تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

پوليس وارن کي “جيئي سنڌ!“

ڪنھن ٿي ڄاتو ته اڻويھه سو ٻاھتر ۾، ذوالفقار علي ڀٽي جي شروعاتي ڏينھن ۾ گھنٽاگھر سکر ڀرسان مھراڻ مرڪز ۾ لالا قادر جي پنھنجي دور جي سنڌ جي مشھور شاگرد تنظيم سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن (س.ا.م.ا.ف) جي پاران “بھاري نه کپن” تحريڪ جي شروع ڪيل بک ھڙتال واري ڪيمپ تي ويٺل نوجوانن مان ھڪ اھو شڪارپوري نوجوان مشتاق مھر اڄوڪو سنڌ پوليس جو آءِ جي ھوندو، جيڪو اڄ سنڌ ڇا ملڪ جي سياست توڻي سوسائٽي ۾ تڪرار ۽ بحث جو نه فقط موضوع بڻيل آھي پر شايد ڪن تبديلين جو ڪارڻ به بڻجي! شايد ڳالھه مان ڳالھه نڪري ٿي. لالا قادر واري ماروئڙا جي ان بک ھڙتال تي ويٺلن ۾ منھنجو ھم ڪلاسي جميل ميمڻ به ھو. مون ته خير ڪڏھن ڪا فيئر ڪاپي ٺاھي پر جميل ميمڻ جي ھر فيئر ڪاپي جي ۽ نوٽ بوڪ جي ھر صفحي تي “جيئي سنڌ” لکيل ھوندو ھو. اھو سنڌ سان اڻ ميو پيار ڪندڙ نسل ھو. اھو نسل جيڪو اتي ڀر واري “سنڌو ڪتاب گھر” تي ملندو ھو. تن ڏينھن ۾ سکر جي سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ٻه مشتاق ھوندا ھئا، ھڪڙو مشتاق مھر ۽ ٻيو مشتاق مڱريو. سنڌ جي اھڙي ڪارائتي نسل جا جيڪي ٻيا ساکرو پيارا ھئا يا آھن سي ها اياز گل، ادل سومرو،رفيق سومرو، رسول ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، منير ميمڻ، خادم سنڌي، منظور بيدار،خليل ميمڻ، شفن مڱريو، مبن ۽ سميع مڱريو توڻي ابراھيم سارنگ. اسان جو ھڪڙو استاد ھوندو ھو آغا ارشاد. آغا ارشاد ڪئريڪٽر ھو. فٽبال ھن جو جنون ھوندو ھو. آغا ارشاد فٽبال جي ميدان ۾ ايئن لھندو ھو ڄڻ جنگ جي ميدان ۾ لٿو ھجي ۽ ھو ڪلاس ۾ ٿوريون ٿوريون قومپرستياڻيون ڳالھيون به ڪندو ھو.
انھي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ڪيترائي سنڌي نوجوان پوليس ۾ ٿي ڀرتي ڪيا سو آغا ارشاد به ڪنھن طرح اي ايس آءِ ڀرتي ٿي ويو. هڪڙي ڀيري آغا پوليس جي شھباز ايران جيپ ۾ (تن ڏينھن ۾ شھنشاھه ايران جي حڪومت پاڪستان کي پوليس لاءِ اھي جيپون تحفي ۾ ڏنيون ھيون جن تي لکيل ھوندو ھو“شھباز ايران”( چڙھي پوليس وردي ۾ شاگردن ۽ ساٿي استادن سان ملڻ اسان جي اسڪول آيو ھو. اھو موڪل جو ٽائيم ھو ۽ ٻار ڪلاسن ٻاهران آغا ۽ سندس جيپ کي وڪوڙيو بيٺل ھا. مون وڌي وڃي آغا کي کيڪاريندي چيو ھو، “سائين جيئي سنڌ!” ته ان تي آغا صاحب مونکي چيو، “ڀينھان پوليس وارن کي جيئي سنڌ!” انھي شھباز ايران تي اي سيڪشن ٿاڻي تائين جھوٽو مون به کاڌو ھو جڏھن پوليس وارا سکر ۾ ئي زاھد مخدوم کي گرفتار ڪرڻ آيا هئا ۽ ھو اسان کي به زاھد سان گڏ ٿاڻي وٺي ويا ھا. شھباز ايران پوليس جيپ اسان کي معصوم شاهه جي مناري وٽان کنيو پئي وڃي. معصوم شاهه واري لاھي انھي لاڙي وٽان پياري سردار شاھه جو گھر جنھن ۾ پوءِ مولانا ٻوھيي پرنٽنگ پريس قائم ڪئي، ڊاڪٽر احسان جي ڪلينڪ، اي پي پي جو دفتر، معصوم شاهه جي لاھي جي هڪڙي پاسي کان رنگا رنگي قلندري ليڙن ۽ ٽوپين کٿين رلين ۾ فقير ملنگ ويٺل (جيئن ھو تلڪ چاڙھي تي ويٺل هوندا هئا. ايئن اھي فقرا سموري دنيا ۾ ھجن ٿا. نيپال جي فريڪ اسٽريٽ کان وٺي نيويارڪ جي فورٽي سيڪنڊ اسٽريٽ تائين بس رڳو انھن جا نالا بدليل ٿين. دنيا انھن سان ته قائم آ ني. ڪير ڄاڻي ته الائجي انھن گودڙين ۾ ڪھڙا لال لڪل آھن. ”الائجي ڇا ۾ راضي آ، الائجي ڪنھن سان راضي آ، ڇا راجا ڇا فقير، بازيگر جي بازي آ”). پوليس جيپ شھباز ايران مان ڏسان ٿو حسيني بوڪ ڊپو ، فضل ھوٽل ۽ آخر ۾ اي سيڪشن پوليس اسٽيشن. ھو ڪجھه دير کانپوءِ زاھد کي لاڪپ ڪري اسان سڀني کي ڇڏين ٿا. پنھنجي دور جو مشھور ۽ ڪرشماتي شاگرد اڳواڻ زاھد مخدوم پنهنجي قيمتي جواني جا ايندڙ ارڙھن مھينا قائد عوام جي حڪومت ۾ ڊي پي آر جي قيدي طور جيل ۾ گذاري ٿو. واھه ڙي ڀٽل واه تنھنجو دور!
ارڙھن مھينن پڄاڻان جان کڻي ڏسان ته زاھد مخدوم مھاجر ڪيمپ ڪراچي ۾ کاٻي ڌر، ۽ تازو بندش پيل نعپ جي جلسي ۾ اياز جو ھي نظم انگريزي ترجمي سان پڙھي رھيو آھي؛
”ھي سنگرام،
سامھون آ نارائڻ شيام.”
جلسي جي وقفي ۾ اسان انھي پورھيت بستي ۾ پشتون جي هڪڙي ٻاڪڙا ھوٽل تي غلام احمد بلور سان گڏ چينڪ قھوو ويٺا پيون ٿا. انھي جلسي ۾ ڪير ڪير ها! نذير عباسي، بيگم نسيم ولي خان، شيرباز مزاري، مسز جينيفر موسي (ڀانيان ٿو قاضي عيسيٰ جي چاچي ۽ خير بخش مري جي سس ھئي)، سينيٽر ھاشم غلزئي ، سينيٽر زمرد حسين، نفيس صديقي، شاهه محمد شاهه، امداد چانڊيو، سھيل سانگي، غلام رسول سھتو، غلام حسين شر، منصور ميراڻي، حسن فيروز، رشيد رضوي. اعزاز نذير به ها. جلسي جي خاتمي تي پوليس گاڏيون روڪي نذير عباسي جو پڇندي رھي هئي. ان کان اڳ جلسي گاهه جو پاڻي ۽ جلسي گاهه سميت سموري علائقي جي بجلي بند ڪئي وئي هئي. اهو به ٻڌائيندو ھلان ته اهو جلسو اصل ۾ ڪئٽرڪ هال ۾ رکيل ھو جتي اڳ ۾ ئي ڀٽي جي گسٽاپو ايف ايس ايف ڪڙو چاڙهيو بيھاريل هئي. اوھان مان ڀٽي جو محمد پڃيل ايس پي ڪنھن کي ياد آ؟ لاڙڪاڻي جا شيخ ته ٺھيو پر ڀٽي ھن کي لاڙڪاڻي جي ان درزي کي به ٻڌڻ لاءِ موڪليو ھو جنھن ڀٽي جي ننڍپڻ جي دوست پيلو مودي جو وڳو سبڻ ۾ خراب ڪيو هو.
سو عمران خان گھٽ ۾ گھٽ مخالفن يا پاور جي انڌي استعمال ۾ ڀٽي جون سڪون ٿو لاھي. ان ڏس ۾ ڀٽي ۽ عمران خان ۾ فرق اھو آ ته ڀٽي پنهنجي دماغ سان پئي ڪيو جو کيس نيپولين ٿيڻ جو جنون ھو جڏھن ته عمران خان هڪ ريموٽ ڪنٽرول تي ھلندڙ خطرناڪ روبوٽ آھي. پر ھن کي ھلائڻ وارن کي اھو سنڌي پھاڪو ڪو سمجھائي ته “انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.” سو مشتاق مھر جي ته فرشتن کي به خبر نه هوندي ته تاريخ ان کان زبردستي حڪومت جو ڪو اهڙو ڪوجھو ڪم ڪرائيندي جو ھو پاڻ تاريخ جي درست پاسي وڃي پوندو. ھو پاڻ ته ننڊ سمھڻ واري پاجامي ۾ هو ۽ ٺاڪر اچي بازي پلٽي ڇڏي. پر توھان ڏٺو ته ان ۾ به گندي سياست توڻي رياست جو نشانو وري به ھڪ عورت بڻي. ڪهڙو فرق ٿو پوي ڪڏهن اها عورت نسيم ولي خان آ، ڪڏھن نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڪڏھن بيگم ڪلثوم نواز ۽ مريم ته ڪڏهن سسئي ۽ سورٺ لوھار

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *