Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_7jlachp69qtuf78jlvapn7vbb5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پاڪستان ۾ دولتمندن جي حڪمراني - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پاڪستان ۾ دولتمندن جي حڪمراني - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

پاڪستان ۾ دولتمندن جي حڪمراني

پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبيلي، صوبائي اسيمبلين، سينيٽ جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا آهن، اهي تفصيل ڪميشن جي پابندي جي نتيجي ۾ ميمبر پاڻ فراهم ڪرڻ جا پابند آهن. اهي تفصيل پڙهي هڪ ڀيرو سوچڻو پئجي ويو ته غريب ماڻهن جا نمائندا ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي آهن. انهن مان ڪجهه جي اثاثن تي نظر وجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي اثاثن جي ڪل ماليت 8 ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي، کيس تحفي ۾ مليل ملڪيتون ڌار آهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا اثاثا هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جا آهن، انهن ۾ غيرمتحرڪ جائداد به شامل آهي. سندس والد جا اثاثا به اربن جا آهن. نواب اسلم رئيساڻي 21 اربن جا اثاثا رکندڙ سڀ کان امير پارليامينٽ ميمبر آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي ملڪ ۾ 72 ڪروڙ 84 لک رپين جي ۽ ملڪ کان ٻاهر 5 ڪروڙن جي ملڪيت آهي. هن وٽ 19 ڪروڙ رپين جي زرعي زمين، هڪ ارب 79 ڪروڙن کان وڌيڪ جو رهائشي پلاٽ آهي. ڄام ڪمال وٽ 4 ڪروڙ 81 لک رپين جون 15 گاڏيون آهن. وٽس 4 ڪروڙ 11 لک رپيا روڪ آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي بلوچستان جي پارلياماني اڳواڻ ۽ تعليم واري وزير سردار يار محمد رند وٽ 14 هزار ايڪڙ زرعي زمين آهي جڏهن ته ڊيرا مراد جمالي ۾ موجود رهائشي پلاٽ جي قيمت 30 لک رپيا آهي. ان کانسواءِ ڪوئيٽا ۾ گهر 2 ڪروڙ رپين جو ۽ اسلام آباد ۾ ساڍن ٽن ڪروڙ رپين جو گهر ظاهر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر جان محمد جمالي هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ۽ 40 ايڪڙ زمين جي ملڪيت کانسواءِ 60 تولا سون ۽ 25 لک رپين جي گاڏي اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي. هن وٽ پاڪستان ۾ 75 لک رپيا ماليت جي پراپرٽي آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ 74 لک رپيا روڪ آهن ۽ 4 لک 26 هزار رپين جو بينڪ بيلنس اٿس. بلوچستان کي غريب صوبو قرار ڏنو ويندو آهي ۽ صوبي جي سمورن مسئلن جي ذميواري صوبائي حڪومت تي مڙهي ويندي آهي.
پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار 8 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن جي نالي تي ٻه گاڏيون ۽ 4 ٽريڪٽر آهن ۽ وٽس 20 تولا سون پڻ آهي. پر هن جو ملڪ اندر يا ملڪ کان ٻاهر ڪو به ڪاروبار نه آهي. پنجاب جو وزير عليم خان ڏيڍ ارب رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي 22 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ، صوبائي وزير راجا بشارت 2 ڪروڙ 93 لک کان وڌيڪ، صوبائي وزير راجا راشد حفيظ 11 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي. پي ٽي آءِ جو اعجاز خان جازي رڳو 2 لک 74 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. هن وٽ نه گاڏي، نه زيور آهن ۽ هن جو ملڪ اندر يا مڪ کان ٻاهر ڪو ڪاروبار به نه آهي. صوبائي وزير فياض الحسن چوهان وٽ راولپنڊي ۾ 9 مرلي جو وراثتي گهر آهي، جنهن جي قيمت 60 لک رپيا ٻڌائي آهي. هن وٽ راولپنڊي ۾ 4 مرلن جو پلاٽ ۽ ٻن لکن جو فرنيچر آهي. جڏهن ته سندس اڪائونٽ ۾ 13 لک 38 هزار 8 سئو 5 رپيا موجود آهن. حمزه شهباز شريف جي اثاثن جي ماليت 14 ڪروڙن کان وڌيڪ، احمد خان 5 ڪروڙ، ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان 13 ڪروڙ ۽ راڻا مشهود 5 ڪروڙن کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي. نواز ليگ جو سلمان رفيق 8 ڪروڙ، ميان محمود الرشيد 19 ڪروڙ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي حيدرگيلاني هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي.
سنڌ جو وزو وزير مراد علي شاهه 23 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي. هن وٽ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ماليت جون 2 گاڏيون به آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر 39 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جي مالڪ آهي. فريال ٽالپر وٽ 980 گرام سونا زيور ۽ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جون 3 گاڏيون به آهن.
سنڌ جو اطلاعات وارو وزير ناصر حسين شاهه 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن پاڻ وٽ 477 تولا سون به ظاهر ڪيو آهي، سنڌ جو هڪ ٻيو صوبائي وزير سهيل انور سيال 9 ڪروڙ 28 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو فردوس شميم نقوي 33 ڪروڙ 40 لک رپين جو مالڪ آهي، جڏهن ته حليم عادل شيخ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي.
دولتمندن جو هڪ جٿو پي ڊي ايم جي نالي سان جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ هلائي رهيو آهي، کين اها جمهوريت وڻندي جنهن ۾ کين اقتدار مليل هجي. ٻيو گروهه حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي سياستدان جيڪي رات ڏينهن جمهوريت جمهوريت ڪندي نه ٿا ٿڪجن، پاڪستان تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. اهي سياسي اڳواڻ ڪو موقعو ناهن وڃائيندا جنهن ۾ هو غريب عوام جي ڏک ۾ ڳوڙها نه ڳاڙيندا هجن ۽ انهن جو ڏک بيان نه ڪندا هجن. حڪومت جو ڌيان عوام جي غربت طرف نه ڏياريندا رهندا هجن. اهي اڳواڻ عوام لاءِ هر سهولت جا طلبگار هوندا آهن جيڪي حڪومت کي فراهم ڪرڻيون آهن. اهو ڪهڙو ڀيانڪ خواب لڳي ٿو جو بلوچستان جا سياستدان به ڪروڙ پتي هجن، بلوچستان جي عوام جي حالت ڏسو ته روئڻ ٿو اچي. اهي سياستدان اسپتال کان وٺي اسڪول تائين فرهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري قرار ڏين ٿا، پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ به حڪومت جو ڪم قرار ڏنو ويندو آهي. اسيمبلي ميمبر ڪنهن به نموني پنهنجو پاڻ کي ذميوار قرار نه ٿا ڏين. هو سمجهن ٿا اهي سمورا ڪم حڪومتن جي ڪرڻ جا آهن. سنڌ ۾ اڪثر پيشيواراڻا تعليمي ادارا نصرت ڀٽو، بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو ۽ آصفه جي نالي تي آهن. هنن ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟ انهن جو ڪم ته عوام تي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ حڪمراني ڪرڻ آهي. بکيا ماڻهو، جسم تي پورا ڪپڙا به نه آهن، پير ۾ جتي يا چپل به نه اٿن. غرض ته عوام وٽ ڪجهه به نه هوندو آهي. انهن جا نالي ۾ نهال پاڻ هرتا اڳواڻ آهن، جيڪي رات ڏينهن پاڪستان ۾ جمهوريت جو راڳ آلاپي رهيا آهن. ڇا جمهوريت ان کي ئي چئبو آهي ته ووٽ ڏيندڙ ماڻهن جي حيثيت غلامن جهڙي هجي؟ غلام ئي ته هوندا آهن جنهن جي ڪي هنن جي جمهوريت قائم آهي.
انهن دولتمند سياستدانن غلامن لاءِ تعليمي ادارا، اسپتالون وغيره قائم ڪرڻ جو سوچيو به نه آهي. انهن مان ڪو به گنگا رام ناهي، ڪو سر ڪائوسجي جهانگير نه آهي، ڪو جمشيد نسروانجي نه آهي، ڪو تولا رام نه آهي، ڪو نَوَل راءِ هيرانند نه آهي. هي ته بس دولتمند آهن، کين پنهنجي دولت تي گهمنڊ آهي. هي ان ئي دولت جي سهاري تي سياست ڪندا آهن. هن ملڪ ۾ جيستائين غلامن جي دم سان قائم جمهوريت موجود رهندي عوام جي حالت بهتر ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي خود ملڪ جي حالت به نه سڌرندي. ڇا هن ملڪ قائم ڪرڻ جو مقصد دولتمندن ۽ نون اميرن جي حڪمراني قائم ڪرڻ هو. تاريخ ته اهو ئي ٿي ٻڌائي ته دولتمندن جي حڪمراني ۾ جمهوريت واڌ ويجهه نه ٿي ڪري. جمهوريت به غلام ووٽرن جيان غلام ٻانهي بڻائي ويندي آهي. بابا فريد فرمائي ٿو ته:
چار دنان دا ميلا دنيا، ڦر مٽي دي ڍيري….

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *