Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_79hams0cfsqsqpcvfk031vdjgr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پوليس هيروز، سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان نوَن هدايتن تائين..!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پوليس هيروز، سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان نوَن هدايتن تائين..!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

پوليس هيروز، سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان نوَن هدايتن تائين..!!

2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي نوٽيس چنبڙايا ويا، جن تي لکيل هو ته “آءِ جي سنڌ جي حڪمن جي روشني ۾ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي هدايت ٿي ڪجي ته اهي گھر کان ڊيوٽي اچڻ توڙي ڊيوٽي تان واپس گھر وڃڻ وقت يونيفارم نه پائين ۽ نه ئي مخصوص شوز(بوٽ)پائين، اهلڪارن ۽ آفيسرن طرفان ڊيوٽي کان علاوه يونيفارم يا بوٽ پائڻ جو اطلاع مليو ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سڀني کي هدايت ٿي ڪجي ته اعليٰ آفيسرن جي حڪمن تي عمل ڪندي پنهنجي سيڪيورٽي جو خيال رکن”. هي نوٽيس مددگار 15 ۾ مقرر پوليس اهلڪار نعمان جي شهادت بعد مختلف ٿاڻن تي چنبڙايا ويا، اهلڪار نعمان ڪلفٽن واري علائقي مان ڊيوٽي تان واپس پنهنجي گھر محمودآباد وڃي رهيو هو ته بلوچ ڪالوني ٿاڻي جي حد منظور ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن کيس ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو، هٿياربند ويندي ويندي سندس لائسنس يافتا پسٽل به کڻي ويا هئا، 24 ورهين جي اهلڪار نعمان کي وردي پاتل هئي ۽ هو موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو، هٿياربندن کيس ايتري به مهلت نه ڏني جو هو موٽرسائيڪل بيهاري پسٽل سان پنهنجي حفاظت ڪري سگھي ها، هلندڙ موٽرسائيڪل تي کيس نشانو بڻايو ويو ۽ کيس ڄاڙي ۾ گولي لڳي ۽ هو 15 منٽن تائين تڙپندو رهيو، اسپتال به نه پهچي سگھيو. ان واقعي کان پوءِ آءِ جي سنڌ جي حڪمن تحت سمورن اهلڪارن ۽ آفيسرن کي پابند بڻايو ويو ته اهي ڊيوٽي تي اچڻ توڙي ڊيوٽي تان واپس وڃڻ وقت يونيفارم نه پائين.
هي حڪم نامون يقينن سنڌ پوليس جي جوانن جي بهتري لاءِ آهي پر مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ پوليس جا ڪمانڊر ان وقت تائين جوانن جي بهتري لاءِ نه سوچيندا آهن، جيستائين جاني نقصان نٿو ٿئي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ان ساڳي آءِ جي سنڌ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي انجام تائين پهچائيندڙ پوليس اهلڪارن جي نه صرف سڃاڻپ ظاهر ڪئي پر سندس ئي حڪمن تي وڏيون وڏيون تقريبون ٿيون، فخر سان بهادر اهلڪارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو. اسان اهو نٿا چئون ته ملڪ جي معاشي رڳ تي ٿيل حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اهلڪارن جي همٿ افزائي نه ٿيڻ گھرجي ها پر اسان اهو ٿا چئون ته اهلڪارن جي همٿ افزائي ميڊيا کان بغير به ممڪن هئي. دهشتگرد ڪو ڪرايي جا قاتل نه هئا، جو انهن کي ماريندڙ اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ميڊيا تي جشن ملهايو ويو پر اهي دهشتگرد ان نيٽورڪ سان سلهاڙيل هئا، جيڪي پراڪسي وار جو حصو هئا، دهشتگرد ته مارجي ويا پر انهن جو نيٽورڪ اڃان به موجود آهي، خود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڳالهه جو اقرار ڪري رهيا آهن ته صوبي جي راڄڌاني واري شهر ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪارندا موجود آهن، جيڪي دهشتگردي ۽ ڏوهي وارداتون ڪري رهيا آهن ۽ انهن جا سليپر سيل قائم آهن جيڪي وقت اچڻ تي سرگرم ٿي وڃن ٿا. ڪجهه وقت اڳ خود پوليس جي ٻن آفيسرن جي را لاءِ ڪم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتاري ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته شهر ۾ ملڪ دشمن عنصرن جو نيٽورڪ ڪيترو مضبوط آهي، ان صورتحال ۾ پوليس آفيسرن بهادر اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ڪري انهن کي ميڊيا آڏو آڻي کين سيڪيورٽي رسڪ تي آڻي بيهاريو آهي، شهر ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به ڪنهن ڪارروائي دوران ڪارا ماسڪ لڳائي پنهنجي منهن ڍڪي ڇڏيندا آهن ته متان دشمن کين سڃاڻي نه سگھي.
آئون پڙهندڙن کي اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته ڪراچي ۾ 2013ع ۾ جيڪو آپريشن ٿيو هو، ان آپريشن دوران توڙي آپريشن کانپوءِ ان آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 138 اهلڪارن ۽ آفيسرن کي شهيد ڪيو ويو آهي، جن ۾ 2 ڊي ايس پي، 3 انسپيڪٽر، 13 سب انسپيڪٽر، 16 اي ايس آئيز، 26 هيڊڪانسٽيبل ۽ 78 اهلڪار شامل هئا، جڏهن ته 162 اهلڪار ۽ آفيسر زخمي ٿيا هئا. اهڙي ريت 92ع ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 173 اهلڪارن کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو هو، جن جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ 187 هٿياربند نامزد آهن، جن مان ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلر اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن. هاڻي جڏهن هٿياربندن ڊيوٽي تان واپس گھر ويندڙ پوليس اهلڪار نعمان کي شهيد ڪيو ته پوليس آفيسرن کي صورتحال جي سنگيني جو اندازو ٿي ويو ۽ انهن اهلڪارن کي پنهنجي حفاظت يقيني بڻائيڻ لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون آهن،
هڪڙن اهلڪارن کي ميڊيا آڏو آندو ويو ۽ هڪ اهلڪار جي شهادت بعد وري نيون هدايتون جاري ڪيون ويون، اهو به صحيح آهي ته دير ئي سهي پوليس ڪمانڊرن کي اها سمجھڻ ۾ مدد ته ملي ته هي شهر ڪيترو نه حساس آهي، هن شهر ۾ هڪ سڄو نسل خوف ۾ نپجي وڏو ٿيو، هن ئي شهر ۾ غيرملڪي ايجنسين جا نيٽورڪ آهن، هي شهر هاڻي پراڪسي وار جي گھٽ ئي سهي پر اثر هيٺ آهي، چائنيز قونصل خاني کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل حملي ۾ هڪجهڙائي ۽ ٻنهي حملن جي هڪ ئي تنظيم طرفان ذميواري قبولڻ، تازو عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ عذير بلوچ جي ايراني انٽيليجنس آفيسرن سان ملاقاتن جو انڪشاف ۽ ايم ڪيو ايم باني پاران ڀارتي ايجنسين کان مدد گھرڻ وارن معاملن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ ملڪ ڪراچي کي پراڪسي وار جي اثر هيٺ آڻڻ چاهين ٿا. ان صورتحال ۾ پوليس آفيسرن کي سمجھداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، پوليس اهلڪارن جانين جا نذرانا ڏنا، سندن زندگي به اهم هجڻ گھرجي، بهادر اهلڪارن جي همٿ افزائي اداري اندر ئي ٿيڻ گھرجي، کين ترقيون ملڻ گھرجن، انعام ملڻ گھرجن ان سان گڏگڏ پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار مهيا ڪرڻ گھرجن، اڄ به شهر ۾ ٽريفڪ اهلڪار بغير هٿيارن جي ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، باوجود ان جي ته ماضي ۾ اهي ٽريفڪ اهلڪار به ٽارگيٽ بڻجي چڪا آهن، پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪيٽس ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت به ملڻ گھرجي پر ان سان گڏوگڏ پوليس اهلڪارن جي زندگي به اهم هجڻ گھرجي، انهن جي سڃاڻپ ظاهر ڪري کين دشمن جي ڪامياب ٽارگيٽ تي آڻي بيهارڻ ڪهڙي دانشمندي آهي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *