تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

پهاڙن ۾ پير پٿون ڪندڙ شهزادو

مونکي خبر ناھي ته اھو چترالي ٽيڪسي ڊرائيور ھاڻ ڪھڙي حال ۾ ھوندو يا مير مرتضي ڀٽو جي شھادت کان پوءِ ان جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو جنھن جو نالو مير مرتضيٰ ڀٽو ھيو اھا ڪيترا سال اڳ جي ڳالھه آھي ته اسان کي چترال ۾ ھڪ اھڙو ٽيڪسي ڊرائيور مليو جنھن جو اسان جڏھن نالو پڇيو ته چيو هيائين “مير مرتضي ڀٽو ”. اسان جي حيرانگي جي حد نه رھي ته مرتضيٰ ته نالو ڪير به رکي سگھي ٿو پر ڀٽو ته صرف ھڪ مرتضيٰ آھي اسان جي اھڙي اعتراض تي ان پنھنجو شناختي ڪارڊ ڏيکاريو جنھن ۾ پڻ ان جو نالو “مرتضيٰ ڀٽو ” لکيل ھيو. ان چترالي موجب هو مير مرتضيٰ جو عاشق آھي ان ڪري هن پنھنجو اصل نالو تبديل ڪري اهو نالو رکيو.  سنڌ جي ڀٽن سان نه فقط ان چترالي جي غير مشروط محبت هئي پر پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ماڻھن ملاوٽ ۽ منافقت بنا محبت ڪئي. 
ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ لڳندڙ سچ پتري سان ڇلجندڙ پٺي جي چمڙي سان گڏ“جيئي ڀٽو ” جو ايندڙ آواز ان ڳالھه جي گواھي آھي ته سنڌ جو ماڻھو ڀٽن سان بنا ڪنھن لالچ ۽ لوڀ جي محبت ڪري ٿو . لاڙڪاڻي کي شھيدن جو شھر سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو،لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ  ڳڙھي خدابخش کي پوري دنيا ۾ جيڪڏهن شناخت ملي آھي ته اھا انھن چئن قبرن جي ڪري ملي آھي جيڪي عام قبرن جيان صرف مٽي جو ڍير نه پر انقلاب جي تاريخ جو اڻ مٽ داستان آھن ! ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گھر ۾ 1854ع  ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙي جو نالو مير مرتضي ڀٽو رکيو ويو ۽ اھڙن ميرن جي جنم لاءِ ڌرتيون الائي ڪيترا چڪر ڪٽينديون آھن. ڪنھن تي ڄاتو ته مرتضيٰ نالي سان پيدا ٿيندڙ اھو ٻارڙو جيڪو شھيد ڀٽو، نصرت ڀٽو پنڪي ۽ صنم جو لاڏلو ھجي جيڪو وزيراعظم جوپٽ ھجي جنھن سون جي چمچن سان کاڌو ھجي وقت ۽ حالتون ان شھزادي کي پھاڙن ۾ پير پٿون ڪرڻ تي مجبور ڪنديون.
مير مرتضيٰ جا اھي جواني جا ڏھاڙا ھيا جڏھن ھڪ آمر جنرل ضياءَ ڀٽو جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪري ڇڏي. ڀٽي خاندان مٿان اوچتو اھڙي قيامت ڪڙڪي جو پنڪي جو بابا ۽ نصرت جو ور  سلاخن پويان واڙجي ويو. ضياءَ  آمريت خلاف نفرت جو ٻج ڇٽجڻ شروع ٿئي ٿو. ذوالفقار ڀٽو جا ٻه شھزادا پنھنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي افغانستان جي پھاڙن جو رخ ڪن ٿا سندن نازڪ پير پٿريلي زمين تي ھلي ھلي پٿون ٿين ٿا پر اھي حوصلو ھارڻ بدران پنھنجي منزل طرف روان رھن ٿا ۽ آڏو ايندڙ ھر پھاڙ کي “آڏو ٽڪر ٽر متان روھه رتيون ٿئي ” واري للڪار ڪري اڳتي وڌن ٿا . ان کان پوءِ تمام جلد مير مرتضيٰ جي پوري دنيا ۾  سڃاڻپ ھڪ انقلابي طور ٿئي ٿي جتي شيخ زيد،  معمر قذافي، حافظ اسد،  ياسر عرفات مير کي ڀٽو جي دوستي سبب پنھنجي پٽ جيان سمجھڻ لڳا مير مرتضيٰ ٻاھر رھي به آمريت جي خاتمي ۽ جھموريت جي بحالي لاءِ جھدوجھد ڪندو رھيو. آمر ضياءَ جلاوطني دوران به مير مرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ لڳاتار انھن خلاف سازشون ڪري کين قتل ڪرڻ جا منصوبا ٺاھيندو رھيو ،مير مرتضيٰ لاءِ زندگي جو وڏو ۽ ڏکوئيندڙ پل ھيو جڏھن سندس ڏک سک جي ساٿي ننڍي ڳڀرو ڀاءُ شاھنواز کي پنھنجي گھر واري ھٿان زھر ڏياري شھيد ڪيو ويو جنھن تي مرتضي ڀٽو به پنھنجي گھر واري جيڪا شاھنواز ڀٽو جي گھر واري جي ڀيڻ هئي طلاق ڏئي ڇڏي. مرتضيٰ کي پنھنجي ڀاءُ جي شھادت جو ڏک اندر اندر کائيندو رھيو پر ان پنھنجو حوصلو نه ھاريو ۽ وقت جي آمر سان وڙھندو رھيو ! مير مرتضيٰ ڀٽو ھڪ انقلابي سان گڏ اصولن جي پاسداري ڪندڙ اھڙو  انقلابي اڳواڻ ھو جنھن پنھنجي سڳي ڀيڻ سان به مرڻ گھڙي تائين اصولي اختلاف رکيا . مير چوندو ھيو منھنجي ڀيڻ سان اقتدار ۽ ڪرسي جي لالچ ۾ اھڙا ماڻھو گڏ آھن جيڪي شھيد ڀٽو جي قتل واري سازش ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح شامل ھيا ان ڪري مير مرتضيٰ چوندو ھيو ته جن ماڻھن شھيد ڀٽو جي شھادت تي مٺايون ورھايون ھو انھن سان گڏ نٿو ھلي سگھي. محترما ۽ مير وچ ۾ ھڪ ديوار رھي جنھن جو سبب به اھي پير مير ۽ ڀوتار رھيا جيڪي نه پيا چاھين ته ڀاءُ ۽ ڀيڻ ويجھو اچن ۽ اسان پري ٿي وڃون !مير محترما سان تمام گھڻو پيار ڪندو ھو، ھڪ ڀيري جڏھن مير محترما کي ٽي وي تي گرمي ۾ شال ۾ ڏٺو تڏھن پريشان ٿي ويو ۽ چيائين لڳي ٿو پنڪي جي طبيعت ٺيڪ ناھي ! جولاءِ 87 ۾ محترما ۽ مير جي پيرس ۾ ملاقات ٿي جتي محترما کي مير چيو ته فاطما جي استاد ڏاڍي سٺي آھي مان ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاھيان تڏھن محترما چيو مان اڳ ۾ ھڪ ڀاءُ وڃايو آھي ٻيو ڀاءُ نٿي وڃائڻ گھران ۽ محترما کيس پاڪستان ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ڪيترين ڇوڪرين جا نالا پڻ ٻڌايان جيڪي ھو کلي نٽائيندو رھيو. اڄ ان مير مرتضيٰ جي ورسي آھي جنھن سورنھن سال جلاوطني ڪٽي وطن جي مٽي ۽ ماڻھن ڏانھن موٽ ڪئي پر شايد مرتضيٰ جھڙو کرو سچو ۽ منافقت کان ڪوھين ڏور رھندڙ انقلابي ھن سڙيل ڳريل ڪوڙي رياست ۾ ان فٽ ھيو  اڄ ان مير جي ورسي آھي جنھن جي قاتلن جي خبر ھوندي به سب بي خبر آھن، اڄ ان عظيم انقلابي اڳواڻ جي ورسي آھي جنھن کي سندس بدنصيب ڀيڻ جي وزارت اعظميٰ ۾گھر ٻاھران بيدردي سان شھيد ڪيو ويو. اڄ ان مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي آھي جنھن جي قاتلن کي ترقيون ۽ تمغا ڏيڻ وارا به ڀٽو جي نالي تي حڪومت ڪن ٿا !
 اڄ مير مرتضيٰ جي ورسي آھي سندس قاتل اڄ به اعليٰ منصبن تي ويٺل آھن حڪومت وري به چون ٿا ته ڀٽن جي آھي پر ھڪ ڀٽو جو خون انصاف لاءِ تڙپي ٿو ۽ مير مرتضيٰ سان پيار ڪندڙ ھزاين اکيون ٽم ٽم برسن ٿيون برسن ٿيون ۽ بس برسن ٿيون. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *