تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

پنهنجو ننگ سڃاڻندا رهجو

ندي ڪناري پري پري تائين جيستائين نگاهه وڃي ٿي، ڪچي واٽ جي ٻنهي پاسن کان جهنڊولا وڻ نظر اچن ٿا، ايئن لڳي ٿو ڀڀوت جوڳي ندي ڪناري بيٺل آھن،لهندڙ سج جا پاڇا دم دم ۾ ڊگها ٿيندا وڃن ٿا، باقي سحر انگيز خاموشي آھي سواءِ ندي ۾ وهندڙ پاڻي جي فطري آواز جي، جيڪو سماعتن ۾ پڙاڏن جيان گونجندو رهي ٿو. لهندڙ شام،ديون جيڏا ڊگها پاڇا، ندي مٿان اڏامندڙن پکين جا پاڻي۾ عڪس ، دور صحرا ڏي ويندڙ اٺن جي قطار ، ۽ واٽ تان اڏامندڙ دز ۾ ڌنڌلا بڻجي ويل عڪس.
ڪجھه ئي گهڙين اندر سامهون واٽ تان بيل گاڏين جي قطار سامهون ايندي نظر اچي ٿي گاڏين ۾ جوٽيل ڍڳن کي رنگا رنگي جهلون ۽ ڪنڌن ۾ ٽليون ۽ چاندي جا هار پيل آھن وڏن سڱن ۽ ڊگهين  پڻڇين سان ڪيڏا نه  خوبصورت ڍڳا لڳن ٿا، گاڏين ۾ ويٺل مردن کان عورتن جا ويس وڳا ڪيڏا نه چمڪدار آھن ،گاڏين مٿان اس کان بچڻ لاءِ کجي جي ڪاٺين تان ڦلڙين وارين ڀلوڙ اجرڪن جا پوش چڙھيل آھن، هڪ گاڏي تي مڙني گاڏين کان وڌيڪ سينگار ٿيل آھي، ان ۾ گهوٽ ، ڪنوار ويٺل آھن، قطار ۾ پويان ايندڙ گاڏين تي ڪجھه ٻارڙا بيٺل آھن، جڏھن ته گاڏين ۾  ويٺل عورتون  ڳيچ ڳائينديون ۽ خوشي ۾ تاڙيون وڄائينديون رهن ٿيون.   تاريخ ۽ تهذيب جو هڪ انوکو سفر ، موئن جي دڙي جي تاريخ ۽ تهذيب جو ورجاءَ ، ڪتي جي رت جا  عڪس ، بس سفر سفر ئي رهندو پيو اچي،
اها بارات ڪٿان اچي ٿي ۽ ڪيڏانھن وڃي ٿي ڪائي خبر ناهي، ايئن جيئن سوهڻي ۽ سندس ور ڏم جي ذات ، شادي ۽ هنڌ جي صحيح خبر  نه هئڻ، جيئن مارئي جي  قبر ، سورٺ جي ذات پات ۽ سندس ماءُ پيءَ جي نالي جي خبر نه هئڻ،    بس جيستائين اها ندي ڪنهن صحتمند ٻار جيئان ڊوڙندي رهندي اهي باراتون ۽ شادمانا ٿيندا رهندا  اهو وڏو ۽ ٿڪائيندڙسفر آھي ماڻھو ان سفر ۾ کلندي ۽ روئيندي خاڪ ٿي ٿا وڃن پر ڪروڙين سالن کان سفر جاري  آھي، ڪجھه گهڙين کان پوءِ گهٽائون گهريون ٿي وڃن ٿيون ۽ بيل گاڏين جو قافلو نيڻ نهار کان الوپ ٿي وڃي ٿو.
ويندڙ واٽهڙو، گاڏين جي قافلي کي ڏسي  ڏسي اکيون ٻئي طرف ڦيري قدم اڳيان کڻڻ شروع ڪري ٿو، هاڻي هن جي اڳيان به اوندھه ڇوليون هڻڻ لڳي ٿي، مسافر سفر ۾ ئي هلندا رهن ٿا، جڏھن ته ڪوئي لوڪ سرهي سيج تي سپنن جي سنسار ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ان رات دير سان اها بارات نيٺ پنهنجي منزل تي پهچي ٿي ته چنڊ به اڀري اچي ٿوگلين مان بارات گذرندي شهنانين جي ڀرپور گونج ۾ ان گهر جي پڌر تي اچي بيهي ٿي جتي ڪيترائي گهوٽيتا گهوٽ ۽ ڪنوار جي آجيان لاءِ  گلن جون ڪنٺيون کڻي بيٺا آھن  ۽ سريلا گيت انهن جي آمد تي انهن لاءِ ڳاتا وڃن ٿا، گهوٽ ڪنوار  پهرين ۽ ڄاڃي پوءِ گاڏين مان هيٺ لهي اچن ٿا، ڪنوار جي پيرن ۾ ٻڌل ڇيرون وڄن ٿيون ته رات جي نوائي ۾ هڪ انوکو آواز گونجڻ لڳي ٿو ۽ ڪجھه گهڙين کان پوءِ جهانجھه ۽ ٽلين تي مڌر گيتن واري گونج آھستي آھستي ايئن جهڪي ٿيڻ لڳي ٿي جيئن پوھه سياري ۾ ٻرندڙ مچ جهڪو ٿيڻ لڳندو آھي  اها  رات سهائي هوندي به ان شهر جي  ڪيترن  ئي گهرن ۾ ڏيئا ٽمڪندا رهيا ڏيئن جي چمڪندڙ روشني کان وڌيڪ جوت گهوٽ ۽ ڪنوار جي دل ۾  جرڪڻ لڳو هو.
ان رات جا سڀئي سما ان ڌرتي جي امن ، شانتي ،   سک ، ۽ سهاڳ جا شاهد هئا ۽ هن ڌرتي تي سرڳ ئي سرڳ جو پاڇو هو، نرڳ جو نڀاڳو تصور ڪنهن جي  به من ۾ موجود ئي نه هو .صبح ٿئي ٿو ته  شهر جي طرف ايندڙ رستن تي جن جي پاسن کان ميويدار  وڻ ۽ سڪاريا کيت لهرائي رهيا آھن  اتي ماڻھن جي فوج نظر اچي ٿي  ۽ جنگ جو ڏونڪو وڄي ٿو ان لاءِ ته هن سون سريڪي سر زمين کي هٿ ڪري هن تي بادشاهي ڪجي.
ڏونڪو وڄڻ سان ئي جنگي سورما، راڻا ۽ رکوال ڪات ، ڪرٽ ۽ ڀالا کڻي ان ئي ندي جي ڪناري جنگ ۾ مصروف رهن ٿا، جتان ڪالھه شهناين سان بارات ٿي آئي، ندي جي پتڻ ڏي ايندڙ ھوڙن جا رنگين سڙھه  ، پينگهن جيان جهولندا نظر اچن ٿا ، پاتال بندر کان پنجن ڏينهن جي اها جنگ ختم  ٿيندي ، تڏھن محسوس ٿئي ٿي، جڏھن  دشمنن جا فوجي ڪٽڪ واپس ٻيڙين ۾  بنا جهنڊين جي ويندي نظر اچن ٿا،   ندي گهاٽ تي هن ديس جي ڌڻين جي آواز جو هڪ ئي پڙاڏو گونجي ٿو ،  شاباس ڌرتي جا پٽ ،
پنهنجو ننگ سڃاڻندا رهجو.
ويرين سان سينو ساهڻ ،
ڌڙن مٿان ڌڙ اڇلائڻ ،
گهاگهائي گهاگهائي سر گهورڻ ،
اهو بهادرن جو ڪم آھي ،،،،
ان ئي هنڌان جتان ڪجھه ڏينهن اڳ ندي ڪناري وڏي ڌام ڌوم سان بارات ٿي ويئي، ان ئي ساڳي ڪچي واٽ تان هڪ بيل گاڏي ۾  ساڳي ڪنوار چکيا تي چڙهڻ لاءِ موٽي ٿي ،جنهن جو ور ڌرتي ڪاڻ ھاڻوڪي ويڙھه ۾ مارجي چڪو آھي .
مچ ، آتش نمرود جيان   ڄرڪي رهيو آھي، جنهن ۾  اهي ناريون جن جا ور مري ويا آھن چکيا چڙھڻ لاءِ   پاڻ اڇلي وجهن ٿيون, سڀ سينگار آگ ۾  ساڙي رک ڪري ڇڏيا.
چکيا جي رسم ۽ ان کان پوءِ ڪارو ڪاري جهالت ۽ ظلمت جو ڪيڏيون  نه انڌيون رسمون  ۽ وري  غيرت جي نالي ۾  عورت سان  ويڌن ، صدين جي سفر ۾ عورت سان اهو ورتاءَ جاري رهندو پيو اچي، ان جو ڪنهن سڌريل معاشري ۾  به  برابري جو سلوڪ نه ٿو ملي ، ورنه جهانسي جي راڻي کان ويندي بينظير ڀٽو تائين جا مظلوم ٿي جابر سان مزاحمت ڪئي آھي اهڙي مزاحمت ڪو مرد به انهن حالتن ۾  نه ڪري سگهي ها،  
مورخ ،ننڊ ۾ خواب مان جاڳي ٿو ۽ چشمو پائي ڏسي ٿو ته ان کي رستي رستي تي مظلوم ماڻھن جا احتجاج ڏسڻ ۾ اچن ٿا ڪا عورت ڪاري جي الزام ۾ ڪٺي ويئي آھي ، ڪنهن مزدور جي گهر تي طاقتور قابض ٿي ويو آھي، ڪنهن شهري کي بلاجواز بيدخل ڪيو ويو آھي  ، ڪنهن جي نياڻي کي شادي نه ڪرڻ ڪري قتل ڪيو ويو آھي، ڪو هاري غربت سبب پنهنجا ٻچا وڪڻڻ جا هوڪا پيو هڻي، هي آھي اسان وٽ  ترقي .
هو، اهو سوچي وقت جي حاڪمن جي لٻاڙن تي کلي ٿو ۽ چوي ٿو  ،
ڪيئي صديون اڳ ۽ اڄ ۾  ڪهڙو فرق آھي  ؟  هو سامهون ڌوڙ واري واٽ تان نظر ڦيرائي اکيون پوري ٿو ڇڏي ۽  ٻيهر آڳاٽي دور جي تصور ۾  گم ٿي ٿو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *