تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پنجاب ۽ سنڌ ۾ سياسي ٽوڙ ڦوڙ جي شروعات

پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ غدار غدار واري راند تيزي سان شروع ٿي وئي  آهي. ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف آمهون سامهون آهن. اختر مينگل قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ برطانيا جي اخبار  ايڪسپريس  ۾ 9 جنوري 2009ع جو حوالو ڏيندي جڏهن هيربيار مري  ڪيس ۾ عمران خان جي  ڏنل شاهدي جي ڳالھه ڪئي ته سڄو ايوان حيران هو. هن اخبار جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته جنهن  هيربيار مري کي اوهان غدار چئو ٿا ان مٿان جڏهن پاڪستان برطانيا ۾ ڪيس داخل ڪيو هو ته  عمران خان ان ڪيس ۾ اسلام آباد مان ويڊيو لنڪ ذريعي هيربيار مري جي حق ۾ شاهدي ڏني هئي، هن چيو هو ته جيڪڏهن هيربيار جي جاءِ تي هو پاڻ به هجي ها ته  پنهنجي حڪومت خلاف هٿيار کڻي ها. اختر مينگل غدار غدار جي گوڙ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حقيقت بيان ڪئي هئي پر حڪومت جا ميمبر خاموش ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا. حڪومت ن ليگ کي ٽوڙڻ ۽ پيپلزپارٽي کي مصروف رکڻ لاءِ جيڪا ڪوشش شروع ڪئي آهي، ان جي ڪاميابي يا ناڪامي هن ملڪ جي آئيندي سياسي منظرنامي جو تعين ڪندي. پنجاب جيڪڏهن نواز شريف مان هٿ ڪڍيا ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي طاقت  ناقابل يقين حد تائين وڌي ويندي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت پهرين ڏينهن کان جيڪا روش اختيار ڪئي، ان ۾ ڪابه تبديلي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ملڪ جي ماڻهن کي مختلف اشوز ۾ مصروف رکي وقت گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته هن هڪ طرف وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، رقم ته ڪجھه لک هئي پر ڍور وڪرو ڪرڻ جو مقصد ماڻهن کي ٻڌائڻ هو ته نواز شريف ڪيئن ٿي عياشيون ڪيون. ان بعد  وزيراعظم هائوس جون قميتي گاڏيون وڪرو ڪيون ويون، عوام کي ان ڳالھه جو احساس ڏياريو ويو ته سندن چونڊيل حڪومت ڪيئن عوام جي همدردي ۾ جيڪي شيون استعمال ۾ ناهن اهي وڪرو ڪري ان مان حاصل ٿيندڙ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي رهي آهي. اهڙي ريت انهن ڏينهن ۾ ايوان صدر سميت صوبن ۾ گورنر هائوس عوام لاءِ کوليا ويا، جڏهن عوام حڪمرانن جي رهڻ لاءِ شاهي محلن جو نظارو ڪيو ته اهو انهن لاءِ نئون تجربو هو. پهريون ڀيرو جڏهن ايوان صدر عوام لاءِ کوليو ويو هو ته ان وقت رش دوران هڪ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ هوچئي رهيو هو ته “ اهي هوندا آهن، حڪمران، جن عوام لاءِ در کولي ڇڏيا، اسان ڪڏهن سوچيو هو ته هتي اچي به سگهنداسين”. هو مونکي ٻڌائي رهيو هو. “ ڪاش هن جي اميد نه ٽُٽي پوي” مون ان وقت سوچيو هو!
ڪجھه وقت بعد اهو سلسلو به ايئن ختم ٿي ويو جيئن بعد جي ڏينهن ۾ ڪشمير وارو جمعي جمعي وارو احتجاج ختم ٿي ويوهو . عمران خان ڪرپشن فري پاڪستان ۽ سياسي سماجي انصاف جي نعري تي اقتدار ۾ آيو هو، هن پاڪستان جي بربادي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ مخالف ڌر جي قيادت کي قرار ڏنو هو، وزيراعظم چونڊجڻ بعد قومي اسيمبلي ۾  مخالف ڌر جي شديد گوڙ ۾ هن جيڪا  پهرين تقرير ڪئي ان ۾ هڪ ڳالھه هن واضح ڪئي هئي ته هو ڪنهن به چور ۽ ڌاڙيل کي اين آر او نه ڏيندو. اين آر او ڪنهن کي مليو ڪنهن کي نه مليو پر اها حقيقيت آهي ته پاڪستان ٻه سال اڳ ۾ جتي هو اتان اڳتي وڌڻ بدران اڃان به پوئتي هليو  ويو آهي، عام ماڻهن جون رڙيون آهن، مهانگائي ماڻهن جا ڏگر ڪڍي ڇڏيا آهن، عام پاڪستاني جي قوت خريد تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي، آمدني ۾ اضافي بدران بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، هن حڪومت ماڻهن لاءِ روزگار جو بندوبست ڪرڻ بدران پناھه گاهون ٺاهي، سندن عزت نفس کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي.
ٻن سالن بعد جڏهن مخالف ڌر 20 سيپٽمبر تي حڪومت خلاف هڪ وڏو اتحاد قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ته ان نه رڳو عمران خان جي حڪومت پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به نشانو بڻايو آهي، مخالف ڌر جي جماعتن  جي اتحاد  پي ڊي ايم جي ٽن جلسن کانپوءِ حڪومت جي پريشاني ٻڌائي ٿي ته هو ڪيتري ڪمزور ٿي چڪي آهي. اها پريشاني اصل ۾ حڪومت مخالف جماعتن جي گڏجڻ جي ڪري نه پر ميان نواز شريف جي ان بيانئي جي ڪري آهي، جنهن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪري وڌو آهي، پنجاب ، جنهن جي هر ٻئي ٽئين گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ فوجي ويجهي يا پري جي عزيز جي صورت ۾ موجود آهي، گذريل ٽيھه سالن دوران نواز شريف پنجاب جي سويلين ۽ عسڪري بيورو ڪريسي ۾ پنهنجو وڏو حمايتي طبقو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، پر هن پنجاب جي ڪاروباري طبقي کي به تمام گهڻو فائدو ڏنو آهي، جنهن ڪري جي ٽي روڊ جي سمورن شهرن جي لکين گهرن  ۾ نواز شريف هڪ محسن طور سڃاتو وڃي ٿو. پنجاب مان جڏهن ڪو ماڻهو فوج جي ڪردارن جا نالا کڻي کين للڪاري رهيو آهي ته خود پنجاب اندر به هن جي ڳالھه کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. پنجاب اندر پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي نواز شريف ٻڌايو آهي ته هن ملڪ جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب آئين جي لتاڙ آهي، آئين جي بالادستي جي صورت ۾ ئي سويلين حڪومتون پنهنجي عوام جي زندگي کي تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. پنجاب کان سواءِ ملڪ جي باقي ٽن صوبن لاءِ ته خاڪي وردي وارو وڏي ڳالھه هوندو آهي، پنجاب  ان کي  ايئن نٿو ڏسي جيئن ملڪ جا ٻيا صوبا ان کي ڏسن ٿا. ان ڪري پنجاب اندران نواز شريف جي صورت ۾ جڏهن آئيني بالادستي جو آواز اٿيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پريشاني فطري آهي. هن دفعي حڪومت ميان نواز شريف ۽ ان جي جماعت کي ملڪ دشمن ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لائي رهي آهي. قومي اسيمبيلي ۾ اياز صادق جي مختصر تقرير کي جواز بڻائي مٿس غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. قانون ۾ واضح آهي ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوان ۾ جيڪو ڪجھه ڳالھايو وڃي ٿو ان کي ملڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، پر ان باوجود غداري جو ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڳالھيون ڪرڻ اياز صادق سميت سڄي ن ليگ کي دٻاءَ ۾ آڻڻ آهي. جيتوڻيڪ جنهن ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، ان پريس ڪانفرنس کان اڳ ۾ قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري جيڪو بم پنهنجي حڪومت مٿان ڦاڙيوهو، ان باري ۾ حڪومت جو ڪوبه ترجمان ڳالھائڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي، هن ان ڏينهن چيو هو ته پلواما ۾ حملو پاڪستان ڪيو هو.  گذريل سال 14 فيبروري تي والاريل ڪشمير جي ڄمون واري علائقي  ضلعي پلواما ۾ ڄمون هاءِ وي تي هڪ ڪانواءِ تي اتان جي مقامي نواجوان آپگهاتي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ سينٽرل ريزرو پوليس فورس جا 40 اهلڪار مارجي ويا ويا هئا، ان وقت ان حملي جي ذميواري جيش محمد قبول ڪئي هئي ، پر هندستان ان حملي جو الزام پاڪستان مٿان هنيو هو. پاڪستان ان وقت به ان الزام جي ترديد ڪئي هئي، هاڻي قومي اسيمبلي ۾  وفاقي وزير اها ڳالھه ڪئي ۽ هن ان کي وڌائيندي چيو ته اسان عمران خان جي اڳواڻي ۾ هندستان جي اندر داخل ٿي جواب ڏنو. وفاقي وزير جي ان بيان بعد هندستان جي ميڊيا ۾ باھه ٻري وئي آهي. فواد چوڌري جي بيان کان اڳ ۾ اياز صادق جي بيان جو به هڪ پسمنظر آهي، گذريل هفتي قومي اسيمبلي جي سڄي اجلاس دوران مختلف وقتن تي حڪومت پاران مخالف ڌر تي غداري جا الزام هنيا پئي ويا، اياز صادق پاران سخت ڪاوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ اهو بيان ڏنو ويو هو. هاڻي حڪومت انتهائي سنجيدگي سان نه رڳو اياز صادق مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي، پر ن ليگ کي ٽوڙڻ جون به سنجيدا ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعا ٻڌائين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت چاهين ٿيون ته هر صورت ۾ ن ليگ اندر ڏار وجهي نواز شريف کي اڪيلو ڪيو وڃي، مريم نواز شريف ۽ نواز شريف ٻئي پنهنجي موقف تي چٽي ريت بيٺل آهن، هنن جو چوڻ آهي ته جنهن کي ن ليگ ڇڏڻي آهي  اهو ڇڏي وڃي ، اسان ڪنهن کي به نه روڪينداسين، عوامي سطح تي نواز شريف ۽ مريم نواز جي پذيرائي کين اهو حوصلو فراهم ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي بيانئي جي بنياد تي ڪنهن جي به ڪاڻ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. پر خود ن ليگ اندر  شهباز شريف واري سوچ رکندڙ اڳواڻن جو خيال آهي ته اسٽيبشليمنٽ سان مستقل جهيڙو ڪري اقتدار ۾ اچڻ ممڪن ناهي، پر نواز شريف ۽ مريم ان راءِ سان سمهت ناهن. ن ليگ جا طاقت ڏانهن لاڙو رکندڙ اڳواڻ چون ٿا ته نواز شريف ۽ مولانا سسٽم کان ٻاهر آهن، ان ڪري هو دٻاءَ وڌائي سسٽم اندر داخل ٿيڻ چاهين ٿا، جڏهن ته نواز نيريٽو حامي ڌرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پنجاب مان ڪنهن پاپولر ليڊر اسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو آهي، ۽ اها للڪار عوامي اقتدار ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حصي کي گهٽائي سگهي ٿي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.
پاڪستان جي موجوده حڪومت هندستان جي ميڊيا ۽ اتان جي سياسي ڌرين جي الزامن کي جواز بڻائي پنهنجي ملڪ جي مخالف ڌر کي نشانو بڻائي رهي آهي. حڪومت مخالف تحريڪ کي چٿڻ لاءِ غداري هڪ بهتر ۽ آسان جواز آهي، اهو ئي سبب آهي ته ملڪ جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ بدران هن وقت حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو مخالف ڌر مان جان ڇڏائڻ جو آهي، پر عام ماڻهو ان ڪري حڪومت جي ڳالھه تي غور نٿو ڪري ته هن حڪومت پنهنجي پاليسين جي نتيجي ۾ عام ماڻهن جا مسئلا گهٽائڻ بدران وڌايا آهن، ان ڪري حڪومت جنهن شدت سان مخالف ڌر مٿان حملا ڪري رهي آهي، عام ماڻهو ان جو اثر ايتري شدت سان قبول نه پيو ڪري.
ن ليگ کانسواءِ حڪومت جو ٻيو حدف پيپلزپارٽي آهي. پيپلزپارٽي ان ڪري به آسان حدف آهي ته هڪ ته ن ليگ جي برعڪس سنڌ ۾ پيپلزپارٽي وٽ حڪومت آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي اندر اها راءِ موجود آهي ته نواز شريف ، جيڪا ڳالھه ڪري رهيو آهي ، هو ان تي ڪيترو وقت بيهي سگهندو. پيپلزپارٽي ان ڳالھه تي به ڳڻتي ۾ ورتل آهي ته نواز شريف ، جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو بظاهر ته وڏي ڪشش وارو آهي، پر هن ان باري ۾ پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي هڪ هنڌ ويهي اعتماد ۾ نه ورتو هو. پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان جي باري ۾ به هڪ چٽو موقف رکي ٿي. هو نٿي چاهي ته مولانا جي صورت ۾ هڪ مذهبي طبقي کي ملڪ جي سياست ۾  وڌيڪ پذيرائي ملي،ڇاڪاڻ ته مولانا کي جيتري پذيرائي ملندي، ايترو ٻين سياسي جماعتن جو حصو گهٽبو. پيپلزپارٽي کي اهو به ڊپ آهي ته مريم نواز سنڌ جي دورن تي نڪرڻ واري آهي، ۽ هو اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانئي جي بنياد تي سنڌ ۾ پنهنجو اثر جلد قائم ڪري وٺندي، ان ڪري  پي ڊي ايم جي صورت ۾ ن ليگ ۽ جي يو آءِ جو تيزي سان اڀرڻ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ نقصان ڏيندو.
 اسلام آباد ۾ اهي به خبرون گردش ۾ آهن ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کان ناراض آهي، چيو وڃي ٿو ته ارڙنهن آڪٽوبر تي، مراد علي شاھه کي ٻڌايو ويو هو ته صبح جو ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويندو. پر هن اها ڳالھه  بلاول ڀٽو زرداري سان نه ڪئي، ٻئي ڏينهن جڏهن ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري عمل ۾ آئي ته اها سڌي بلاول ڀٽو زرداري جي بي عزتي هئي، اطلاعن موجب جڏهن بلاول ڀٽو کي ان باري ۾ آگاهي ملي ته هو مراد علي شاھه مٿان سخت ناراض ٿيوهو. چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي وڏي وزير جي باري ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿو. پر خود سندس والد ۽ مٿين ادارن کي قائل ڪرڻ بلاول ڀٽو لاءِ وڏو چئلينج هوندو. ان ڪري ته ٻنهي ڌرين وٽ مراد علي شاھه جي پوزيشن سٺي آهي.
اسلام آباد ۽ پنڊي ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي کي انگيج رکڻ چاهين ٿا، جيئن پي ڊي ايم پاران ڪي سخت فيصلا ڪيا وڃن ته پيپلزپارٽي کي روڪي سگهجي، هن سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جو ڪردار انتهائي اهم هوندو. جنوري ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جون جماعتون اسيمبلين تان استعيفا جو فيصلو ڪن ٿيون ۽ سنڌ جي سڄي اسيمبلي تحليل ٿي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان مخالف ڌر جي ميمبرن استعيفائون ڏنيون ته وفاقي حڪومت پيدا ٿيندڙ سياسي بحران کي ختم نه ڪري سگهندي، نتيجي ۾ ملڪ اندر نيون چونڊون اڻٽر ٿي پونديون.
اهو ئي سبب آهي ته هن وقت حڪومت جو اهم حدف ن ليگ آهي، جيڪڏهن هو ان کي پنهنجي خواهش تحت ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءِ سڄي گيم هن جي هٿ ۾ هوندي. پر ضروري ته ناهي ته هر دفعي هر خواهش پوري به ٿئي؟ پنجاب جي سياست هڪ نئين موڙ ڏانهن وڃي رهي آهي. اها ئي ملڪ جي ايندڙ سياست جو تعين ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *