تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پاڪستان ۾ ڪرپشن

اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرپشن کي ترندڙ برفاني ڇپ سان مشابهت ڏيون. (جنهن کي انگريزي ۾ iceberg چيو وڃي ٿو) ته انهي ڇپ جو تمام ٿورو حصو نظر اچي ٿو.جنهن کي (Tip of iceberg) چيو وڃي ٿو جڏهن ته وڏو حصو نظر کان لڪل رهي ٿو. هيٺيان ڪجهه واقعا انهي وڏي برفاني ڇپ جي خبر ڏين ٿا.
1 : بلوچستان مان اتان جي ناڻي واري سيڪريٽري جي گهران مقامي ۽ پرڏيهي ملڪن جي ڪروڙها رپين جي ڪرنسي هٿ آئي.
2 : اسلام آباد ايئرپورٽ تي ايان علي 5 لک آمريڪي ڊالر کڻي ويندي پڪڙي وئي، پر لاهور هاءِ ڪورٽ شهادتون نه ملڻ سبب ان کي بري ڪري ڇڏيو،
3 : ڪراچي ويجهو سامونڊي لانچ مان ڪروڙ ها روپين جي پرڏيهي ڪرنسي پڪڙي وئي.
4: غريب ماڻهن جي اڪائونٽن مان بنا انهن جي ڄاڻ جي ڪروڙها روپيا ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ويا،
مٿين ذڪر ڪيل هيٺين سطح جي ڪرپشن نه هئي. جنهن ۾ تپيدار ڪو پوليس وارو، يا ڪو ڪلارڪ هزارن ۾ رشوت وٺن ٿا. اها وڏي سطح جي ڪرپشن هئي جنهن ۾ اربن ۽ کربن جا انگ اچن ٿا. چين جي هڪ چوڻي مطابق مڇي مٿي کان سڙڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ پاڪستان ۾ به اها ڪرپشن مٿي سطح تي ڪئي وئي، جنهن ۾ حڪمران، سياسي قوتون، جج، ۽ ريٽائر ٿيل فوجي اچي وڃن ٿا. ٻين ملڪن ۾ ماڻهو امير ٿيڻ کان پوءِ سياست ۾ اچن ٿا. پاڪستان ۾ ماڻهو حڪومت ۾اچڻ کان پوءِ امير ٿين ٿا. وڏي ۽ مٿين سطح جي ڪرپشن سبب نقصان اهو ٿئي ٿو ته هڪ پاسي اهو ناڻو ٻين ملڪن ڏي هليو وڃي ٿو ۽ ٻئي ٻاسي انهي مان ملڪيتون ٻاهران ملڪن ۾ ورتيون وڃن ٿيون، ٽين پاسي اهو پئسو ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ انهي جو فائدو پاڪستان بدران ٻين ملڪن کي ٿئي ٿو. ڪجهه وقت اڳ انهي سطح جو اسڪينڊل اخبارن ۾ آيو ، جنهن مطابق پاڪستان جون 1400 کان وڌيڪ ملڪيتون دبئي ۾ آهن، هن مان 800 کان وڌيڪ سنڌ وارن جو آهن. انهي ڏس ۾ ايف آئي اي ۽ ايف بي آر طرفان صحافين کي نوٽيس ڏنا ويا جن ۾ اخبار ۽ چينل گروپ جو مالڪ مير شڪيل الرحمان، اينڪر پرسن حامد مير، سنڌ جو اڳوڻو وزير ۽ اڳوڻو ايم پي اي غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. مير شڪيل الرحمان جون دبئي ۾ 8 کان 10 ملڪيتون آهن، اهي ملڪيتون گهر ۽ فليٽس تي مشتمل آهن. اهي هنڊي يا حوالي ذريعي موڪليل پئسن ذريعي ورتيون ويون آهن. اهي مسواڙ تي ڏنيون ويون آهن. انهن جي مسواڙ به هنڊي يا حوالي ذريعي ورتي وڃي ٿي. انهن لاءِ بينڪ جو نظام نٿو استعمال ڪيو وڃي. انهي کان اڳ به 1997ع ۾ آمريڪا جي وال اسٽريٽ جنرل پاڪستان جي انهن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا جن جا آمريڪا بئنڪن ۾ 10 لک کان هڪ ارب آمريڪي ڊالر رکيل هئا. ان لسٽ ۾ ملڪ جي سڀني سياستدانن جا نالا شامل هئا. وري سال 2014ع ۾ پارلياماني سيڪريٽري قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته سوئزرلينڊ جي بئنڪن ۾ پاڪستانين جا 200 ارب ڊالر پيا آهن.
ڪرپشن ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟
ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ٻه وڏا مسئلا آهن پهريون ٻاهران ويل ناڻو ڪيئن موٽائجي، ۽ ٻيو مٿين سطح جي ڪرپشن ڪيئن ختم ڪجي، جيستائين ٻاهرين ملڪن ڏانهن ناڻي جو تعلق آهي، ته اهو “ هڪ ٻئي جي قانوني مدد” ذريعي موٽائي سگهجي ٿو. جنهن کي انگريزي ۾ (Mutual legal assistance ) يا (MLA) چيو وڃي ٿو. انهيءِ لاءِ ٻين ملڪن سان MLA معاهدو ڪرڻو پوندو آهي. اسان جو ناجائز ڪمايل ناڻو گهڻي ڀاڱي ، انگلينڊ، سوئزرلينڊ، متحده عرب امارات، مليشيا ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکيو وڃي ٿو. هن وقت تائين پاڪستان جي انهن ملڪن سان MLA ٿيل ناهي تنهن ڪري پاڪستان کي ڳالهه ٻولهه ڪري اهو معاهدو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن معاهدو ڪيل نه هوندو ته اهي ملڪ سهڪار نه ڪندا. ٻي ڳالهه اها آهي ته ڪيس ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا سياسي (Political) ۽ ٻيا فوجداري، (criminal) سياسي ڪيسن تي ڪوئي به ملڪ جو معاهدو نه ڪندو.
فوجداري ڪيسن تي معاهدو ٿي سگهي ٿو پر پهرين انهن ماڻهن تي فوجداري ڪيس داخل ڪرڻا پوندا، تنهن کان پوءِ اهڙا ثبوت فراهم ڪرڻا پوندا، جيڪي عالمي سطح تي انهن ملڪن کي مڃڻا پون. اهو طريقيڪار ڊگهو ٿيندو ۽ عالمي سطح تي تمام گهڻو خرچ ايندو. جيڪڏهن ثبوت زوردار آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي صحيح نموني ۾ وڌائي ٿي ته ناجائز موڪليل پئسا موٽا سگهجن ٿا. ان ۾ پنج ڇهه سال لڳي سگهن ٿا. جيڪڏهن انهي وقت ۾ ٻي حڪومت اچي وئي ته معاملو اينگهي اينگهي ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن ٻي حڪومت انهن ڪيسن کي هلائڻ ته راضي نه هوندي ته.
جيستائين مٿين سطح جي ڪرپشن جو تعلق آهي. انهي ڪري ٿئي ٿي جو اسان وٽ جزا سزا جو قانون ته آهي پر انهي ته عمل ڪونهي، وري امير ۽ غريب جو فرق به اهم آهي، غريب جيڪڏهن ٻڪري چورائي ٿو ته ٽيپ کائي ٿو، پر جيڪڏهن امير يا سياسي طور تي طاقتور ماڻهو اربن روپين جي ڪرپشن ڪري ٿو ته پڪڙجي ئي نٿو، وري جيڪڏهن پڪڙجي به وڃي ٿو ته اثر رسوخ ۽ پئسي جي زور تي ڳريون فيون ڀري تمام وڏا وڪيل ڪري ٿو. جيڪي ڪيس کي اينگهائي اينگهائي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا ۽ انهن زور وارن با اثر ماڻهن کي ڪجهه نٿو ٿئي، ۽ اربين ڊالر ڪرپشن ڪيل پئسا انهن کي ڦٻي وڃن ٿا.
دنيا جا مني لانڊرنگ ڪندڙ ملڪ:
مني لانڊرنگ جو مطلب ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ آهي، اهو اکر laundary مان نڪتل آهي جنهن ۾ ڌوٻي ميرن ڪپڙن کي اڇو ڪري اجرو ڪري ٿو. دنيا ۾ اهڙا ڪيترا ملڪ آهن جتي ماڻهو پنهنجو ڪارو ناڻو انهن ۾ ملڪن ۾ رکن ٿا. انهن ۾ پهريون نمبر Caman Island آهي انهي جي خاصيت اها آهي ته اتي ٽيڪس تمام گهٽ آهي، وري اتي دولت کي هيڏي هوڏي ڪرڻ به ڪا پابندي ناهي انهي هنڌ ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس ، پراپرٽي ٽيڪس، ڪارپوريٽ ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس ڪونهي، وري اهو ڪنهن ماڻهو جي پئسن جي ڪنهن کي خبر نٿو ڏئي. هي ٻيٽ انگلينڊ جو حصو آهي پر اتي برطانيه جو قانون لاڳو ناهي، آمريڪا جي ماڻهن اٽڪل 32 هزار ارب ڊالر اتي رکيا آهن ته جيئن هنن کي آمريڪا ۾ ٽيڪس نه ڏيڻو پوي، ٻيو نمبر ملڪ سوئزر لينڊ آهي جيڪو اثاثن جي سلامتي يعني Asset protection جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان سٺو آهي. انهي ملڪ ۾ رازداري جا قانون ٽي سو سال پراڻا آهن. جيڪڏهن ڪو بينڪ جو ماڻهو ڪنهن موڙي رکڻ واري بابت ڪنهن کي ٻڌائيندو ته ان کي ڇهه مهينا قيد سزا ملندي، اتي اثاثي کي لڪل رکڻ لاءِ انهي ملڪ سان تعلق سنڌو سنئون ختم ڪجي ٿو. اها موڙي پهرين Cookisland ۽ پوءِ Nevisوٺي وڃي پوءِ هتي آندي وڃي ٿي.ٽين نمبر تي ڊکڻ ٻيٽ Nevis آهي. اتي آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ تمام سولوآهي. هن وقت دنيا جون 70 سيڪڙو آف شور ڪمپنيون هتي رجسٽرڊ ٿيل آهن. هتي جا قاعدا ۽ قانون ڪمپنين لاءِ تمام سٺا آهن ۽ هتي ٺاهيل ڪمپنيون عالمي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽر ٿي سگهن ٿيون. ڪمپني جي ڊائريڪٽر ۽ مالڪن لاءِ خاص حفاظتي قاعدا آهن. چوٿين نمبر تي وچ آمريڪا وارو ملڪ بيليزا Beliza آهي هي پراڻي مايا تهذيبن جو امين آهي. انهي جي خاصيت اها آهي ته هتي ڪاري ناڻي تي وڌ ۾ وڌ وياج ملي ٿو. انهي ۾ راز داري جا قانون تمام سخت آهن . پنجين نمبر تي جرمني اچي ٿو جيڪو موڙي جي حفاظت لاءِ بهترين ملڪ آهي. جتي رکيل موڙي ٻڏي نٿي. ٻي ڳالهه اها ته اتي اڪائونٽ کولڻ لاءِ ماڻهو جو جرمني ۾ هجڻ ضروري ناهي، اوهان پنهنجي ملڪ ۾ جيل ۾ هوندي به پنهنجو اڪائونٽ کولي سگهو ٿا. ڇهين نمبر تي سنگاپور آهي جيڪا سيڙپ ڪارن جي جنت آهي جيڪڏهن اوهان وٽ 2 لک ڊالر آهن ته اوهان اتي آف شور اڪائونٽ کولي سگهو ٿا، ان کانپوءِ اها بينڪ پنهنجو پاڻ اوهانجي رهيل دولت کي به سيڙپڪاري پلان ٺاهي اوهان کي فائدو ڏيندي ۽ اها ڳالهه نه پڇندي ته پئسا ڪٿان آيا.
انهن ملڪن کان علاوه يورپ جون 15 جايون وچ آمريڪا جا 17 هنڌ، وچ اوڀر جا 2 هنڌ ۽ پري اوڀر جا 13 هنڌ اهڙا آهن جتي آزاد نموني ۾ بنا ڪنهن خوف جي ڪاروناڻو جمع ڪرائي سگهجي ٿو، پوءِ انهيءَ سيڙپ مان واپار به ڪري سگهجي ٿو يا وياج واري پئسن تي تمام سٺي طرح رهي سگهجي ٿو، يورپ وارن ملڪن انساني حقن جي هڪ اهڙي ڪنوينشن تي صحيح ڪري ڇڏيون آهن جنهن مطابق جيڪڏهن ڪو قاتل، چور، نشو وڪندڙ يا بي ايمان سياستدان ڪنهن يورپي ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپ آڻي ٿو ۽ اتي سياسي پناهه به وٺي ٿو ته ڀلي اوهان جو انهي ڀڳل ماڻهو جي ملڪ جو ڏوهاري واپس ڪرڻ جو معاهدو ڇو نه هجي ڪنهن صورت ۾ انهيءَ ماڻهو کي انهيءَ ملڪ جي حوالي نه ڪندا جيڪڏهن اهو ڀوءَ هجي ته اُن ملڪ ۾ ان تي تشدد ٿيندو يا ڦاهي ڏني ويندي، ڏوهن جي سيڙپ تي پلجندڙ اهي يورپ جا ئي ملڪ آهن جيڪي خوشحال نظر اچن ٿا، اهي ملڪ انهن قاتلن، چورن، سمگلرز ۽ نشو وڪڻندڙ جا همدرد آهن، انهن ملڪن جي خوشحالي انهيءَ نا جائز ڪمايل پئسن جي ڪري آهي جيڪي پنهنجي ناجائز ڪمايل رقم اتي رکن ٿا.
ڇا پاڪستان ۾ ڪرپشن ختم ٿي سگهندي ؟
جيڪڏهن وڏن ماڻهن ۽ سياستدانن ۾ هٿ وڌو وڃي ته ڪرپشن گهڻو گهٽجي سگهي ٿي، انهيءَ ڏس ۾ ڪرپشن پڪڙڻ وارا ادارا تمام برجستا ۽ چست ٿي ويا آهن، پهرين عدليه جنهن وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٻيو تحريڪ انصاف جي حڪومت جنهن جو مکيه ڪم ڪرپشن پڪڙڻ آهي، ٽيون قومي احتساب وارو ادارو NAB جنهن جو چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال آهي جنهن تمام دلير قدم کنيا آهن، ٽنهي ادارن جي مدد سان ڪرپشن گهڻو گهٽجي ويندي پر ختم نه ٿيندي جو دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ڪرپشن آهي ڪٿي وڌ ۽ ڪٿي گهٽ، وري ڪڏهن ترقي حاصل ڪيل ملڪن ۾ ڪاري ناڻي جي استعمال جا ايترا موقعا هجن جو هو انهن ماڻهن کي ايترو تحفظ ڏين ته انهن جا ڪارا ڪرتوت هوندي به انهن کي نه موٽائين ته پوءِ ڪرپشن ڪيئن ختم ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *