Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vu86p8kjp9to3bgs9t1to2o7rb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پراڪسي جو دور ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پراڪسي جو دور ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پراڪسي جو دور !

پراڪسي مان مراد آهي ڪنهن ٻئي جي مفادن ۾ استعمال ٿيڻ ۽ پراڪسي جنگ مان مراد آهي اها جنگ جيڪا ظاهري طور ڪوئي ملڪ يا گروهه وڙهي رهيو هجي پر انهي جي پٺيان ڪو ٻيو هجي يا ڪنهن ٻئي جو مفاد هجي. پراڪسي رڳو غير رياستي عنصر گروهه يا جماعتون ڪونه هونديون آهن پر اهي ڪي ملڪ حڪومتون ۽ فوجي طاقتون به ٿي سگهن ٿيون. پراڪسي جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيترو رياستي جوڙجڪ جو علم ۽ بادشاهتن جي تاريخ. هر حڪومت پنهنجي طاقت ۽ جاگرافيائي حدن کي وڌائڻ لاءِ ۽ مختلف خطن ۾ پنهنجي اثر رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن جي اثر رسوخ ۽ حڪمراني کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙي پراڪسي جو سهارو ٿيندا ۽ وٺندا رهيا آهن. گهڻي ڊيگهه ۾ وڃڻ بجاءِ صرف ايترو سمجهڻ ڪافي آهي ته سلطنت عثمانيا کي ختم ڪري عرب قومپرستي جي بنياد تي عرب دنيا جو وجود ۾ اچڻ انهي زماني جي پراڪسي هئي. ڪرنل ٿامس ايڊورڊ لارينس ، جيڪو لارينس آف عريبيا جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ عرب رياستن خاص ڪري سعودي عرب جي بادشاهت جي قيام جو سبب بڻيو، اهو ڪو عرب نه پر انگريز فوج جو ڪرنل هو جيڪو هڪ جاسوس طور عرب امير شاھه فيصل سان مليو ۽ ترڪن جي خلاف ڪيترن محاذن تي عرب ويڙهاڪن جي اڳواڻي به ڪندو رهيو. ڪرنل ٿامس ايڊورڊ لارينس دمشق جي فتح ڪرڻ کان وٺي پوري ترڪ سلطنت جي خاتمي تائين پراڪسي طور انگريزن جي مفادن خاطر عربن جو ساٿ ڏيندو رهيو.
اهو پراڪسي جو ڪردار آمريڪا سوويت يونين جي خلاف پاڪستان ۾ مجاهدين کان ادا ڪرائيندو رهيو جڏهن ته پاڪستان جا ڪيترائي فوجي اڏا 1949ع کان وٺي روس جي نگراني ۽ جاسوسي ڪرڻ خاطر آمريڪا جي استعمال هيٺ رهيا. پاڪستان پنهنجي سرزمين ۽ خارجا پاليسي هميشه آمريڪا جي ڏسيل واٽ تي انهي جي مفادن خاطر پيش ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ٿوري گهڻي ڪا آمريڪا جي مفادن خلاف پيش رفت ٿي به ته انهي جي نتيجي ۾ هر انهي حڪمران کي پنهنجي جان تان هٿ کڻڻو پيو جنهن آمريڪا جي مفادن خلاف ڪا پيش رفت ڪئي يا آمريڪا جي منشا خلاف ڪو قدم کنيو. انهي آمريڪا جي خارجا پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان سعودي عرب جي ۽ عرب اتحادين جي معاونت ۽ عسڪري مدد به ڪندو رهيو آهي ۽ بدلي ۾ پاڪستان کي عرب دنيا خاص ڪري سعودي مالي طور مشڪل گهڙين ۾ مدد پڻ ڪندو رهيو آهي پر لڳي ٿو انهي سڀني رشتن ناتن واسطن ۽ پراڪسي ڳانڍاپن ۾ڪا تبديلي اچڻ لڳي آهي. پاڪستان جي وزير خارجا شاهه محمود قريشي جي ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب کي ڏنل چتاءَ پٺيان ڪا ته حڪمت هوندي.جو هن چيو آهي ته ”ڪشمير معاملي تي مسلمان ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جيڪڏهن نه گهرائي وئي ته پوءِ هو پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان سان مشورور ڪري انهن مسلمان ملڪن جي ڪانفرنس گهرائيندا جيڪي ڪشمير معاملي تي پاڪستان جو ساٿ ڏين. “ اها گهر ڪرڻ سان گڏوگڏ هن اهو به واضع ڪيو ته ”گذريل سال ملائيشيا ۾ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ترڪي شرڪت ڪئي پر پاڪستان سعودي عرب جي چوڻ ڪري انهي ۾ شرڪت نه ڪئي ته جيئن مسلم امه ورهائجي نه وڃي “اهڙي سخت موقف بعد لڳي ايئن ٿو ته پاڪستان جي پاليسي شفٽ جو هڪ قدم تيزي سان اڳتي کڄي ويو آهي. ڪافي وقت کان آمريڪا، چين ۽ روس جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي انهي جي نئين پراڪسي جي جوڙجڪ ٿي رهي آهي. ڪهڙا ملڪ ڪنهن جي مفادن جي تحفظ لاءِ استعمال ٿيندا انهي جو نئين سري سان خاڪو جڙي رهيو آهي. آمريڪا انڊيا جي طرف وڌيڪ جهڪيل نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪ چين مفادن جي وچ ۾ آمريڪا کي اهو نظر اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن چين سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي ويو ته انهي حالت ۾ پاڪستان جي سرزمين چين جي خلاف استعمال ڪرڻ مشڪل هوندي. اهو ئي سبب آهي جو ايران وري انڊيا سان چابهار واري معاهدي تان پٺتي هٽي چين جي ويجهو ٿيڻ شروع ڪيو آهي. انهي چين ايران معاهدي پٺيان چين جي به ڊبل پاليسي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ڪنهن به سبب گوادر رٿا ۾ پٺتي هٽي ويوته ايران جي رستي هن جو هندي سمونڊ تائين پهچڻ هر حال ۾ ممڪن هوندو. ٻئي طرف ايران ترڪي سان ۽ روس سان به تعلقات بهتر ڪري رهيو آهي.
انهي سموري راند ۾ هن خطي اندر لڳي ٿو ته ڪا نئين صف بندي ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي سياست ۽ رياست جا ڪرتا ڌرتا ٽن رخن ۾ يا سوچن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا اهي جيڪي آمريڪا ۽ سعودي عرب واري ماضي جي پاليسي کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ گهرن ٿا، ٻيا اهي جيڪي آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مفادن جي نظر پراڪسي جو حصو ٿيڻ کان چين جي دوستي کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ٽيان اهي جيڪي ڪنهن جي به پراڪسي جو حصو ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏيندي ڪنهن جي به ڌر بنجڻ نه ٿا گهرن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ هر پاسي کان مشڪلاتون آهن. جيڪڏهن پاڪستان پراڻي تعلق داري ختم ڪري مڪمل طرح چين جي پاسي ٿي بيهي ٿو ته انهي سان عرب ملڪ، آمريڪا، انڊيا ۽ ممڪنا طور افغانستان جي هڪ طرف هجڻ سان پاڪستان لاءِ ڪافي ڏکايون پيش اچي سگهن ٿيون. پاڪستان جي هڪ ته معاشي صورتحال ڪافي ڪمزور آهي ٻيو فيڊريشن جي قومي وحدتن جي اعتماد ۽ هم آهنگي جا مسئلا پڻ آهن. چين کي پاڪستان اندر گوادر تائين رسائي لاءِ جيڪي ريل ۽ روڊ جا رستا گهربل آهن انهي لاءِ لازم آهي ته اتريان آزاد علائقا، گلگت بلتستان، ڪي پي ، ڪراچي ۽ بلوچستان مڪمل طور پر امن ۽ پاڪستان جي نارمل حڪمراني جي هيٺ هجڻ گهرجن. جڏهن ته اهي ڌريون جيڪي چين جي پاليسين سان ٽڪراءُ چاهينديون انهن جي حڪمت عملي هوندي ته اهي علائقا ڪنهن به طرح پر امن نه هجن! انهي چين بمقابلا آمريڪا جي پراڪسي جو حصو ڪير ڪيئن ٿيندواهو ته مستقبل قريب ۾ ڏسي سگهبو. ٻئي طرف ترڪي سعودي جي خلاف هڪ مسلم بلاڪ ٺاهڻ طرف پيش رفت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ملائيشيا ۽ سينٽرل ايشيا جي مسلم ملڪن سميت ايران ان جو حصو ٿي سگهن ٿا. ترڪي لازم ناهي ته مڪمل طور آمريڪا جي مخالف ٿي بيهي پر سعودي جي مقابلي ۾ هن جو مسلمان ملڪن جي اڳواڻي ڪرڻ جو خواب اڳتي وڌي سگهي ٿو. انهي صورتحال ۾ پاڪستان پڻ انهي جو حصو بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ترڪي ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن کي بنياد بڻائي مسلمان ملڪن جي اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو ته کيس وڏي ڪاميابي ملي ويندي. انهي صورتحال۾ سعودي آمريڪا ۽ اسرائيل ترڪي خلاف ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اها صورتحال بيهي ٿي ته پوءِ ايندڙ ڪجهه ئي سالن ۾ دنيا جيڪا سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد يوني پولر ٿي هڪ سپر پاور آمريڪا جي رحم ڪرم تي وڃي بيٺي هئي اها باءِ پولر نه بلڪه ممڪنا طور ملٽي پولر ٿي ويندي. طاقت جا محور هڪ کان گهڻا ٿي ويندا. هڪ بلاڪ آمريڪا جو هوندو، هڪ چين جو هڪ ترڪي جو هڪ روس جو ۽ ايئن ئي يورپ جي ڪجهه ملڪن جي نئين سري سان صف بندي ٿي سگهي ٿي.
جهڙي طرح سوويت يونين ۽ آمريڪا واري باءِ پولر دور ۾ هندستان ڪنهن به ڌر جو حصو ٿيڻ بجاءِ الڳ ٿي بيٺو هيو هن وقت اهو سوال پاڪستان لاءِ اهم آهي ته ايندڙ وقت جي ملٽي پولر دور ۾ هو ڪنهن جي ڌر بڻجي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو يا جيڪا ٽئين سوچ آهي ته ڪنهن به بلاڪ جو حصو نه ٿجي انهي سوچ طرف وڌي ٿو!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *