Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_l66hm7jb2t0kkmbm0ue09u6i3o, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پاڻي پئسن عيوض ۽ سرڪاري مشينري ڪرائي تي !!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پاڻي پئسن عيوض ۽ سرڪاري مشينري ڪرائي تي !!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پاڻي پئسن عيوض ۽ سرڪاري مشينري ڪرائي تي !!!

سکر جا چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھميءَ ۾ ته ورھين کان مڪمل طور ناڪام رھيا آھن پر لکين شھرين کي واٽر سپلائي وارو مھيا ٿيندڙ گندو ۽ بدبوءَ دار پاڻي به ڪيترن ئي علائقن ۾ نه ٿو ملي، جنهن ڪري نئين مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر نثار احمد ميمڻ پاڻي وڪرو ڪرڻ ۽ سرڪاري مشينري ڪرائي تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. جيڪو فيصلو ميونسپل جي آمدني وڌائڻ لاءِ ڪيو ويو آھي. ميونسپل ڪارپوريشن جي وڏي بجيٽ ھجڻ باوجود مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر جو آمدني ڏانھن ئي ڌيان آھي. سائين جن کي ڪير ٻڌائي ته واٽر ڪميشن جي واضح ھدايتن ۽ اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌو ڪناري آباد سکر واسي ھن وقت تائين صاف پاڻي جي فراھمي کان وانجھيل آھن. ميونسپل طرفان شھرين کي واٽر سپلائي ذريعي جيڪو پاڻي ڏنو ويندو آھي اھو پيئڻ توڙي رڌ پچاءُ جي به لائق ناھي پر اھو پاڻي به شھر جي اڪثر علائقن ۾ اڻلڀ آهي،جن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ھوندي ھئي اتي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ٽينڪر سروس مفت ھلائي ويندي ھئي، ان وقت به ٽينڪرز ھلائيندڙن پاران ڳجهه ڳوھه ۾ ضرورتمندن کي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪيو ويندو ھو، پر ھاڻي ته ايڊمنسٽريٽر سکر نثار ميمڻ پنھنجي صحيح سان پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي منظور ڏني آھي. ميونسپل ڪارپوريشن پيئڻ جو پاڻي ته مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رھي پر ھاڻي گھريلو توڙي ڪمرشل بنيادن تي شھري پاڻي پئسن عيوض خريد ڪندا. ميونسپل ڪارپوريشن طرفان واٽر ٽينڪر ذريعي پاڻي جي فراھمي لاءِ اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر طرفان جاري ڪيل ليٽر موجب شھر ۾ فل سائيز واري واٽر ٽينڪر جو اگھه 2 ھزار روپيا مقرر ڪيو ويو آھي، اھڙي طرح وچولي پاڻي جي ٽينڪر جي قيمت 1500، ننڍي سائيز جي پاڻي سان ڀريل ٽينڪر جي قيمت ھڪ ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي آھي. بلدياتي نمائندن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ شھر ۾ جيڪا صفائي ٿيندي ھئي اھو سلسلو به بند ڪيو ويو آھي، صفائي سٿرائي جي لاءِ ڪروڙين روپين جي مشينري خريد ڪئي وئي ھئي جيڪا شھر ۾ صفائي سٿرائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ ايڊمنسٽريٽر ڪرائي تي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر نثار ميمڻ طرفان جاري ڪيل ليٽر موجب لوڊرز، ايگزيويٽر ۽ ٻي مشينري ٽن ھزار روپين عيوض في ڪلاڪ جي حساب سان ڪرائي تي ڏني ويندي. ميونسپل ڪارپوريشن جي نئين مقرر ايڊمنسٽريٽر نثار ميمڻ جي جاري ڪيل اھڙي ليٽر تي سکر جي سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي، اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ طرفان پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ شھر ۾ نوان فلٽر پلانٽ لڳائڻ ۽ نوان فلٽر پلانٽ جلد فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو جنھن تي به ھن وقت تائين عمل ناھي ٿي سگھيو، ايڊمنسٽريٽر جي ڊرينيج، صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ آمدني جا ذريعا وڌائڻ واري سوچ جي پٺيان ضرور مفاد لڪل آھن، اھي مفاد ڪنھن جا آھن اھو ته وقت ٻڌائيندو، البته شھري حلقن ۾ ايڊمنسٽريٽر جي سياسي ھائوسن سان ويجھڙائي تي به سواليا نشان اٿي رھيا آھن ۽ اھي ڳالھيون گردش ڪري رھيون آھن ته ايڊمنسٽريٽر مقرر سنڌ حڪومت ڪيو آھي پر حڪم سياسي ھائوس مان ئي ھلايا وڃن ٿا ۽ ايڊمنسٽريٽر کي ھدايتون جاري ڪيون وڃن ٿيون جنھن تي عمل ڪيو پيو وڃي. اربين روپيا پاڻي جي فراھمي لاءِ خرچ ٿيڻ ۽ واٽر ڪميشن جي واضع حڪمن باوجود سکر جا لکين رھواسي ھن وقت به پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن، پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ ۽ سرڪاري مشنيري پرائيويٽ ڪانٽريڪٽر وانگر ڪرائي تي ھلائڻ حيرت ۽ ڳڻتي وارو عمل آھي. عوام جي ٽيڪس سان خريد ڪيل (ٽينڪر) ھاڻي پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا، اھڙي طرح شھر ۾ صفائي سٿرائي جي لاءِ خريد ڪيل مشينري کي شھر جي صفائي سٿرائي تي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪرائي تي ڏيڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاھر آھي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج جي بھتري لاءِ خرچ ڪيل اربين روپين جي انڪوائري ڪئي وڃي شھرين کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ھن وقت تائين مھيا ناھي ٿي ته اھا رقم ڪٿي خرچ ٿي آھي؟ ۽ ڊرينيج نظام به ناڪارا بڻيل آھي تنھن ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *