Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_eumoh7v1vkvpemn4m3pglcn2mp, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پنهنجا ٻچا کائيندڙ گرڙ پکي سنڌي سماج - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پنهنجا ٻچا کائيندڙ گرڙ پکي سنڌي سماج - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پنهنجا ٻچا کائيندڙ گرڙ پکي سنڌي سماج

سنڌي سماج هونئن ته پنهنجي جوڙجڪ جي حساب سان هڪڙو نيم قبائلي،نيم سرداري ۽ نيم جاگيرداري سماج آهي، اهو هاڻ هڪڙي مذهبي انتها پسندي جي فريم ۾ پڻ بند ٿي رهيو آهي جنهن ۾سڀ کان وڌيڪ عورت ڀوڳي ٿي. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين سنڌي عورت هڪڙي ڪڙهائي ۾ ڪڙهي ٿي پر ڪجهه ڏينهن کان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي عورتن خلاف پنهنجي ڌرتي ڇاپر گهر جو اڱڻ به تپائي ٽامون بڻايو ويو آهي.
تازو هڪڙي انگريزي اخبار جي رپورٽ پڙهي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب سال 2019 ۾ سنڌ اندر 180 بيگناھ عورتن کي قتل ڪيو ويو ، جيڪي سڀ پنهنجي ڀائرن، مڙسن، ڏيرن، پيئرن يا ويجهن عزيزن هٿان قتل ٿيون، يعني هر مهيني 9 عورتن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو، عورتن تي جنسي، جسماني تشدد، انهن جي زبردستي شادين، بدي، سڱ چٽي سميت کوڙ سارا واقعا ٻيا به آهن جيڪي رپورٽ ئي نه ٿا ٿين، هي تهتفصيلي رپورٽ انگريزي اخبار ۾ ڇپي آهي پر سنڌي اخبارون ته روز اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. اسان جي سنڌي سماج ۾ جتي اڄ به عورت کي انسان جيترو درجو حاصل ناهي، جتي عورتن جي اڪثريت کي بنيادي انسان حق حاصل ناهن، جتي عورتون گهرن ۾ هڪڙي جانور واري زندگي گذارين ٿيون، اتي اهڙا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن جتي هڪ ته عورت دشمن سماج ۾ عورتن کي جنسي، جسماني تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو، اتي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي، سياسي تنظيمون ڇا ڪري رهيون آهن اهو هڪ سواليا نشان آهي. هر ضلعي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ پوليس سان گڏجي سماجي تنظيمن سيل ٺاهيا آهن انهن کي سرڪار فنڊنگ به ڪري ٿي، اهي سيل ڇا پيا ڪن، انهن جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟، عورتن جي ڀلائي وارو کاتو سنڌ ۾ ڪم ڪري ٿويا نه؟ هرسال ٻه ارب روپين کان وڌيڪ ان جي بجيٽ رکي وڃي ٿي،شهلا رضا هڪڙي عورت آهي پيپلز پارٽي ۾ ڪارڪن کان شروعات ڪري جيل جون سختيون سهي هن منصب تائين پهتي آهي اها پاڻ پنهنجي عورت ڀينرن لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي؟
عورتن جي حقن واري کاتي دعوا ڪئي آهي ته اسان هر ضلعي ۾ سيل ٺاهيا، هيلپ لائن نمبر ڏنو ۽ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ دعويٰ ڪئي وئي ته کاتي جي هيلپ لائن سينٽرن تي 24 ڪلاڪ عملو موجود رهندو ۽ شڪايتون ڪندڙن کي ترت انصاف به فراهم ڪيو ويندو. پر معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته عورتن جي حقن واري کاتي جي هيلپ سينٽرن تي عملو ته ڇا پر ڏنل نمبر به بند پيل آهي. خود عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي وزير شهلا رضا سنڌ اسيمبلي فلور تي اعتراف ڪيو آهي ته نمبر بند پيل آهي پر سنڌ سرڪار 6 مهينا گذرڻ باوجود عورتن جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ نمبر کولرائي نه سگهي آهي. ان نمبر سان سنڌ جي عورتن کي ڀلي انصاف ملي يا نه ملي پر گهٽ ۾ گهٽ ڪا مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عورت فون ڪري پنهنجي دانهن ڏئي دل جو درد ته هلڪو ڪري سگهي ٿي. هن کاتي کان علاوه عورتن جي حقن لاءِ سنڌ سرڪار هڪ ڪميشن قائم ڪري هر سال ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکي ٿي، نزهت شيرين ان ڪميشن جي سربراهه آهي جيڪا هن سرڪاري عهدي ملڻ کان اڳ عورت فائونڊيشن سميت عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيمن ۾ هميشه سرگرم رهندي آئي آهي، پر جڏهن کان سندس سربراهي ۾ سنڌ سرڪار قانون پاس ڪري هي ڪميشن جوڙي آهي ته هي ڪميشن به صرف پگهار، ايئرڪنڊيشنڊ، سيڪريٽريٽ، گاڏيون،پيٽرول سرڪاري استعمال ڪري روايتي سرڪاري ادارو بڻجي چڪي آهي. ان ڪميشن ۾ ٻين پڻ اهڙين عورتن کي رکيو ويو آهي جيڪي هميشه ٻين غيرسرڪاري ادارن ۾ عورتن لاءِآواز اٿارڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حقن جو ن ڳالهه به ڪنديون رهيون آهن، پر هتي هڪ سوال اهو به اٿي ٿو ته ڪو حساب ڪتاب، ڪو ليکو ڪنهن ڪيو آهي ته اها ڪميشن ڇا پئي ڪري؟ ان سنڌ اندر بي گناھ ڪسجندڙ عورتن جي ڪهڙي مدد ڪئي آهي؟ اهڙي ريت انساني حقن جي تحفظ واري وفاقي وزارت جي به سنڌ ۾ ڪميشن ڪم ڪري ٿي، انيس هارون ان جي ميمبر رهي آهي اها ڪميشن ڇا پئي ڪري، ان بابت به خبر ناهي.
آئون هتي سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سڄاڻ عورتن رخسانه پريت،عائشه ڌاريجو،حسين مسرت، صنم منگي، فرزانه ٻرڙو ۽ ٻين کي جس ٿيو ڏيان جيڪي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجو وقت ڪڍي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارينديون رهن ٿيون ۽ جتي به ڪو اهڙوواقعو ٿئي ٿواتي پهچي وڃن ٿيون،تازو وزيران ڇڇر سميت مختلف عورتن وارن واقعن تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ اندر جيڪي به سياسي پارٽيون سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون انهن کي عورتن جا حق خبر ناهي ڇو نظر نه ٿا اچن.عورتون سنڌي سماج جو اڌ حصو آهن جيڪڏهن اهي بيگناهه قتل ٿينديون رهنديون سندس تعليم،صحت ته ڇا پر کين جيئڻ جو به حق نه هوندو ۽ هميشه ڪهاڙين جي ڇانو ۾ ساهه کڻنديون هونديون ته اهو سماج ڪهڙي ترقي ڪندو. رسول بخش پليجو واحد سياستدان هو جنهن سنڌ اندر عورتن کي سياسي ڌارا ۾شامل ڪيو، پليجي صاحب هميشه عورتن خلاف ٿيندڙ واقعن کي دهشت گردي قرار ڏنو ۽ هن جي سياسي ايجنڊا ۾ عورتن جا حق شامل هئا. سنڌ جي سياسي پارٽين کي به عورتن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان ڪري سنڌ جي سياسي پارٽين سان گڏ سنڌ جي اديبن،دانشورن ۽ صحافين سميت سماج جي سمورن طبقن کي سرڪار مٿان دٻاءُ وجهڻ سان گڏوگڏ سنڌ اندر بيگناهه ڪسجندڙ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.سنڌ جو هي اڌ سماج جيڪڏهن هنن عذابن مان نڪري ايندو،سک جو ساهه کڻندو، عزت سان جيئندو، کيس انسان تصور ڪري انساني حق ملندا ۽ هو معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهندوته ان سان سنڌ به ترقي ڪندي ۽ سنڌي سماج به دنيا جي مهذب سماجن ۾ شمار ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *