Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_6cd0bjgkc0omg3pmjn6bj104nl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پاڪستان جو مسئلو آهي ڪهڙو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پاڪستان جو مسئلو آهي ڪهڙو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پاڪستان جو مسئلو آهي ڪهڙو؟

پاڪستان جو مسئلو انتظامي آهي؟ ادارتي آهي يا سياسي؟ سمجه ۾ ڪونه ٿو اچي ته جنهن نازڪ دور کان پاڪستان جي وجود جي شروعات ٿي آهي، اهو اڄ تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي! جناح صاحب جو پاڪستان ته شايد ان ڏينهن موڪلائي ويو جنهن ڏينهن بنگال بنگلاديش بڻجي ويو، پر ممڪن آهي اهو پاڪستان ان ڏينهن ئي اڻپورو رهجي ويو هجي جنهن ڏينهن جناح صاحب اها پيش رفت ڪئي ته هاڻي مسلم ليگ کي ختم ڪري نيشنل ليگ جو بنياد وجهي ملڪ جي سمورين مذهبي اقليتن کي انهي جو حصو بڻائجي، پر ان وقت جي اسٽئبلشمينٽ جي مخالفت ۽ انهي جي خلاف شروع ڪيل ميڊيا مهم انهي پاڪستان کي به قبول نه ڪيو جنهن جي تشريح جناح صاحب جي ان 11 آگسٽ1947ع واري تقرير ۾ ڪيل هئي جيڪا اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن به رڪارڊ ۾ ڪونه ٿي ملي! انهي تقرير ۾ هن ملڪ جي اندر بنا ڪنهن مذهبي نسلي ۽ رنگ جي تفريق جي هڪ آزاد معاشري واري رياست جو تصور ڏنو ويو هو، پر حيرت جهڙي ڳاله آهي ته اڄ سوڌو اها اسٽئبلشمينٽ پاڪستان جي بنيادن کي نازڪ دور مان ڪڍي ان کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ ڪمزور ڪري تهان وڌيڪ نازڪ حالت ۾ داخل ڪندي رهي آهي.
لکت ۾ ته هي ملڪ اسلامي جمهوريا پاڪستان آهي، پر عملي طور نه هتي اسلام آهي، نه جمهوريت. رياست جي ڪار ونهوار ۾ ڪٿي اسلام کي پٺي ڏئي دنيا سان دوستي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري جمهوريت کي جوتي هيٺان ڏئي طاقت جي زور تي من پسند حڪمراني جي وسيلي مخصوص اداري جي مخصوص فردن جي مفادن جي تڪميل ۽ تعمير لاءِ حڪومت جوڙي ويندي آهي. جيڪڏهن ڳالهه سليڪٽرز ۽ سليڪٽيڊ جي ڪجي ته اهو ڪو اڄ جو مسئلو ڪونهي، پر شروع کان وٺي جيڪو بنياد هتي انگريز حڪمرانن وڌو سو قائم ۽ دائم آهي. ممڪن آهي ته اڃا برطانوي راڄ ۾ ڪجهه جمهوري روايتون ۽ انهن جو احترام وڌيڪ هجي، پر انهي بعد ته هن ملڪ ۾ انهن جمهوري قدرن جي پائمالي ئي ٿيندي رهي آهي. اڄ جيڪي پارٽيون مخالف جماعتن جو اتحاد ٺاهي اها گهر ڪري رهيون آهن ته اسٽئبلشمينٽ جو سياست ۾ ڪو ڪردار نه هجڻ گهرجي، تن جي ٻن مک جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ابتدا اسٽئبلشمينٽ جي آشيرواد سان ٿي آهي. اهوئي سبب آهي ته هو سخت موقف رکڻ بعد ڪنهن نه ڪنهن سياسي موڙ ته اها گنجائش ڪڍي وٺندا آهن ته جيڪڏهن کين اقتدار ۾ حصو ڏنو وڃي يا ايندڙ وقت ۾ اقتدار تائين رسائي جي گنجائش پيدا ڪئي وڃي ته هو وري به انهي اسٽئبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري وٺندا، جنهن کي ملڪ جي جمهوري مفادن جو ۽ ملڪ جي عوام مخالف سمجهن ٿا.
اڃا ڪي ڏينهن به نه گذريا هوندا جو ميان نواز شريف جي تقرير ملڪي سياسي ميدان جو گرما گرم موضوع بڻجي وئي. جنهن ۾ هن عسڪري ادارن جي سربراهن جا نالا کڻي چيو ته سندس حڪومت کي ڊاهڻ ۽ هن جي خلاف ڪيسن جي پٺيان انهن جو ڪردار آهي، ته مٿان وري بلاول جو اهو بيان اچي ويو ته اهو ميان صاحب جو ذاتي موقف آهي. اميد آهي ته هو جلدي انهي جا ثبوت پيش ڪندو ۽ سندس چواڻي ته اتحادي جماعتن جي اندر اهو طئه ٿيل هو ته ڪنهن جا به نالا نه کڻبا، پر مولانا صاحب انهي معاملي کي حل ڪندي چيو ته ڪو به اهڙو فيصلو ڪيل ڪونه هو جڏهن ٻين ادارن جي سربراهن جا ۽ سياستدانن جا نالا کڻي سگهجن ٿا ته پوءِ انهن ادارن جي سربراهن جا نالا ڇو نه ٿا کڻي سگهجن. اڃا اهو بحث پورو ئي ڪونه ٿيو هو ته مٿان وري مريم نواز چئي ڇڏيو ته آئين جي دائري ۾ انهن ادارن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر پهرين سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلين ته پوءِ ڳالهيون ڪبيون. سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي هڪ طرف اهي چون ٿا ته سياست ۾ انهن عسڪري ادارن جو ۽ انهن جي ڪنهن سربراهه جو ڪو عمل دخل نه هجڻ گهرجي. ٻئي طرف وري انهن سان ئي اها شرط رکن ٿا ته اوهان سان ڪن حدن ۾ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون جي موجوده حڪومت کي هٽائڻ جي يقين دهاني ڪرائي وڃي! هڪ ته اهو عمل جنهن وسيلي موجوده حڪومت کي هٽائڻ جي جن کان گهر ڪئي وڃي ٿي اهوخود هڪ غير جمهوري عمل آهي، ٻيو جن سان ڳالهين جا دروازا کولڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، مطلب ته انهن جي سياست ۾ ڪردار، نه رڳو ڪردار پر بااثر ڪردار، کي قبول ڪرڻ ۽ انهي کي توسيع ڏيڻ جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي.
هڪ طرف اهي جماعتون اها خواهش رکن ٿيون ته پاڪستان جي سياسي ميدان ۾ ڪنهن به اداري جي مداخلت نه هجي، جمهوري نظام هجي، پارليامينٽ جي بالادستي هجي، پر ٻئي طرف جڏهن معاملو اقتدار جو اچي ٿو ته انهي وقت انهن کي صرف ڪرسي نظر اچي ٿي ۽ اهو کائن وسري ٿو وڃي ته جمهوريت ڪهڙي رستي کان ايندي. هنن جي اقتدار ۽ اختيار تي رسائي وارو چور دروازو ئي اصل جمهوريت هجي ٿي. جڏهن اقتدار کان ٻاهر آهن ته پوءِ اها حڪومت کين غير جمهوري طريقي سان چونڊجي آيل لڳي ٿي، حڪمران سليڪٽيڊ لڳن ٿا ۽ اهي ادارا يا انهن جا سربراهه انهن کي سليڪٽرز لڳن ٿا، پر پاڻ جڏهن اهو اعلان ڪن ٿا ته هو ڳالهائڻ لاءِ به تيار آهن ته شرط اهو رکن ٿا ته موجوده حڪومت کي هٽايو ته پوءِ اها هنن جي به شڪايت نه هجڻ گهرجي ته هنن کي ڪنهن حڪومت تان هٽايو ۽ ڪيئن ٻين کي آندو ويو.
هن ملڪ جو مسئلو بنيادي طور سياسي اصولن، قدرن ۽ بنيادن جو آهي جن جي وسيلي جمهوري بنياد پوڻا آهن. اقتدار جي حاصلات لاءِ اڪثر اقتداري سياست ڪندڙ ڌرين کان اهو وسري ٿو وڃي ته جڏهن هو ڳالهين جي وسيلي پاڻ اقتدار تائين رسائي حاصل ڪن ٿا ته جن شرطن تي کين اقتدار ملي رهيو آهي ممڪن آهي انهي کان آسان شرطن تي ڪنهن ٻئي جماعت کي اقتدار ملي وڃي. هتي انهن غير جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائيندڙ به اهي ئي سياسي جماعتون آهن جيڪي پنهنجي اقتدار جي حاصلات لاءِ عوام جي طاقت تي يقين رکڻ بجاءِ انهن ادارن جي مٿان يقين رکن ٿيون جن وٽ ملڪ جو گن پاور آهي. جمهوريت جي بحالي لاءِ عوامي جدوجهد ۽ معاهدا ڪا نئين ڳالهه ڪونهي ماضي ۾ به ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ٿي ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿئي، پر پيپلز پارٽي اقتدار حاصل ڪري اهو چوندي رهي ته جمهوريت جو رستو ڊگهو آهي، اهو هڪ پراسيس وسيلي ايندو. جڏهن کائن اقتدار کسجي ويو ته پوءِ هنن اهو تسليم ئي نه ڪيو ته کين ڪو اختيار ۽ اقتدار مليو به هو! ڪنٽرولڊ جمهوريت جو اصطلاح ايجاد ٿيو ۽ پوءِ اهو قبول ڪيو ويو ته هتي اقتدار ڪنهن چور دروازي کان ئي ملي ٿو. لنڊن ۾ ميثاقِ جمهوريت جي نالي سان معاهدا ٿيا، پر وري جڏهن موقعو مليو ته اهائي پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار لاءِ مشرف سان ڳجهي دروازن کان اقتدار ۾ اچڻ جا دروازا کولرائڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون. اڄ وري انهي ساڳي جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد جي ڪوشش ۽ ميثاق جمهوريت جا معاهدا ڪرڻ لاءِ چارٽر ترتيب ڏنا پيا وڃن، پر پردي جي پٺيان سڀني جي ڳالهين جا دروازا انهن ئي چور دروازن جي درٻانن سان جاري آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوريت ممڪن بڻجي ئي نه سگهي آهي ويتر روز بروز جمهوري قدر ڪمزور ٿيا آهن ۽ انهن ادارن جو اختيار يا ڪردار سياسي عمل ۾ وڌيڪ سگهارو ٿيندو رهيو آهي جن جي ڪردار جي خاتمي جي خواهش موجوده پي ڊي ايم ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *