تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڇو نه ٿي ٿئي ؟

سنڌ ۾ پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نه پهچڻ ڪو اڄ جو مسئلو ناهي، ڪيترن سالن کان وٺي صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهي رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون رهن ٿيون ته پڇڙي تائين پاڻي نه ٿو پهچي، ڪڏهن گھوٽڪي جي پڇڙي جا آبادگار دانهون ڪن ٿا ته ڪڏهن جوهي جا آبادگار اهڙي زيادتي تي سراپا احتجاج بڻيل هوندا آهن. ڪڏهن شڪارپور، لاڙڪاڻي ته ڪڏهن قمبر شهدادڪوٽ جي پڇڙي وارن علائقن ڏانهن زرعي پاڻي جو بحران ڪر کڻي بيٺل نظر ايندو آهي ٿو، پر اڄ تائين مسئلي جو ڪو سنجيده ۽ مستقل حل ناهي نڪري سگھيو! هر حڪومت جي ان سنگين مسئلي تي پراسرار خاموشي ۽ بي ڌياني جو سبب سمجهه نه ٿو اچي. آخر پڇڙي ۾ پاڻي پهچائڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن جو ڪابه حڪومت انهي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. زرعي ملڪ هئڻ ڪري ماڻهن جي اڪثريت جي گذر سفر جو وسيلو ۽ ذريعو اهو ٻني ٻارو ئي آهي ٿوري گهڻي زمين رکندڙ يا هارپو ڪندڙ ماڻهو جڏهن پاڻي نه ملڻ ڪري فصل پوکي نه ٿا سگهن ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو به پيٽ پالي نه ٿا سگهن. نه رڳو اهي ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿين ٿا پر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ڪري جتي زراعت متاثر ٿئي ٿي اتي ڪاروبار کي به ڌڪ لڳي ٿوجنهن جو مطلب اهو ٿيو ته رڳو زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جو روزگار ئي زراعت جو محتاج ناهي پر ٻين ڪاروبارن تي به ان جا اثر پون ٿا.زراعت ۽ ڪاروبار هڪڙي زنجير وانگر پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ماڻهو پوکي وارو پورهيو ڪري ئي پنهنجو پيٽ پالين ٿا، گھر هلائين ٿا، پر جيڪڏهن کين پڇڙي تائين پاڻي نه ٿو ملي ته پوءِ هو احتجاج تي مجبور ٿين ٿا، جنهن تي به سرڪار ۽ آبپاشي اختيارين جون اکيون نه ٿيون کلن، ڪافي علائقن ۾ جتي جتي به پڇڙي کان اڳ بااثرن جون زمينون آهن اتي غيرقانوني طور تي ڪٽ لڳائي واهن ۽ شاخن جو پاڻي چورايو وڃي ٿو، جنهن ڪري پڇڙي جون زمينون آباد ٿيڻ بجاءِ سوڪهڙي جو شڪار رهن ٿيون، ڪافي هنڌن تي واهن ۽ شاخن جو پاڻي آبپاشي جا عملدار پاڻ ئي پئسن عيوض کپائين ٿا، اهو پڻ وڏو سبب آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي ٿئي. سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي آبپاشي کاتي جي اختيارين کي پاڻي جي ورڇ جو ڪو اهڙو نظام جوڙڻ گھرجي جيئن پڇڙي جي آبادگارن جو مستقل مسئلو حل ٿي سگھي. پاڻي جي کوٽ جا 2 وڏا ڪارڻ اهي ئي هجن ٿا هڪ ته سسٽم ۾ پاڻي جو موجود نه هجڻ ۽ ٻيو وري سسٽم ۾ پاڻي هجڻ باوجود مقامي سطح تي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ .هاڻي جڏهن سنڌ جي مختلف شهرن مان پاڻي کوٽ جون دانهون اچن پيون ته اهڙي دانهون ڪهڙي بنياد تي آهن؟ ڇاڪاڻ ته سسٽم ۾ پاڻي به موجود آهي. پوءِ به جيڪڏهن پاڻي جي ورهاست ۾ انصاف نه ٿئي ته اها ته سڌي سنئين آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿي. پوءِ ننڍن ۽ پڇڙي جي آبادگارن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو آپشن بچي ٿو؟
پاڻي تي پهريون حق پڇڙي وارن جو تسليم ٿيل آهي ته سڀ کان پهرين پڇڙي تائين پورو حصو پهچائي پوءِ وچ وارن يا منڍ وارن کي پاڻي ڏنو ويندو آهي پر اسان وٽ وري ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ،اهو معاملو هڪ صوبي کان ٻئي صوبي جو هجي،هڪ بئراج کان ٻئي بئراج جو هجي يا هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي جو هجي سدائين حصو چوري پڇڙي وارن جو ٿيندو آهي ٻوڏ هجي يا سوڪ متاثر پڇڙي وارا ئي ٿيندا آهن. اسان سمجهون ٿا ته پاڻي چوري ڪو سادو مسئلو ناهي ان ۾ سياسي ڌرين کان وٺي بااثر زميندار۽ آبپاشي ڪامورا ملوث آهن ۽ مختلف طريقن سان پاڻي چورايو ٿو وڃي ڪيترن هنڌن تي ته انهي چوري کي قانوني شڪل ڏني وڃي ٿي جيئن ڪنهن علائقي ۾ ڪنهن واهه يا شاخ جي ضرورت ناهي يا ان لاءِ سسٽم ۾ پاڻي موجود ناهي پر سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري اهي منظور ڪرايون وڃن ٿيون ۽ پاڻي اهڙن آبادگارن جو ڏنو وڃي ٿو جن جي ڪا سياسي پٺ ناهي يا اثر رسوخ وارا ناهن. سنڌ حڪومت کي پاڻي جي ورڇ واري معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ڇو ته اهو معاملو نه رڳو هزارين لکين ماڻهن جي روزگار جو وسيلو آهي پر صوبي جي معيشت ۾ ان جو اهم ڪردار به آهي جيڪڏهن اهو مسئلو ايئن ئي برقرار رهيو ته ان سان بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو ته گڏوگڏ صوبي ۾ هڪڙي انارڪي پيدا ٿيندي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ حڪمرانن جي فائدي ۾ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *