تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

پيار جي ڳالهه

پيار اهڙو اظهار آهي جنهن کي لفظن بجاءِ اکين سان اظهاري سگهبو آهي يا اظهار جي اوڇڻ ۾ نثر مان نڪري شاعري ۾ سڦلتا سان سنواري پچاري سگهبو آهي ڀٽائي جي بقول
اڄ پڻ چڪيم چاڪ آيل سامونڊين جا،
مارينم فراق پاڙيچون پرين جا، ۽
اياز جي اکين جي آلاپ ۾
يار سان پيار جي ڳالھه آ
ڪا ته اقرار جي ڳالھه آ!
چيٽ جي چاندني ۾ ڏسي اڄ گگن
اسانکي اچي ياد پنهنجو سجن
11 آڪٽوبر 1949ع عبدالواحد آريسر جي جنم جي تاريخ آهي پاڻ نثر جي اظهار ۾ شاعري جون سڪون لاهيندڙ تخليقن جو خالق ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ لکڻ جي دنيا ۾ صحافتي ادب جو اهڃاڻ آهي. سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ پيغام رسالي جو سندس ادارت ۾ اجراءَ پنهنجي جداگانا سڃاڻپ رکي ٿو سندس رومانس جي رس سان ڀرپور مزاحمتي صحافتي تحريرون کيس پيغام جي پنن تان کڻي سياست جي انقلابي واٽ سان سلهاڙي ويون،
سئو سکن ڏيئي ورھه وهايم هيڪڙو
مون کي تنهن نيئي پير ڏيکاريو پرين جو (شاهه)
هن دفعي جهوڪ شريف ۾ صوفي شاھه عنايت جي ميلي ۾ لڳل ڪتابن واري اسٽال تان پنج ڪتاب ورتم
سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “اڄ پڻ چڪيم چاڪ”
شيخ اياز جو ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”
سائين عبدالواحد آريسر جا ٻه ڪتاب “وريا واهرو”
“ٿي نه محبت مات” ۽
سبط حسن جو ڪتاب “موسا کان مارڪس تائين”
سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ڀاڱو ستون سنڌ جي عالمن، اديبن، سياسي سماجي ڪارڪنن جي خطن تي آڌاريل آهي جنهن جو مهاڳ سائين پاڻ لکيو آهي ۽ تاريخ 23 مارچ 1975ع لکيل آهي ۽ پهريون خط 22 مارچ 1926ع تي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي ستر ساٿين جا خط سائين شامل ڪتاب ڪيا آهن جن ۾ ڪيترن ئي ساٿين جا هڪ کان وڌيڪ خط به آهن شيخ اياز جو ڪتاب پڻ خطن ۽ نوٽ بڪ جي ورقن تي آڌاريل آهيآريسر صاحب جو ڀٽائي جي شعر ۽ فڪر تي وريا واهرو ۽ محبت ٿي نه مات عدالتي بيان آهي، سيد سبط حسن جو ڪتاب موسا سي مارڪس تڪ جو حوالو آريسر صاحب جي تحريرن ۾ پڙهيل هو ته ان ڪري سندس سنڌي ترجمو نظر آيو ته پڙهڻ جي پياس ۾ ورتم ان نيت سان به ته ميڙن ڏهاڙن ۾ ڪجھه ڪتاب خريدڻ سان ڪتابي دڪاندارن جي حوصلاافزائي ٿيندي ۽ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان بهتر رهندو ڇو ته هر ايجاد جي اهميت آهي پر پيپر پني جي سڀ کان وڌيڪ زندگي ۽ اهميت آهي جو گهر ۾ پيل ڪتاب کڻي پڙهڻ لاءِ ڪنهن به موبائل پيڪيج، چارجنگ، مهانگي موبائل سيٽ يا نيٽ ورڪ جي ضرورت نه آهي رڳو هڪ دفعو خريد ڪري سنڀالجي ٿو ته نسلن کي ڪم اچي ٿو منهنجي سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته سمورين جديد سهولتن کي به اپنائيندو رهجي پر اصليت پيپر ورڪ پني ڪاغذ قلم واري ڪم کي به گڏ گڏ برقرار رکجي
اخبار رسالي ڪتاب مطلب تي ڪاغذ تي لکت ڇپائي تاريخ جو نه کٽندڙ نه مٽجندڙ خزانو آهي.
ڪتاب اڄ پڻ چڪيم چاڪ ۾ سيد جي ستر ساٿين مان گهڻي ۾ گهڻا خط دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي جا آهن جن جو انگ 21 آهي حشمت ٽهلرام ڪيول راماڻي جا 20 ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جا 15 خط، مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جا 14 خط، شيخ عبدالمجيد سنڌي 11، سائين ابراهيم جويي جا 11، شيخ محمد مبارڪ “اياز” جا 4 ،مولوي عبدالواحد آريسر جو هڪ خط آهي.هي ڪتاب سراسري طور انهن خطن جي پس و پيش منظر ۾ سنڌ جي سياسي سماجي ثقافتي علمي ادبي رابطن مواصلات سميت مڙني معاملن جي مني صدي جي عاليشان عڪسبندي آهي 5 مارچ 1973ع تي جڏهن مولوي عبدالواحد آريسر سائين جي ايم سيد کي خط لکيو آهي تڏهن پاڻ پيغام رسالي جو ايڊيٽر آهي.
لکي ٿو ته
“پيارا سائين جيئي سنڌ!
مون کي نهايت افسوس ، ارمان ۽ شرم آهي جو اوهانجي حيدرآباد اچڻ وقت روبرو حاضر ٿي زيارت کان محروم رهيس اڳين ڀيري جڏهن اوهان ماتلي وڃڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيا تڏهن مونکي خبر پئجي نه سگهي ۽ هن دفعي جلسي ختم ٿيڻ کانپوءِ اوهانجو پروگرام معلوم ڪونه هو نتيجي طور دريا جي ڪپ تي پهچي اڃيو ئي رهجي ويس، شايد اهڙي ئي موقعي لاءِ چيو ويو آهي ته
تهي دستان قسمت راچه سود از رهبر ڪامل
ڪه خضر از آب حيوان نشنه مي آرد سڪندر را!
باوجود انهي جي منهنجي فڪر ۽ نظر تي اوهان جو جلوو هميشه رهي ٿو ۽ پنهنجي وجود (سنڌي انسان جي حيثيت ۾) جي بقا لاءِ اوهان جي فلسفي زندگي ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان،
مون اوهان سان ملي ۽ اوهان جا ڪتاب پڙهي، ايئن محسوس ڪيو آهي ته آئون اونداهي جي ڪاري ۽ هيبتناڪ ڪن مان نڪري پورنماسي ۾ پهچي ويو آهيان، مولويت جو چولو جيڪو آزاديءَ سان هاڻ سوچڻ لاءِ نيئر ۽ زنجير ثابت ٿيندو پئي رهيو آهي تنهن کي ماضي مرحوم جي کنڊرن ۾ اڇلائي ڇڏيو اٿم،
اوهان ته هن وقت جي سنڌ لاءِ پهريون ۽ آخري سهارو آهيو پر آئون آزادي ۽ حق لاءِ وڙهندڙ هر انسان جو مداح رهيو آهيان پوءِ اهو ڪٿي جو به هجي ۽ ڪير به هجي!
آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي وس آهر توهان جو فڪر “پيغام” وسيلي سنڌ واسين تائين پهچائندو رهان، انهي ڪري اوهان پنهنجا مضمون تقريرون ، خط ۽ خطبا پيغام ۾ ڇپجڻ لاءِ عنايت ڪريو ته مهرباني!ٻيو جيڪي مضمون ڏيپلائي نه ڇاپيا هئا، سي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد الهبخش سومري جي تقرير ۽ اوهانجون تازيون تقريرون، مهرباني سان عنايت ڪريو ته نوازش ۽ ڪرم پروري!
عمرت دراز ياد ڪه تا دور مشتري،
سا از تو برخوريم و تواز عمر بر خوري،
اوهانجي پير پڻي
عبدالواحد آريسر”
مون مولابخش چانڊيي جي آريسر صاحب بابت لکت به پڙهي ۽ آريسر جي ڪچهرين ۽ تحريرن مان به خبر پئي ته حيدرآباد ۾ جمعتت جي استقباليا خطاب ۾ سنڌ جي حقن حيلن وسيلن ۽ ٻولي بابت موقف رکڻ تي کيس تقرير جي اڌ مان اسٽيج تان هٽايو ويو ان کان سواءِ سجاول جي مدرسي ۾ جڏهن جمعيت پاران جنگ جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ جي تجويز آئي ته پاڻ مخالفت ۾ دليل ڏيندي چيائين ته دنيا کي علم امن انساني ترقي جي گهرج آهي جنگي جنون ڪائنات لاءِ ڪارنهن جو ٽڪو ۽ دنيا ۾ دهشت وحشت بکن ڏکن جي واڌاري جو سبب پئي رهيو آهي، مدرسي جا مولوي منتظم هن جي خيالن جي خلاف ٿي ويا ڇو ته سندن پويان وقت جي سرڪار هئي.ڪجھه وقت کان آئون قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان جا بيان تقريرون انٽرويو غور سان پڙهندو ٻڌندو رهيو آهيان ۽ مونکي ايئن لڳندو آهي ته جمعيت اڄ عبدالواحد آريسر جو موقف اختيار ڪري ورتو آهي.
هو جيڪو واوڙي جي وڻن ۾ ولر وڙڪائيندڙ ڌنار کانپوءِ عالم مولوي ٿيو ليکڪ ۽ ايڊيٽر کانپوءِ اڳواڻ بڻجي ويو پر هن پنهنجي سڄي حياتي ڪارڪنن سان ڪارڪن ٿي گذاري،پاڻ چوندو هو ته قلم بادشاھه جي هٿ ۾ موت جو مرثيو ، جج جي هٿ ۾ مظلوم لاءِ پٿر جو گولو، شاعر جي هٿ ۾ زندگي جو گيت هوندو آهي هو هٿيارن کي پسند نه ڪندو هو پر وفا جي راھه ۾ هٿ ۽ پير ڪڙيون پائي هلڻ جي سنگهرن جي آوازن کي انقلابي موسيقي قرار ڏئي چوندو هو ته آرين جي ڀالي بجاءِ دراوڙ جي قلم جي فتح ٿيندي ، هو دوستن جي بزم ۾ ڪشادي دل سان ڪچهريون ڪندو هو. اڄ سعودي عرب جو پورو نظام امام احمد بن حنبل جي فڪري روشني ۾ هلي رهيو آهي جنهن کي وقت جي حڪمران مامون رشيد مولوين کان فتوائون وٺي اونداهين ڪوٺين ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ انهي جبري قيد ۾ ئي امام احمد بن حنبل جي زندگي جو ڏيئو گل ٿي ويو، اڄ مامون رشيد جو پورو جبري نظام ۽ تشدد صرف تاريخ جي ڪتابن ۾ مک جي وٺ وانگر رهجي ويو آهي،
وه سجدي ديک ڪر روءِ زمين ڪانپ جاتي ٿي،
ان ڪو آج ترستي هين منبر و محراب!
آئون پنهنجي زندگي جي شعوري سفر ۾ آخري سفر تائين ساڻس گڏ رهڻ جي ڪري سندس قرب ڪهاڻين جو قرضي ۽ گواھه آهيان.
ساڻس گڏ هلندي پڙهڻ جي ضرورت گهٽ پوندي هئي سڀ ڳالهيون پڇي وٺبيون هيون، هو اهڙو عشق هو جنهن اسانکي نه رڳو سنڌ جي پريم نگر جون گليون گام گهمايا شهر بحر ڏيکاريا پر تاريخ جون تز حقيقتون به کولي سمجهايون،
هاڻ هن جي ڪتابن سميت ڪيئي ڪتاب پڙهڻا ئي پون ٿا
سڄڻ سان نه ڀيٽ ڳجھه ڳرهيان ڪن سين،
ڳالهيون انهي ريٽ سلا ٻڌي موريون. (شاھه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *