تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

پرديسي پکي ۽ بندوقن سان آجيان

پکي هن ڪائنات ۾ سونهن هجڻ جي ثابتي آهن انهن جي مٺڙين ٻولين سان ماحول ۾ ترنم ٿئي ٿو، هجرتون ۽ لڏپلاڻ صرف انسان جي حصي ۾ ئي نٿيون اچن مٽجندڙ موسم ۽ ماحول جي آڌار تي پکي به هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ هجرتون ڪندا آهن سنڌ ۾ دريائي وهڪرن ۾ لاٿ ۽ سرءُ جي موسم اچڻ وقت سائبيريا سميت دنيا جي ٿڌن ملڪن ۾جڏهن فطرت جي سونهن سمجهيا ويندڙ پکين جو جياپو مشڪل ٿيندو آهي ته اهي گرم علائقن ڏانهن هجرت ڪري ويندا آهن ۽ جڏهن سوين هزارين ڪلوميٽر سفر ڪري اڃان ٿڪ ئي نه ڀڃندا آهن ته انتظار ۾ ويٺل گوليون کين گهايل ڪري وجهنديون آهن انهن مهمان پکين جو قتل عام شروع ٿي ويندو آهي. اتر سنڌ ۾ هر سيپٽمبر جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن چِٽَ ڀڄندي آهي ان موسم ۾ تي پکين جا انيڪ قسم پنهنجا آستانا جوڙيندا آهن، جن ۾ نيرڳي، آڙي، ڪونج، ٿرانڊو، چيڪلو، لاکو پکي، ڊگوش ۽ ٻين 33 کان وڌيڪ ناياب قسمن جا پکي سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي وارن ڪنارن سان لڳندڙ ڪچي جي علائقن جي خوبصورتي ۾ چار چنڊ لڳائيندا آهن. پکين جي تحفظ لاءِ وائيلڊ لائيف کاتو هوندي به بنا ڪنهن پرمٽ جي شڪارين کي آزادي سان شڪار جي اجازت هوندي آهي. شڪاري وائيلڊ لائيف کاتي جي انچارج کي ڳري رشوت ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏيندا آهن. جڏهن ته شڪارين جديد قسم جا رڇ تيار ڪري پکين جي لنگھن تي اڏي ڇڏيا آهن جنهن ۾ ڪيترائي جيئرا پکي ڦاسائين ٿا. هي پکي سرءُ ايندي سنڌ دريائي علائقن ڏانهن اچڻ شروع ڪن ٿا ۽ مارچ تائين اتي رهن ٿا. لکن جي تعداد ۾ لهندڙ انهن پکين ۾ 33 کان وڌيڪ قسمن جا ناياب پکي هجن ٿا، جن ۾ مرغابي، چيڪلو، نيرڳي، آڙي، سانءِ، ڊگوش، ٿرانڊو، کيڻاٽي، ڪونج، تلور، باز، پيڻ، هنج رتونبو، ڪنيرو، وغيره قابل ذڪر آهن، جيڪي سڀ ناياب هئڻ جي ڪري ريڊلسٽ ۾ شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن جي بچاءَ لاءِ ڪيترائي ڏيهي پرڏيهي يا عالمي معاهدا ۽ قانون آهن، جن مطابق انهن پکين جو شڪار نه صرف منع آهي پر ڏوھه به آهي، پر هر سال انهن جو تمام بيرحميءَ سان شڪار ڪيو ويندو آهي. پکين جي بدترين نسل ڪشي ۾ مقامي مارين کانسواءِ بااثر، وڏيرا، وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار وغيره شامل هوندا آهن، ٻين پکين جو شڪار ته لاڳاپيل عملدارن جي ملي ڀڳت سان مقامي بااثر وڏيرا، ڪامورا، ۽ پروفيشنل ماري ڪن ٿا پر باز ۽ تلور جو شڪار عالمي ۽ سفارتي ليول تي ٿئي ٿو، جيڪي به ٻاهران ايندڙ ناياب جنسون آهن. جهنگلي جيوت کاتي جي ماهر آفيسر ۽ فاريسٽ چيف ڪنزرويٽو جاويد احمد مهر ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته تلور ٿڌن ملڪن کان ايندڙ ٻين پکين سان گڏ اچي ٿو، جڏهن ته وچ ايشيا جي رياستن مان ايندڙ باز گهڻو ڪري ٻين پکين کان اڳ سيپٽمبر جي مهيني ۾ اچي ٿو ۽ ٻين پکين جي روانگيءَ کان پوءِ اپريل ۾ واپس ٿئي ٿو. تلور هتي پنهنجو مسڪن جابلو ۽ ميداني علائقن کي ٺاهي ٿو. جڏهن ته باز ۾ گهڻو ڪري ٻه قسم هوندا آهن، هڪ بحري باز ۽ ٻيو چرخ باز. هن ٻنهي قسم جي بازن جو شڪار تلور جي شڪار لاءِ ڪيو ويندو آهي. باز جي جهلڻ جو اهم هنڌ سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا آهن، جن ۾ ڪشمور جو ڪچو، قمبر شھدادڪوٽ، جاتي، لنگهه ڍنڍ،کان زيرو پوائنٽ، ڪاڇو  وغيره جا جابلو علائقا اچي وڃن ٿا. مليل ڄاڻ موجب انگن اکرن مطابق ڪجهه سال اڳ تائين هتي ايندڙ پکين جو تعداد 8 کان 10 لکن تائين هوندو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي، اڍائي ٽي لک ٿي ويو آهي. گهٽجندڙ انگ جو هڪ سبب انڌاڌنڌ شڪار آهي ته ٻيو سبب موسمي ۽ ماحولياتي تبديليون آهن.
هن ڀيري به جتي سرد علائقن مان آيل مهمان پکي سنڌ جي ڍنڍن جي رونق وڌائي رهيا آهن، اتي ئي کين مارڻ لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان شڪارين جا ڪٽڪ بندوقن سميت چڪ، محمودآباغ، شاهه ٻيلو، ڪشمور جي ڪچي ۾ لٿل آهن، توڙي جو سرڪار پنهنجي قائدن ۽ قانونن ۾ اهو ڄاڻائي آهي شڪارپور جي چڪ ۽ خانپور جي ڪچي وارن علائقن سان گڏ ڪنڌڪوٽ، ٺل، پنو عاقل، صالح پٽ، خانڳڙهه، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، نارو، ڪنگري، گمبٽ، چونڊڪو، مورو، باقراڻي، قمبر، گھوڙا ٻاري، ميرپور ساڪرو کپرو، سنجھورو، ٽنڊو باگو، بدين، ۽ سجاول سميت ٻين علائقن ۾ شڪاري فقط تتر، آڙي ۽ بدڪ جو شڪار ڪري سگهندا يا اهو ته شڪاري ڏينهن ۾ صرف 4 پکي شڪاري ڪري سگهندو پر ايئن ٿئي ڪونه ٿو. ان ڳالهه جي تصديق چڪ ۽ ڀرپاسي جي مقامي وڏيرن ڀوتارن جي دسترخوانن تي سجيل پکين جي ڊشز مان ڪري سگهجي ٿي. وائيلڊ لائيف کاتي جا جيڪي عملدار انهيءَ غير قانوني شڪار کي روڪڻ توڻي بنا پرمٽ ۽ لائسنس جي شڪارين خلاف ڪاررايون ڪرڻ جا مجاز آهن، سي پاڻ انهيءَ ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڏٺا وڃن ٿا. هو پاڻ ڪٿي سنگت ياري نڀائيندي ته ڪٿي بااثرن جي نوڪري ڏيندي پرديسي پکين جي قتلام جو حصو ٿين ٿا. ان ڪري جيڪڏهن انهن پکين جي جان جي امان گهرجي ته ڪنهن کان گهرجي؟
اسين سمجهون ٿا ته جهنگلي جيوت توڙي پکين جي واڌ ويجهه ۽ تحفظ لاءِ ضروري آهي ته شڪار مٿان مڪمل پابندي هنئي وڃي، فطرت سان کئونس ڪرڻ واري انساني مداخلت جو خاتمو آندو وڃي، ملڪي توڙي پرڏيهي قانونن جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ هڪ ذميوار رياست وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *