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پاڪستان جا شروعاتي سال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پاڪستان جا شروعاتي سال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

پاڪستان جا شروعاتي سال

پاڪستان جي تحريڪ بابت اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب نامور دانشور خالد بن سعيد جو ڪتاب (1857-1948)P akistan, the Formative phase آهي. هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ نون ڏهاڪن جي سياسي تاريخ جو جائزو ورتو ويو آهي.خالد بن سعيد ڪينيڊا ۾ ڪوئينز يونيورسٽي ۾پوليٽيڪل سائنس ۽ تاريخ جو پروفيسر ايمريٽس رهيو. حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. خالد بن سعيد نهايت قابل ليکڪ هو. هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس مان ماسٽرس ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻارهين اپريل 2011ع تي هن 84 سالن جي ڄمار ۾ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ بابت هن جو ڪتاب “پوليٽڪس ان پاڪستان دي نيچر اينڊ ڊائريڪشن آف چينج” به پڙهڻ وٽان آهن، مٿي ڄاڻايل سندس ڪتاب ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين ڏهاڪو کن سالن جو مختصر جائزو به شامل آهي. اهو ڪتاب 1969ع ۾ آڪسفورڊ پاران ڇاپيو ويو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾دلچسپي رکندڙن لاءِ اهو ڪتاب ڄاڻ جو خزانو آهي. هن ڪتاب جي اٺين باب “گورنر جنرل جا آئيني ۽ سياسي اختيار” مان ڪجهه ٽڪرا ترجمو ڪري هتي ڏجن ٿا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع کي اختيار ڪيو ويو، ان ايڪٽ ۾گورنر وٽ وسيع اختيار هئا. اهي اختيار برقرار رکيا ويا. سيڪشن 102 هيٺ گورنر جنرل کي اهو اختيار هو ته ايمرجنسي لاڳو ڪري سگھي. 27 آگسٽ 1948ع تي گورنر جنرل هڪ حڪمنامو جاري ڪيو ته جيئن ته پاڪستان مان ۽ پاڪستان ڏانهن وڏي انگ ۾ ماڻهن (پناهگيرن) جي اچ وڃ سبب شديد هنگامي صورتحال پيدا ٿي چُڪي آهي. تنهن ڪري ملڪ ۾ايمرجنسي لاڳو ڪجي ٿي. ان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ پٺيان اصل سبب اهو هو ته مرڪزي حڪومت اولهه پاڪستان جي صوبائي حڪومتن کي پنج لک کان وڌيڪ پناهگير آباد ڪرڻ تي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي هئي. پناهگيرن جي آبادي ۾ صوبائي مفاد رنڊڪ بڻجي رهيا هئا. وزيراعظم ۽ مرڪزي وزير مختلف وقتن تي صوبن کي تيزي سان وڌيڪ پناهگير آباد ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا هئا. جيئن ته صوبن وٽان ڪو اطمينان جوڳو سهڪار نه پئي مليو. تنهن ڪري گورنر جنرل جي ايمرجنسي اختيارن جوسهارو ورتو ويو. ان ايمرجنسي هيٺ مرڪزي ريفيو جي ڪائونسل سنڌ کي ٻه لک،سرحد کي هڪ لک، بهالپور، خيرپور ۽ بلوچستان کي هڪ لک پناهگير ترسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
ڪيترن ئي قومپرست مسلم ليگين لاءِاها اچرج جوڳي ڳالهه هئي ته قائداعظم چئن مان ٽن صوبن ۾ برطانوي آفيسرن کي گورنر مقرر ڪيو. سرجارج ڪنگھم سرحد جو، سر فرانسز مودي اولهه پنجاب ۽ سر فريڊرڪ بورني اوڀر بنگال جا گورنر هئا. سنڌ ۾سر غلام حسين هدايت الله گورنر هو. خان عبدالغفار خان برطانوي آفيسرن کي گورنر مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪندي لکيو ته “مون کي افسوس سان چوڻو ٿوپئي ته اسان جي هندو ڀائرن پنهنجي صوبي ۾ هندستاني گورنر مقرر ڪيا آهن، جتي مرد نه پرعورتون به گورنر مقرر ٿيون آهن ته ڇا بنگال ۽ پنجاب ۾ مسلمان نه ٿي مليا جن کي گورنر مقرر ڪجي ها. مونکي چوڻو ٿو پئي ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان برطانوين کي نيڪالي ڏني ۽ وري کين اسان جي مٿان ويهاريو ويو آهي. ڇا اها اسلامي ڀائپي آهي؟ اهو آهي اسلامي پاڪستان؟
ليکڪ کي مليل شاهدين موجب سرجارج ڪننگھم سرحد ۾ ڪابينا اجلاسن جي صدارت ڪندو هو. 23 آگسٽ 1947ع تي ڊان رپورٽ ڪيو ته سرفرانسز مودي پنجاب ڪابينا جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾پاڪستان آرمي جي ڪمانڊر ان چيف سر فرينڪ ميسروي پڻ شرڪت ڪئي.
سنڌ جو گورنر سر غلام حسين هدايت الله ته ايترو بااختيار هو جو وڏي وزير جي مرضي جي ابتڙ کاتا به بدلائي ڇڏيندو هو.
ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جنهن پهرين وزارت کي ختم ڪيو ويو اها اتر-اولهه سرحد صوبي جي خان صاحب جي وزارت هئي. گورنر پاران 22 آگسٽ 1947ع تي (ملڪ ٺهڻ کان هفتو پوءِ) سندس وزارت جو ڊسمس ڪئي وئي. سندس وزارت گورنر پاران جناح جي چٽين هدايتن هيٺ ختم ڪئي وئي. جناح صاحب سرحد جي گورنر کي چٽن لفظن ۾ چيو ته اختيار ڪيل ايڪٽ جي سيڪشن 51 جي سب سيڪشن (5) هيٺ سندس وزارت ختم ڪئي وڃي.
حڪومت ختم ڪرڻ جو ٻيو واقعو محمد ايوب کهڙي جي وزارت جو هو، جنهن کي صوبي جي گورنر پاران گورنر جنرل جي حڪم هيٺ 26 اپريل 1948ع تي ختم ڪيو ويو. ساڳي ايڪٽ جو حوالو ڏيندي گورنر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ايوب کهڙي تي خراب انتظامڪاري،ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا. گورنر پاران کهڙي خلاف لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ عدالتي ٽربيونل به جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو.
کهڙي کي ڊسمس ڪرڻ کان اڳ اهو رپورٽ ٿي چڪو هو ته کهڙي ۽ گورنر شيخ غلام حسين هدايت الله وچ ۾ ويڇا پيدا ٿي چڪا هئا. ڇو ته گورنر پاران کهڙي کي اورانگھي ڪابينا جا کاتا تبديل ڪيا ويا هئا.
جڏهن کهڙي کي هٽايو ٿي ويو،ان وقت باقي صوبن جون حالتون به سٺيون نه هيون،کهڙي جي حڪومت هٽائڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جناح صاحب اولهه پنجاب جي پريميئر خان آف ممدوٽ ۽ ٻن وزيرن ممتاز دولتاڻا ۽ سردار شوڪت حيات خان سان بحث ۾ رڌل هو. ان بحث جو موضوع حڪومت پاران صوبي ۾ ڪرپشن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل خصوصي پوليس آفيسرن کي صوبائي حڪومت پاران سهڪار فراهم نه ڪرڻ ۽ ڪابينا ۾ واڌ تي سهڪار نه ڪرڻ وارا الزام هئا.
هوڏانهن سرحد صوبي ۾ خان عبدالغفار خان کي فرنٽيئر ڪرائمز ريگيوليشن هيٺ گرفتار ڪري ٽي سال ٽيپ ڏئي جيل اماڻيو ويو.
چيف ڪمشنر جي صوبي بلوچستان بابت گورنر جنرل جا اختيار سيڪشن 94 ۽ 95 ۾ واضح ڪيا ويا هئا. انهن اختيارن ۾ ڄاڻايل هو ته گورنر جنرل بلوچستان اندر امن امان ۽ سٺي حڪمراني لاءِ قاعدا قانون جوڙي سگھي ٿو يا وفاقي حڪومت جي ڪنهن ايڪٽ کي تبديل ڪري سگھي ٿو،جيتوڻيڪ جناح انهن سيڪشنز مان “سندس هدايت هيٺ” جا لفظ ڪڍرائي ڇڏيا هئا. پر ان ۾ وري “سندس صوابديد هيٺ” جا لفظ شامل ڪرائي ڇڏيا هئائين.
ان ريت قاعد اعظم وٽ تمام گهڻا آئيني اختيار هئا. جيتوڻيڪ سيڪشن 10 کان 17 ۾ هن مرڪزي ڪابينا بابت صوابديدي اختيار ڪڍرائي ڇڏيا هئا پر سيڪشن 17 هيٺ انهن مان اڪثر اختيار بحال ڪري ڇڏيا هئائين.
ان ريت پاڪستان جو گورنر جنرل نه رڳو پنهنجي ٻئي هم اثر گورنر جنرل کان وڌيڪ بااختيار هو پر هو اڳوڻن هندستاني وائسرائز کان به وڌيڪ بااختيار هو.
1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ گورنر جنرل تمام گھڻا اختيار هوندي به سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا معرفت برطانوي پارليامينٽ آڏو جوابده هو، پر جناح صاحب ڪنهن جي اڳيان جوابده نه هو. ٻين گورنر جنرل جيان هو بادشاھ کي ذاتي رپورٽ نه موڪليندو هو. قانون سازاسيمبلي يا مقننه به سندس اختيارن تي سوال اٿارڻ جو سوچي نه ٿي سگھيون.
ملڪي آئين موجب گورنر جنرل کي تمام گھڻا اختيار هجڻ باوجود ايڪٽ جي سيڪشن 8 مطابق کيس اختيار آئين سازاسيمبلي جي رضامندي سان استعمال ڪرڻا هئا. پر ان جو امڪان ان ڪري نه هئو جو گورنر جنرل پاڻ آئين ساز اسيمبلي جو چونڊيل صدر به هئو،
جناح جي ٻارهين آگسٽ 1947ع واري تقرير ۾ هن ٽن شين تي زور ڏنو، پهرين امن امان جو قيام، ٻين بدعنواني ۽ رشوت جو انت ۽ ٽين هندو،مسلمانن ۽ عيسائين سميت سمورن شهرين لاءِ برابري وارا حق.
13 فيبروري 1948ع تي مرڪزي حڪومت به اپاءُ وٺڻ بابت حڪمنامو جاري ڪيو. گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ هڪ ترميم ۽ هڪ آرڊيننس وسيلي مرڪزي حڪومت کي ملڪ مان رشوت جي پاڙ پٽڻ لاءِ متحرڪ انتظامي ڍانچو ٺاهڻ جا اختيار ڏنا ويا ته آرڊيننس وسيلي مرڪز توڙي صوبن اندر حدون رکندڙ هڪ خصوصي مرڪزي پوليس فورس قائم ڪري سگھي.
12 آگسٽ 1947ع تي لياقت علي خان ٺهراءُ پيش ڪيو ته جناح صاحب جيڪو آئين ساز اسيمبلي جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو گورنر جنرل به آهي، ان کي 15 آگسٽ 1947ع کان سمورن سرڪاري قانونن، دستاويزن ۽ خطن ۾ قاعد اعظم محمد علي جناح ڪري لکيو وڃي.
22 آگسٽ 1947ع جمعي جي ڏينهن پاڪستان ڪالوني جي مسيت ۾جمعي نماز جي خطبي ۾ قاعداعظم محمد علي جناح جو نالو ورتو ويو، نماز جي امامت ڪندڙ سنڌ جي تعليم واري وزير پير الاهي بخش پنهنجي بيان ۾ چيو ته مسلمان ملڪن ۾ اها روايت آهي ته جمعي نماز ۽ عيد جي خطبي ۾ خليفي يا بادشاھ جو نالو کنيو ويندو آهي. جيئن ته هاڻي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي، تنهنڪري سڄي ملڪ اندر خطبن ۾قاعداعظم جو نالوکڻڻ مناسب ٿيندو. مان ان ڏس ۾ سڄي ملڪ جي مسلمانن کي گذارش ٿو ڪيان ته سڄي ملڪ جي مسيتن ۾ان جي شروعات ڪئي وڃي. قاعداعظم جو نالو اميرالملت قاعداعظم محمد علي جناح طور ورتو ويو.
ڪيمپبل جانسن جناح صاحب جي اختيارن بابت لکيو ته گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي نائين شيڊول موجب قاعداعظم ۾ بادشاھه سلامت، آرچ شپ آف ڪينٽربري اسپيڪر ۽ وزيراعظم سڀ سمايل آهن.
ليکڪ هن ڪتاب ۾ جناح صاحب جي انهن آئيني ۽ سياسي اختيارن تي تفصيل سان روشني وڌي آهي، انتهائي بااختيار گورنر جنرل ۽ ملڪ جي باني کي ملڪ ٺهڻ کان پوءِ رڳو هڪ سال جي زندگي ملي سگھي ۽ سندس لاڏاڻي کان پوءِ اهي بحران اڳي کان سنگين ٿيندا ويا. جن جا اثر اڄ تائين هلندا پيا اچن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *