تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

پاڻي جياپو اسان جو ،حق ڇني وٺبو

جوھي ۾ زرعي ۽ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ تي سوين آبادگارن، شھرين ، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ واپارين جو روز مخدوم بلاول پارڪ ، فاضل چونڪ ۽ پريس ڪلب احتجاج جو مرڪز بڻجي ويا آھن. احتجاج گھڻو مختلف ھوندو آھي جتي جتي پاڻي ناھي اتان جي خلق خدا شريڪ ٿي رھي آھي. پھرين صرف آبادگار ئي ۽ ڪامريڊ احتجاج لاءِ مخصوص ھوندا ھئا ھاڻي “پاڻي ناھي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا” واري نعري بعد ھڪ مزاحمتي نعرو “پاڻي جياپو اسان جو، حق ڇني وٺبو” وڏي جذبي سان گونجي رھيو آھي. دادو ڪئنال مان نڪرندڙ جوھي برانچ تي ڪيترائي پاڻي چور آھن جن جي آڏو رياست جا سڀ ادارا بيوس بڻيل آھن. جوھي جي حدن ۾ جوھي برانچ ذريعي ايندڙ پاڻي تي مختلف ھنڌن تي سرعام ڊائريڪٽ ڪٽ ڏيئي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، پر دادو ڪئنال مان نڪرندي پاڻي لٺ ۽ بندوق واري سياست جي زور تي چوري به ٿي رھيو آھي. جوھي جي حدن ۾ پھريون ڌاڙو ١٩ ميل کان ھيٺ لڳي ٿو. جتي جتي جوھي برانچ ۾ پاڻي جو وھڪرو پھچي ٿو ھر ان شخص جي ڪوشش ھجي ٿي ته سندس زمين آباد ٿئي پوءِ قانون جي لتاڙ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. آبپاشي کاتي جا ڪامورا خوف ۽ ڪرپشن جي دلدل ۾ ڦاٿل آھن. ھڪڙي ھنڌ خوف ھجڻ سبب ڪير پڇي ڪڇي نـٿو سگھي. ڇاڪاڻ ته پاڻي چور ڪو عام معمولي آبادگار آھن ڪونه سڀئي وڏا ماڻھو انھن جي پهچ ايتري وڏي ھجڻ تي آبپاشي کاتي جا ڪامورا ۽ غريب آبادگار خاموش رھن ٿا. وري اها به حقيقت آھي ته بچت ٿي پاڻي برانچ ۾ جتان جتان گذري ٿو اتي ڪرپٽ آبپاشي عملي جا ملازم ڏوڪڙن عيوض پاڻي وڪرو ڪن ٿا. جنھن سان منڍ کان پاڻي چوري شروع ٿي آخري وھڪري تائين پاڻي چوري ٿيندو رهي ٿو. لاقانونيت سبب پڇڙي جو آبادگار سخت بحران ۽ اذيت واري ڪيفيت ۾ آھي. پاڻي نه ھجڻ سبب پڇڙي وارن علائقن ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ به ٿي رھي آھي.
جوھي جي پڇڙي جي آبادگارن جا سدائين مٿي تي ھٿ ھوندا آھن ۽ ھن سال برسات نه پئي تـ زرعي پاڻي ملڻ جو ڪو به امڪان ناھي. جنھن سبب دانھون ڪندي ڪندي هڪ آبادگار اڳواڻ حبيب الله رودناڻي دل جو دوري سبب فوت ٿي ويو. پاڻي چوري روڪڻ ۽ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ حڪمرانن ۽ انتظاميا جي ذميواري آهي پر جيڪڏهن ڏسجي ته پاڻي چوري جا پيرا به حڪمرانن جي درن تائين پھچن ٿا تنھن ڪري انصاف ڪير ڪندو ۽ آبادگارن کي ڪيئن پاڻي ملندو؟ آبپاشي انجنيئر سدرن دادو ٻن ڏينھن لاءِ رينجرس طلب ڪئي آھي. ڊي ايس آر رينجرس کي لکيل ليٽر ۾ وري عجيب ڪھاڻي ظاھر ٿئي ٿي تـه ٻن ايم پي ايز ۽ ھڪ ايم اين اي کي اطلاع لاءِ ڪاپي ڏني ويئي آھي جنھن تي ته آبادگارن سخت ردعمل ڏيکاريو آھي سندن چوڻ آھي ته آبپاشي جي ڪامورن جو عمل ايئن آھي جيئن ڪو چور کي چوي چوري ڪر ۽ ڀاڳئي کي چوي ھوشياري پڪڙ. ٻن ڏينھن م پاڻي چوري ڪيئن روڪي سگھجي ٿي ان سوال تي آبپاشي کاتي جا ڪامورا چونڊيل نمائندا ڳالھائڻ يا جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.
جوھي ۾ زرعي پاڻي جو مسئلو سالن کان هلي رهيو آھي، ھر سال آبادگار احتجاج ڪن ٿا ھر نئين سال نوان بحث ڇيڙي پاڻي چورن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو پر حڪمران واعدا ڪري وري ڦري وڃن ٿا پر هاڻي جوھي جو جنون جاڳي پيو آھي ھي پاڻي جي چوري ڍڳي ٻڪري جي چوري کان مختلف آھي . سوين ھزارين نوجوانن جي جنون مھا ٻوڏ کي شڪست ڏئي پنهنجو شهر ٻڏڻ کان بچايو هو. پاڻي چور ته وري به فرد آھن انهن کي شڪست ڏيڻ آهي ۽ ھتان جي سياسي سماجي ڪارڪنن ،واپارين، آبادگارن ۽ شھرين ذات برادري ۽ سياسي وابستگي کان ھٽي ڪري گڏجي ھڪ ئي مطالبو ڪن ٿا ته جوھي کي پاڻي ڏيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *