تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پوليس نظام جو ٻيڙو غرق ڪندڙ ڪردار

ڪهڙي نه خلق کلائڻ جي ڳالهه آهي جو پنجاب ۾ پنجون آءِ جي به تبديل ڪيو ويو آهي. ٻن سالن دوران بوزدار حڪومت ۾ اهي تبديليون اچي رهيون آهن.انسپيڪٽر جنرل پوليس شعيب دستگير کي تبديل ڪيوويو آهي ان جي جاءِ تي انعام غني کي پنجاب جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب شعيب دستگير کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي صوبي ۾ نئين آءِ جي لاءِ نالا طلب ڪيا هئا ۽ اسٽبلشمينٽ ڊويزن کان انعام غني کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪرايو ويو. اعليٰ عهديدارن جي نظم ضبط ۽ ڪارڪردگي کي جنهن ريت متاثر ڪيو پيو وڃي ان جا نتيجا به سڀني جي سامهون آهن، موٽروي تي هڪ عورت سان پيش ايندڙ واقعو شرمناڪ آهي، واقعي تي ڪنڌ شرم کان جھڪائڻ بدران سي سي پي او جيڪو بيان ڏنو اهو ٻڌائي ٿو ته کيس پنهنجي سرپرستن تي ڪيترو زعم آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد سڀ کان اڳ ڪليم امام کي هٽايو ويو جيڪو ان عهدي تي 3 سال به پورا نه ڪري سگھيو هو، ڪليم امام بعد محمد طاهر کي عهدو ڏنو ويو کيس به هڪ مهيني بعد عهدي تان هٽايو ويو، ان کان پوءِ امجد جاويد سليمي کي نئون آءِجي مقرر ڪيوويو جيڪو پڻ ان عهدي تي مشڪل سان 6 مهينا رهي سگھيو ۽ ان کي به هٽايو ويو. ان کان پوءِايندڙ آءِ جي ڪيپٽن رٽائرڊ عارف نواز هو جيڪو ٻيو ڀيرو ان عهدي تي مقرر ٿيو هو آخرڪار ان کي به هٽايو ويو، عارف نواز آءِ جي پنجاب واري عهدي تي 7 مهينا رهيو. عارف نواز بعد شعيب دستگير جو آءِ جي واري عهدي تي ڪڻو نڪتو جيڪو به 9 مهينن کان وڌيڪ ڄاڻايل عهدي تي رهي نه سگھيو. هاڻي سندس جاءِ تي نئون آءِ جي انعام غني مقرر ڪيو ويو آهي. انعام غني پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ بعد ڇهون آءِ جي آهي.عهدي تان هٽايل آءِ جي شعيب دستگير کي 27 نومبر 2019ع تي مقرر ڪيو ويو هو. اڳوڻي آءِ جي پنجاب شعيب دستگير بيان ۾چيو آهي ته سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان کان وزيراعليٰ پنجاب کي آگاهه ڪيو هو، هن ڪمانڊر خلاف بيان ڏئي رولز جي خلاف ورزي ڪئي. قانون موجب ڪاروائي ٿئي ها ته ڪو مسئلو نه هو. چيو وڃي ٿو ته اهو سمورو تڪرار سي سي پي او لاهور جي بنا صلاح مقرري سبب ٿيو. شعيب دستگير جمعي تي وزيراعظم پاڪستان اڳيان سي سي پي او جي مقرري تي به اعتراض ڪيو هو. آءِ جي پنجاب موقف اختيار ڪيو هو ته بغير مشاورت سي سي پي او لاهور جي مقرري قبول ناهي. ان معاملي تي وزيراعظم پاران آءِ جي پنجاب کي وزيراعليٰ پنجاب سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. حڪومت سي سي پي او عمر شيخ ۽ آءِ جي شعيب دستگير وچ ۾ اختلافن بعد ئي شعيب دستگير کي تبديل ڪيو هو. شعيب دستگير جو چوڻ آهي ته سي سي پي او مس ڪنڊڪٽ ۽ چين آف ڪمانڊ جي خلاف ورزي ڪئي جنهن تي سي سي پي او خلاف ايڪشن ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن سي سي پي او، آءِ جي پنجاب جو حڪم نه مڃيندو ته لاهور پوليس چين آف ڪمانڊ جي خلاف ورزي ڪندڙ سي سي پي او جو حڪم نه مڃيندي.
ايڊيشنل آءِجي طارق مسعود ياسين نئين مقرر ٿيل آءِ جي انعام غني سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي سندس موقف آهي ته نئون مقررٿيل هن کان جونيئر آهي، جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪم نه ٿو ڪري سگھي. سي سي پي او آفيس لاهور ۾ ڪجهه پوليس آفيسرن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جن پنجاب جي آءِ جي جي تبديلي تي خدشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي موجوده صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي،ڊي آءِ جيز،ايس ايس پيز ۽ اي آءِ جي پاران شرڪت ڪئي وئي.آءِ جي پنجاب جي بدلي ڪرڻ واري فيصلي تي تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي جتي ٻن سالن ۾ جيڪڏهن 5 آءِ جي تبديل ٿيندا ته پوليس جي مورال جي سطح ڪهڙي هوندي؟ سياسي مداخلت سان اسان سول سرونٽس کي غلام بڻايو وڃي ٿو ۽ ايئن ڪو ٻيو غلام اچي ويندو.ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون نديم افضل چن جو هي حيران ڪندڙ الزام به سامهون آيو آهي ته پنجاب جا پوليس آفيسر شهرن ۾ پراپرٽي جو ڪم به ڪندا آهن. موٽر وي واري واقعي تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ايئن ٿو لڳي جيئن پوليس جو ڪنٽرول نااهل ماڻهن وٽ آهي. جنهن سان ملڪ جو امن امان تباھه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پوليس فورس نظم ۽ ضبط کان سواءِ ڪم نه ٿي ڪري سگھي. ان وقت تائين عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني نه ٿو بڻائي سگھجي جيستائين پوليس فورس ۾ پيشيوراڻي مهارت نه هجي، موجوده پوليس جي ڪمان غير پيشيوراڻي ماڻهن جي هٿن ۾آهي.
هڪ زماني ۾ انگريزن جي دور جو لاڳو ڪيل قانون ختم ڪري نوان قانون جوڙيا ويا هئا هي پوليس آرڊر 2002ع سڏجي ٿو، اڪثر اڳوڻا آءِ جي حضرات متفق آهن ته اهو پوليس آرڊر لاڳو ڪرڻ گھرجي جيئن پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتر فرق اچي سگھي ۽ پوليس ڪنهن به شخص جي ذاتي فورس نه ٿي وڃي . جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ وزيراعظم هجن يا وزيراعليٰ، پوليس آفيسرن تي حڪم ايئن هلائيندا آهن جيئن اهي سندن ذاتي فورس هجن. سمورن علائقن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي سفارش تي آفيسر ۽ ٿاڻيدار مقرر ڪيا ويندا آهن هڪ اڳوڻي آءِ جي حاجي حبيب الرحمان پنهنجي ذاتي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته سندس دور ۾ جڏهن هو ايس ايس پي هزاره هو ته ان وقت جي صدر ايوب خان جو هڪ پٽ هڪ ٿاڻي ۾ ٿاڻيدار جي مقرري جي سفارش کڻي آيو هو ۽ مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو هو. طارق کوسو پوليس کان علاوه ٻين کاتن ۾ به رهيو آهي ۽ هو آءِ جي پنجاب به رهيو آهي. پوليس ڪنهن فرد واحد يا حڪومت وٽ جوابدار هجڻ بدران عوام جي خدمتگار هجڻ گھرجي. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ان تي عمل نه ڪيو البته ان جي هڪ مختصر حصي تي پنجاب ۾ عملدرآمد ڪيو ويو جيڪو اڌورو آهي. پنجاب جي ئي هڪ اڳوڻي آءِ جي ظفر لڪ تازو هڪ اخباري انٽرويو ۾پوليس آرڊر لاڳو ڪرڻ جي پرزور وڪالت ڪئي آهي. هو 35 سالن تائين پوليس سروس آف پاڪستان جي اي ايس پي کان وٺي آءِ جي تائين اعليٰ انتظامي ۽ تفتيشي عهدن تي رهيو آهي. اهو به ان نتيجي تي پهتو آهي ته جيڪڏهن پوليس کي صحيح معنيٰ ۾ عوام جو خادم بڻائڻو آهي ته پوليس آرڊر لاڳو ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي. هن جو چوڻ آهي ته پوليس جا آءِ جي صاحبان،چيف سيڪريٽري،ڪمشنرز،ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسيمبلين جا ميمبر پنهنجي مفادن خاطر پوليس آرڊر 2002ع تي اڄ تائين عمل درآمد ٿيڻ نه ٿا ڏين. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پوليس جو قبلو درست ناهي ٿي سگھيو. ايم پي اي ۽ ايم اين اي مرضي جا ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي لڳرائي انهن کان ناجائز ۽ من پسند ڪم وٺندا آهن. صرف ووٽ وٺڻ خاطر قاتل ۽ ڌاڙيلن جي سفارش ڪرڻ لاءِ ٿاڻن ۽ آفيسرن جي آفيسن ۾پهچي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو پوليس نظام جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آهي ۽ ڊسيپلينري فورس تباهي ڪناري پهچي وئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر جنرل مشرف پاران پوليس آرڊر 2002ع قومي اسيمبلي مان منظورڪرايو ويو پرسياستدانن،ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي پوليس سيفٽي ڪميشن ٺهڻ ئي نه ڏني. موجوده حڪومت ۾ به ايس ايڇ اوز کان وٺي آءِ جي تائين پوليس آفيسر سياسي سفارشن جي بنيادتي مقرر ڪيا پيا وڃن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *