تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جو سوال

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جائزو وٺون ٿا ته معلوم ٿو ٿئي ته پاڪستان جي شروعاتي دور کان وٺي “مقتدر حلقن” پاڪستان ۾ عوامي جمهوري راڄ قائم ٿيڻ نه ڏنو آهي اھي حلقا سڌي يا اڻسڌي طرح پنھنجي حڪمراني قائم رکندا پيا اچن. شروع کان ئي دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي تي انھن ڌرين جي گرپ رھندي پئي اچي. پرڏيهي پاليسي جي معاملي ۾ ملڪ کي  آمريڪا حامي ڪري هلايو پيو وڃي ۽ ملڪ اندر ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي لابين سان مخالفت ۾ رھڻ ۽ ترقي پسند سوچ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انتھاپسند ۽ سخت مذھبي خيالن جي ماڻھن جي پٺي ٺپي اڳتي آندو ويو آهي. “ڪشمير بني گا پاڪستان” جو عوام کي لالي پاپ ڏئي ملڪ جي 70 سيڪڙو بجيٽ کي ھضم ڪرڻ، پنھنجي جائز ناجائز بيانيي جي تحفظ لاءِ بلوچستان، فاٽا،گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير تي سڌي طرح ۽ ڪراچي تي اڻ سڌي طرح قابض رھڻ، ان کان وڌيڪ باقي رھيل پاڪستان جي اليڪشن تي اثر انداز ٿي، من پسند ماڻھن کي اسيمبلي تائين اڪثريت ۾ پھچائن ٿا.
سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن  تي صدارتي آرڊيننس  ذريعي قبضي جي ڪوشش جاري آھي ته جيئن اتي ھائوسنگ جي شعبي سان گڏ ٻي سرمائيڪاري ڪري سگھجي ان جي نتيجي ۾ فوج ھڪ ويل ڊسيپلينڊ ادارو ھوندي جڏھن سرمائيڪاري  ڪري ٿي ته ان جي بيھڪ ھڪ سيڙپڪار ڪمپني جي ٿي وڃي ٿي. هي ڳالهه ذھن نشين ڪرڻ گهرجي ته سرمائيڪار پنھنجي ۽ سرمائي جي تحفظ لاءِ ادارن جي مدد وٺندو آھي جڏھن ته ھي خود ادارو آھي تنھن جي ڪري ڪھڙي به صورت ۾ پنھنجي سرمائي جو پاڻ  ئي دفاع ڪندو.موجوده سياسي سيٽ اپ کي سينگاري عمران سرڪار کي به ان ڪري آندو ويو ته جيئن پنھنجن معاشي مقصدن کي تحفظ بخشي سگھجي ته اڳين سياسي حڪومتن سان ٽڪراءُ جو مقصد به اھو ھو ته سياسي ماڻھن پارلياماني جمهوريت ۽ 73ع جي آئين جي حدن ۾ جيڪي ڪم اچن ٿا انھن کي پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي تابع ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي. جيڪو طاقتور ڌريون ڪڏھن به نه   چاھينديون، پوءِ ته ڪرپشن، بدعنواني، ڪڪ بيڪ يا ڪميشن جا سوين الزام سياستدانن تي لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان ڪري پاڪستان ۾ حقيقي عوامي جمهوريت قائم ٿيڻ پاڪستان جي باشعور ماڻهن لاء اڄ به سوال بڻيل آهي. جيستائين ادارن جي سرمائيڪاري جو عمل بند نه ٿيندو تيستائين صورتحال ۾ بهتري جي رڳو اميد ئي ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ پاڪستان جي ترقي پسند کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ قوتن کي پاڪستان ۾ حقيقي عوامي جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ هوشياري ۽ بهادري سان جدوجهد ڪرڻي پوندي.  نه ته ڪنٽرولڊ ڊيمو ڪريسي ئي قائم رهندي.!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *