Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ou3kq9tmq9ml420kq42mm8uf6j, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پوليس کي سڀ خبر آ...... - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پوليس کي سڀ خبر آ...... - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*

پوليس کي سڀ خبر آ……

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بدامنيءَ واري لھر ۾ اضافو ٿي ويو آھي، آئي ڏينھن اخبارن جي مطالعي دوران اغوا، ڦر، ڌاڙن، چوري توڙي مختلف واقعن جون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون، ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم، زميني توڙي برادري تڪرارن وارن واقعن ۾ قتل غارت وارا واقعا به روز جو معمول بڻيل آھن، اھو سڀ تڏھن ٿيندو آھي جڏھن قانون جي رٽ ڪمزور ٿي وڃي، ڏوھارين، چورن، ڦورن توڙي قاتلن مان قانون جو خوف ختم ٿي وڃي، ھن جديد دور ۾ به سکر، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻي سميت سنڌوءَ جي ڪچن وارن علائقن کي لڳندڙ علائقن ۾ ڏوھارين جون محفوظ آماجگاھون موجود آھن. ورھين کان ڏوھارين جي خاتميءَ لاءِ پوليس جي آفيسرن طرفان ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن ڪيا ويا پر اھي ڪچي وارا علائقا ھن وقت تائين ڏوھارين کان خالي ناھن ٿي سگھيا ۽ اڄ تائين اھي ڏوھارين جون محفوظ پناھه گاھون بڻيل آھن، ڏوھارين کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ جيڪڏھن پوليس ۽ مقامي بااثر وڏيرن جو ڪردار چئجي ته منھنجي خيال ۾ غلط نه ٿيندو ڇو جو پوليس کاتي ۾ لڪل ڪاريون رڍون ڏوھارين سان مسلسل رابطي ۾ ھجن ٿيون، جنھن جي تصديق به جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٿي چڪي آھي، جيڪڏھن قانون جا رکوالا ئي قانون ٽوڙيندڙن سان گڏ ھوندا ته پوءِ امن امان واري فضا ڪيئن قائم ٿيندي. تنھن ڪري ضروري آھي ته ڪچن وارن علائقن ۾ پناھه ورتل ڏوھارين جي خاتمي لاءِ پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍن کي ختم ڪيو وڃي، ڏوھارين به جديد ٽيڪنالاجي اچڻ کان پوءِ اغوا ڪرڻ وارن واقعن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رھيا آھن، موبائيل فون وسيلي مختلف ضلعن کان عورتاڻي آواز تي ماڻھو گھرائي انھن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي. ماڻھو پنھنجو پاڻ انھن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي اغوا ٿي وڃن ٿا، ڪجھه واقعن کان سواءِ وڏي عرصي تائين پڪي وارن علائقن مان ماڻھن جي اغوا واريون وارداتون نه ٿيون ھيون جيئن اڳي سري عام روڊن تان ڏوھاري واپارين ۽ ٻين ماڻھن کي مخبري بعد اغوا ڪري ويندا ھئا، پنوعاقل ھاءِ وي تان سانگھڙ واسي حر جماعت جا ٻه ڄڻا سر عام اغوا ٿيا ھئا، جن کي ته سکر پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آھي پر اھڙي نوعيت جو واقعو وڏي عرصي کان پوءِ پيش آيو ھو، ان سميت عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ وارن واقعن توڙي ڦرن، ڌاڙن وارن واقعن کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر بدامني جون شھري شڪايتون ڪندي پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن، ڇو جو مختلف ضلعن مان ھن وقت به مغوي ڏوھارين وٽ يرغمال بڻيل آھن.
جيڪڏھن شھرن ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڳالھه ڪجي ته سکر سميت مختلف شھرن ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن طرفان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪلون، دوڪانن ۽ گھرن مان چوري، ڦرون ڪرڻ جون وارداتون به سامھون اينديون رھيون آھن، ضلعن، تعلقن توڙي ٿاڻن جي حدن ۾ موٽرسائيڪلون، ڪارون چوري ٿيڻ ڄڻ تھ عام ڳاله بڻجي وئي آھي ۽ متاثر ورھين کان پنھنجي چوري واپس ڪرائڻ جي لاءِ پوليس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن، جڏھن اھي شھري چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پون ٿا ته سماجي تنظيمن سان گڏجي بدامني خلاف احتجاجي مظاھرن ۽ ڌرڻن وارو رستو پڻ اختيار ڪيو پيو وڃي جنھن بعد کين ٺلھا آسرا ڏنا پيا وڃن. کوڙ سارا اھڙا ماڻھو آھن جن جو اثر رسوخ ئي ناھي، جيڪي روز ڪمائي روز کائين اھي آفيسرن جا چڪر به ھڪ ڏينھن، ٻه ڏينھن يا ڪجهه ڏينھن لڳائي سگھن ٿا جنھن کان پوءِ ھو مايوس ٿي پنھنجن گھرن ۾ ويھي رھن ٿا. حيرت پوليس جي بالا آفيسرن جي خاموشين تي به آھي ڇو جو اڳ جنھن ٿاڻي جي حد ۾ چوري، ڦر، اغوا وارو واقعو پيش ايندو ھو ته اي ايس پي، ايس ايس پي سختيءَ سان نوٽيس وٺندا ھئا، ڇو جو انھن کان وري مٿان ڊي آءِ جي پڇاڻو ڪندو ھو ۽ اھڙي طرح وري آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جيز کان پڇاڻو ڪندو ھو پر ھاڻي ڄڻ ته پڇاڻي وارو رجحان ئي ختم ٿي ويو ھجي. جنھن خاندان جي پوري زندگيءَ جي ڪمائي ڦرجي، چوري ٿي وئي ھجي اھي وس آھر پوري ڪوشش ڪندا آھن، جن پاران لاڳاپيل ڊي آءِ جيز توڙي آءِ جي تائين درخواستون اماڻيون ويون آھن پر ڪو تحرڪ ناھي ٿيو. خيرپور جي سماجي اڳواڻ فياض عباسي طرفان ڊي آءِ جي، ايڊيشنل آءِ جي، آءِ جي توڙي وزير اعظم پورٽل تائين شڪايتون داخل ڪرايون ويون، وزير اعظم پورٽل مان درخواست ساڳي ايس ايس پي ڏانھن پھچي ٿي جيڪو اڳ ئي ان کي حل ڪرائڻ ۾ ناڪام آھي. تنھن ڪري ڦرن، ڌاڙن، چورين ۽ ڏوھارين جي آزار جا ستايل ماڻھو تمام گھڻا پريشان آھن. آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جيز توڙي ايس ايس پيز کي گھرجي ته ڏينھن ڏٺي توڙي رات جي وقت دوڪانن، گھرن جا تالا ٽوڙي ڦرون، ھٿيارن جي زور تي ڌاڙا ھڻندڙن، موٽر سائيڪلون ۽ ڪارون چوري ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻي جان ۽ مال غير محفوظ ھجڻ جو عوام ۾ پيدا ٿيل تاثر ختم ڪيو وڃي. عوامي حلقن ۾ اھو به تاثر آھي ته پوليس کي سڀ خبر آھي، پوليس مٿان سياسي ونگار وھڻ توڙي سنگين قسم جا به الزام لڳندا پيا اچن. تنھن ڪري پوليس کي پاڻ مٿان لڳندڙ الزامن کي صرف لفظي نه پر عملي طور تي غلط ثابت ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن عوامي حلقن جو پوليس تي اعتماد بحال ٿئي ۽ کين محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ٿئي. ان سان گڏ پوليس کي ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسم، زميني تڪرار تان انسان کي قتل ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندڙن خلاف به سخت کان سخت قدم کڻڻ سان گڏ مضبوط ڪيس داخل ڪري گھرجي ته جيئن هو آساني سان قانون جي پڪڙ کان آجا نه ٿي سگهن، ڇو جو اڪثر اھي شڪايتون سامھون اينديون رھيون آھن ته پوليس مبينا طور ڳري رشوت عيوض ڪيس ڪمزور ٺاھيو آھي تنھن ڪري جوابدار کي عدالت مان ضمانت ملي وئي آھي يا وري عدالتن ۽ ڊگھي عرصي تائين ڪيس ھلڻ سبب راڄوڻيءَ جي نتيجي ۾ جوابدار آزاد ٿي ويا آھن. ان قسمن جي تاثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ توڙي پوري پوليس ڊپارٽمينٽ کي قانون جي رٽ بحال ڪرائڻ جي ضرورت آھي. جيستائين مڪمل طور قانون جي رٽ بحالي نه ٿيندي تيستائين امن امان، قتل غارت وارا واقعا ختم نه ٿيندا. آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جيز توڙي ڊي آءِ جيز کي به گھرجي ته ھو امن امان کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ ھيٺين آفيسرن تي سختي ڪن ۽ ڏوھي وارداتون ٿيڻ تي کاتي وار قدم کڻڻ يا ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *