Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_5jgep7ku5pg421cg4ofs8jp7l3, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پاڪستان ۽ اسرائيل جا ڳجها رابطا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پاڪستان ۽ اسرائيل جا ڳجها رابطا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پاڪستان ۽ اسرائيل جا ڳجها رابطا

وزيراعظم عمران خان نهايت واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪندو جيستائين فلسطينين جي اهڙي مملڪت قائم نه ٿيندي جيڪا انهن لاءِ قابل قبول هجي.
گذريل 72 سالن کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جو پاڪستان جي ڪنهن وزيراعظم اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي ڇو ته ان کان اڳ اهي اشارا هئا ته حڪومت پاڪستان جي ڪجهه حلقن ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪئي پئي وئي ۽ هڪ عرصي کان پاڪستان جا اسرائيل سان ڳجها رابطا جاري هئا.
اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ پاڪستان ۾ مهم جون 2003ع ۾ ڪيمپ ڊيوڊ ۾ صدر بش سان فوجي آمر پرويز مشرف جي ملاقات کانپوءِ شروع ٿي هئي. ڪيمپ ڊيوڊ بابت اها ڳالهه مشهور آهي ۽ تاريخي حقيقتون به ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته آمريڪا جو صدر جڏهن ڪنهن پرڏيهي سربراهه جو ڪنهن نهايت ڏکئي حساس ۽ خطرناڪ معاملي تي هٿ مروڙڻ چاهيندو هو ۽ پنهنجي مرضي موجب فيصلو ڪرڻ چاهيندو هو ته هو ان کي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ دعوت ڏيندو هو.
ڪيمپ ڊيوڊ جي گهاٽي ٻيلي ۽ جبلن ۾ خبر ناهي ڪهڙو جادو آهي جو پرڏيهي سربراهه آمريڪي صدر جي ڳالهه مڃي موٽندا آهن. صدر سادات ۽ ياسر عرفات سان به ايئن ئي ٿيو. صدر سادات ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ئي اسرائيل سان امن سمجهوتو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو ۽ اهڙي ريت ياسر عرفات اوسلو سمجهوتو قبول ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي.
2003ع ۾ ڪيمپ ڊيوڊ جي ڳالهين کانپوءِ جهڙي تيزي سان پاڪستان ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو معاملو اڀريو، ان تي مبصرن موجب گهڻن ماڻهن اهو نتيجو ڪڍيو هو ته صدر جنرل مشرف ان مسئلي تي آمريڪي صدر سان واعدو ڪري آيو آهي.
اها ڳالهه معنيٰ واري ته هئي ته ڪيمپ ڊيوڊ جي ڳالهين جي ترت پوءِ پاڪستان ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل ان سوال تي هڪ سروي ڪرائي. نتيجو هن سروي جو حيرت ۽ تعجب ۾ وجهندڙ نه هو ته پاڪستان جي عوام جو وڏو تعداد اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ آهي.
هن سروي کان ترت پوءِ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس هن سوال تي هڪ بيانيو تيار ڪيو جنهن ۾ اهو دليل پيش ڪيو ويو هو ته اسرائيل سان لاڳاپن سان پاڪستان کي سياسي، فوجي ۽ اقتصادي فائدا حاصل ٿيندا.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيسر جي اهڙي بيانئي بابت پاڪستاني اخبارن ۾ جيڪي خبرون شايع ٿيون انهن موجب اهو دليل پيش ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيو ويو ته پاڪستان کي سياسي، فوجي ۽ اقتصادي فائدا حاصل ٿيندا. هن بيانئي ۾ چيو ويو هو ته اسرائيل سان لاڳاپن جي زور تي آمريڪا ۽ ٻين اولهه جي ملڪن جي ناراضگي ۾ گهٽتائي ايندي. اهو دليل به پيش ڪيو ويو هو ته اهڙي قدم سان اسرائيل ۽ هندستان وچ ۾ تيزي سان وڌندڙ فوجي سهڪار کي روڪڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان ۾ اولهه جي ملڪن جي سيڙپڪاري کي هٿي حاصل ٿيندي.
اهو ڳالهه اهم آهي ته پاڪستانٺهڻ جي ترت پوءِ اسرائيل جي اڳواڻ ڊيوڊ بن گوريان قائداعظم محمد علي جناح کي پيغام موڪليو هو جنهن ۾ کيس درخواست ڪئي وئي هئي ته پاڪستان، اسرائيل کي تسليم ڪري وٺي پر قائد اعظم هن پيغام جو ڪو جواب نه ڏنو ڇو ته 1940ع ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ جي هن تاريخي اجلاس ۾ جنهن ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو قائد اعظم پنهنجي صدارتي خطبي ۾ برطانيا کي خبردار ڪيو هو ته فلسطين جي عربن خلاف جيڪا سازش ٿي رهي آهي ان کي تسليم نه ڪيو ويندو ۽ هندستان جا مسلمان ڪنهن صورت ۾ فلسطينين بابت فوجي بل تي ڪو فيصلو قبول نه ڪندا.
جيتوڻيڪ جنوري 1953ع ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير ظفرالله خان جنهن 1947ع ۾ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ورهاڱي جي منصوبي خلاف ڀرپور تقرير ڪئي هئي ۽ عالم اسلام جون دليون کٽي ورتيون هيون. هن منصوبي جي منظوري جي فوري بعد دمشق ۾ هڪ مشهور جاسوس يوريل ميڊ سان ملاقات ڪئي هئي جيڪو انهي زماني ۾ اسرائيل جي ڳجهي سروس لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. يوريل ميڊ پنهنجي يادداشتن ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته هن ملاقات ۾ ظفر الله خان اهو اعتراف ڪيو هو ته فلسطين جو ورهاڱو ئي هن مسئلي جو بهترين حل آهي.
پوءِ اپريل 1948ع ۾ ظفر الله خان نيو يارڪ ۾ اسرائيل جي اڳوڻي صدر وايز مين سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ظفر الله خان گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ابا ايبان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سوال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
1957ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو گڏيل قومن ۾ اسرائيلي نمائندي شتابل روزينه سان کاڌي تي ملاقات ڪئي هئي ۽ بقول شتابل روزينه جي هن ملاقات ۾ مرحوم ڀٽو چيو هو ته پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته هو اسرائيل کي تسليم ڪري ڇو ته اسرائيل هاڻي هڪ حقيقت آهي.
1970ع ۾ جنرل ضياءَ اردن ۾ پاڪستان جي هڪ برگيڊ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ان دوران هن اردن جي شاهه حسين خلاف فلسطيني مهم کي چٿڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو هو جنهن لاءِ شاهه حسين کيس اردن جي اعليٰ ترين فوجي اعزاز سان نوازيو هو. هن مارچ 1986ع ۾ پي ايل او کي صلاح ڏني هئي ته هو اسرائيل کي تسليم ڪري. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ اسرائيل وچ ۾ انٽيليجنس جي شعبي ۾ سهڪار جو سلسلو شروع ٿيو هو. جنرل ضياءَ آءِ ايس آءِ کي هدايت ڪئي هئي ته هو اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد سان رابطو قائم ڪري. رابطي جو مرڪز واشنگٽن هو جتي سي آءِ اي رابطي ڪار هئي. اهو زمانو اهو هو جڏهن افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف آپريشن سائڪلون جاري هو. ان کانپوءِ به آءِ ايس آءِ ۽ موساد وچ ۾ رابطو برقرار رهيو ۽ آءِ ايس آءِ جي احمد شجاع پاشا جو سڌي ريت موساد سان رابطو رهيو.
1993ع ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت اعظميٰ جي دور ۾ ان زماني جي ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز پرويز مشرف کي هدايت ڪئي هئي ته هو اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد سان آءِ ايس آءِ جي رابطن کي تيز ڪري ڇڏي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن هدايت کان اڳ بينظير ڀٽو نيو يارڪ ۾ اسرائيل جي هڪ اعليٰ ايلچي سان ڳجهي ملاقات ڪئي هئي.
1998ع ۾ نواز شريف هڪ ڳجهي ايلچي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات لاءِ تل ابيب موڪليو هو. هن مشن جو مقصد اسرائيل کي يقين ڏيارڻ هو ته پاڪستان پنهنجي جوهري ٽيڪنالاجي ايران کي منتقل نه ڪندو. 2005ع ۾ استنبول ۾ پاڪستان ۽ اسرائيل جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ پهريون ڀيرو کليل نموني ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي مسئلي تي غور ڪيو ويو هو ان کان اڳ نواز شريف جيڪو اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند هو پرڏيهي آفيس کي هدايت ڪئي هئي ته اسرائيل بابت پاڪستان جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. نواز شريف جي دور ۾ ان وقت جي صدر رفيق تارڙ بابت اهو مشهور آهي ته جڏهن آڪٽوبر 1998ع ۾ هو ترڪي جي راڄڌاني انقره جي دوري تي هو ته هن هڪ آجياڻي ۾ اسرائيل جي صدر وايز مين سان هٿ ملائي چيو هو ته “اوهان امن وارا ماڻهو آهيو ۽ اوهان سان ملاقات وڏو اعزاز آهي”
2010ع ۾ وڪي ليڪس ۾ آمريڪا جي هن سفارتي تار جو انڪشاف ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه احمد شجاع پاشا واشنگٽن جي ڀائيواري سان اسرائيل کي خبردار ڪيو هو ته هندستان تي دهشتگرد حملو ٿيڻ وارو آهي. احمد شجاع پاشا جو اهو قدم، بمبئي جي حملي کان اڳ جو آهي.
مطلب هي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي ڪنهن به ريت پاڪستان جي حڪمرانن جا اسرائيل سان ڳجها رابطا رهيا آهن ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپا رکڻ جا خواهشمند رهيا آهن. 1981ع ۾ اهو ئي اسرائيل هو جنهن پاڪستان ۾ ڪهوٽا جي جوهري ريسرچ جي ٺڪاڻن تي هندستان جي ڀائيواري سان حملي جو منصوبو ٺاهيو هو. هن حملي لاءِ هندستان جي هوائي اڏن جو استعمال هن منصوبي جو اهم حصو هو. خوش قسمتي سان پاڪستان کي پنهنجي ذريعن وٽان اسرائيل جي هن منصوبي جي ڄاڻ پئجي وئي ۽ پاڪستان جي فضائيه اسرائيلي حملي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سڀ قدم کڻي ورتا هئا. ٻڌايو وڃي ٿو ته فضائيه جا سمورا هواباز آپگهاتي حملا ڪرڻ لاءِ تيار هئا. اسرائيل کي جڏهن پاڪستان جي انهن قدمن بابت خبر پئي ته ان وقت اهو منصوبو ڇڏيو ويو.
اميد آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ بابت وزيراعظم جي واضح موقف کانپوءِ پاڪستان ۾ اهي عنصر جيڪي اسرائيل جي حمايت ڪندا آهن اهي پاڪستان ۽ فلسطينين جي مفاد کي نظر ۾ رکندي پنهنجي موقف تي غور ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *