تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

پيغمبر اسلام جي توهين تي اسين احتجاج ڪريون ٿا

اقليتن جي عبادتگاهن ۽ ملڪيتن تي حملن سان جيڪڏهن اسان جي معاشري جو تعارف ٿيندو آهي ته فرانس ۽ يورپ جي ملڪن ۾ مسلمانن ۽ مسجدن تي حملن سان اولهه جو تعارف ٿئي ٿو، جنهن ڳالهه سان مسلمانن جي دل آزاري ٿئي، ورائي ورائي اهو ڪرڻ سان انهن جي ذهنيت ظاهر ٿئي ٿي، جيڪي پاڻ کي مهذب ۽ سيڪيولر سڏائيندا آهن. اسان ته ٿياسين مذهبي، جذباتي، جنوني ۽ الائي ته ڇاڇا، هو ته اهڙين شين کان مٿانهون سڏائيندا آهن، هنن کي ڇا ٿو ٿي وڃي جڏهن ڪنهن کي چهري تي ڏاڙهي ٿا ڏسن، مسجد ۾ وڃي نماز پڙهندي ٿا ڏسن يا عورت کي حجاب ۾ ٿا ڏسن، پنهنجي ڪلچر ۽ پنهنجي لباس ۾ ٿا ڏسن، ان تي ڇو ٿا ڇتا ٿين، ڇو پنهنجي پاڻيءَ مان نڪري ٿا وڃن، پنهنجو سيڪيولر لباس لاهي ڦٽو ٿا ڪن، اهي ئي اصلي صيهوني ۽ صليبي ڇو ٿا ٿي بيهن؟مسلمانن جي مقدس هستين جي توهين ڇو ٿا ڪن، پيغمبر اسلام جا ڪارٽون ڇو ٿا ٺاهين، جنهن عمل سان اسان جي دل آزاري ٿئي ٿي بار بار اهو ڇو ٿا ڪن، ضد ۾ ڇو ٿا اچن، چئلينج ڪري ايئن ڇو ٿا ڪن، اڳي ڪو فرد ايئن ڪندو هو، پوءِ گروهن ڪيو، تنظيمن شروع ڪيو، اخبارن کانپوءِ رسالن ۽ معاشري کان پوءِ حڪومتن اهو شروع ڪيو آهي، اها ڪهڙي جنونيت آهي جيڪا هنن جي دماغن ۾ گهسي وئي آهي، اهو ڪهڙو ڀوت آهي جيڪو کين ننگو نچائي ٿو، تهذيب ڪاڏي وئي، تعليم جو ڇا ٿيو، ويليوز ڪٿي آهن جن سان ڪتابن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا آهن، اسان کان ته ڪڏهن ايڏي ڪريل حرڪت نه ٿي آهي، اسين اول انهن جي رسولن تي ايمان رکندا آهيون پوءِ پنهنجي رسول تي ڪلمو ڀريندا آهيون، اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر احترام سڀني مذهبن جو ڪندا آهيون، ڪنهن جي شان ۾ گستاخي جو ته سوچي به نٿا سگهون.
جذبات ۾ اچي ڪنهن جي قتل کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي، فرانس جي ٽيچر جو پنهنجي شاگرد هٿان قتل جي مذمت فرانس جي مسلمانن به ڪئي هئي، پوءِ به انفرادي واقعي کي سڀني مسلمانن جي کاتي ۾ وجهڻ ۽ هنن جي مسجدن ۽ ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ ڪهڙي تهذيب آهي، ڪهڙي انسانيت آهي ؟ وري ان ۾ حڪومت جو شريڪ ٿي وڃڻ ۽ ان حد تائين وڃڻ جو جيڪي پيغمبر جا خاڪا اشتعال جو سبب بڻيا اهي سرڪاري اهتمام سان ڇپائڻ ۽ شهرن ۾ اسڪرينون لڳائي پوليس جي پهري ۾ پبلڪ کي ڏيکارڻ بدمعاشي ناهي ته ڇا هي ؟ فرانس جي صدر پاران اها حرڪت تاريخ ۾ پهرين سرڪاري حرڪت آهي، اڳي اهو انفرادي سطح تي ٿيندو هو.
چيچنيا سان تعلق رکندڙ مقامي مسلمان ڇوڪرو جنهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ ٻڌائي وڃي ٿي ان کي اشتعال تڏهن آيو جڏهن هن جي ايمان جي خلاف بار بار اهي خاڪا ٽيچر اسڪول جي ٻارن کي ڏيکاريندو هو ۽ انهيءَ مثال سان اظهار جي آزادي سمجهائيندو هو. نوجوان جو اهو اوچتو رد عمل نه هو، خود فرانس جي ميڊيا ٻڌائي ٿي ته مسلمان شاگردن ڪيئي ڀيرا اعتراض ڪيا هئا ۽ پنهنجي والدين کي شڪايتون ڪيون هيون، جن اسڪول جي انتظاميه وٽ به احتجاج ڪيو هو ۽ پوليس ۾ به رپورٽ ڪيو هو ۽ ليڪن دل آزاري هڪ روٽين جو عمل بڻايو ويو، نيٺ هڪڙو وقت آيو جو غصي هڪ خنجر هٿ ۾ کنيو ۽ ٽيچر جو قتل ڪري ڇڏيو، نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جڏهن ڪنهن جي مرضي ۽ مزاج خلاف ڪجهه ڪبو، لڳاتار ڪبو ته هو نيٺ جذبات ۾ ايندو ۽ اهو ڪجهه ڪندو جيڪو هوش ۾ نه ڪندو هوندو، اسڪول جو ٽيچر اظهار جي آزادي ته سمجهائي رهيو هو پر پاڻ اهو نه ٿي سمجهيو ته جذبات ڇا ٿيندا آهن، غصو ڇا ٿيندو آهي ۽ دل آزاري ڪهڙي شئي جو نالو آهي!!
جهڙي ريت پروفيسر جو قتل ٿيو تهڙيءَ ريت قاتل ڇوڪري جو اتي جو اتي ئي پوليس قتل ڪيو، جهڙي توائي جو مظاهرو اسڪول جي ڇوڪري ڪيو تهڙي توائي پوليس ڏيکاري، جڏهن ته ٻنهي جي عمر، جذبات، ڪيفيت، تعليم ۽ تربيت ۾ فرق هو انهي ڪري واردات ۽ عمل ۾ به فرق هئڻ کپي ها، جيئن ڇوڪري ڪيو ايئن پوليس کي نه ڪرڻ کپي ها، پوليس کي مجرم زنده پڪڙڻ کپي ها، جو هو ڪو هٿياربند دهشتگرد نه هو، هٿياربند پوليس هئي، پنهنجي فرض جو مظاهرو ڪري ها، پوليس جي اڳيان هڪ ٻار جي طاقت ڇا هوندي آهي ؟ ٻي ٻيائي ان ڏس ۾ اها ٿي ته فرانس جي صدر ان اسڪول ٽيچر جي لاءِ فرانس جو اعليٰ قسم جو ايوارڊ legion Of Honour ليجئن آف آنر جو اعلان ڪيو، جڏهن ته دل آزاري ڪندڙ ٽيچر جي ڪريڊٽ تي ڪو چڱو ڪارنامو نه هو، پر مسلم دشمني ۾ کيس ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن سان مسلمانن جي وڌيڪ دل آزاري ٿي، ان جو رد عمل وري اهو به ٿي پئي سگهيو ته مسلمان ڇوڪري کي شهيد قرار ڏئي ان جي لاءِ اعزازن جو اعلان ڪن ها پر، مسلمانن اهڙو ڪجهه نه ڪيو اڃان به قتل جي مذمت ڪئي، ان حساب سان مسلمان ڇتا نه ٿيا آهن پاڻيءَ مان فرانس جي حڪومت نڪتي آهي !
فرانس ۾ پيغمبر اسلام جي توهين هڪ روٽين جو عمل ٿي وئي آهي، اڳي اهو ڪم هڪ رسالي چارلي هيبڊو طرفان بار بار ڪيو ويندو هو، هاڻي حڪومت پاران ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو رڳو اتفاقي عمل نه هو بلڪه ڄاڻي واڻي ڪيو ٿي ويو، هو اسلام دشمني تي لهي پيا آهن، جڏهن ته هو سيڪيولر ٿا سڏائين اهو کين هرگز نٿو جڳائي ۽ جنهن کي هو اظهار جي آزادي ٿا چون اها دل آزاريءَ جي آزادي آهي، بدمعاشيءَ جي آزادي آهي، اهو فضيلت وارو ڪم ئي ناهي، پنهنجي دل آزاري جو وڏو خيال اٿن، هولو ڪاسٽ هنن لاءِ مقدس قانون آهي، ان جي خلاف ڳالهائڻ تي سزا آهي، پوري يورپ ۾ 90 لک يهودي رهن ٿا انهن جي دل آزاري جي خلاف قانون ٺاهيو اٿن، ته هولو ڪاسٽ تي ڪو به اختلاف نه ڪندو، ڪندو ته جيل ۾ ويندو، پر رڳو فرانس ۾ 70 لک مسلمان رهن ٿا، انهن جي دل آزاري سندن لاءِ ڪا به ڳالهه ناهي، دنيا جي 2 ارب انسانن جا ڪي به جذبا ناهن ؟ اها منافقي آهي.
هو اسان کي ٻڌائن ٿا ته اهو فرانس جو داخلي معاملو آهي، ٻيا ان تي نه ڳالهائين هنن جو ڇا وڃي ؟ هنن کان پڇي سگهجي ٿو ته توهان جو 8 سال پيرس جي عمارتن تي آسيه مسيح جا پوسٽر لڳائي رکيا ها، اها پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ توهان جي مداخلت نه هئي ڇا؟ جڏهن ته هن سان نه ڪو ظلم ٿيو هو نه تشدد جو معاملو هو، رڳو عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو هو، بعد ۾ هوءَ آزاد به ٿي وئي، پر توهان پوري يورپ ۾ مظاهرا ڪيا هئا ته توهان جو هن سان سواءِ مذهب جي ٻيو ڪهڙو تعلق هو، ڇا اسين اهو سمجهون ته ان عمل ذريعي توهان اسان کي اهو ميسيج ڏنو هو ته جيڪو به پيغمبر اسلام جي توهين ڪندو اهو توهان جي لاءِ قابل احترام آهي، ڇو جو مائيءَ تي اهڙو الزام هو.
ڇا پيغمبر اسلام پوري دنيا جو محسن نه هو، ڇا هو دنيا جي 2 ارب انسانن جو پيغمبر نه آهي. ڇا هو سرحدن جي فرق کانسواءِ ساري دنيا جي مسلمانن جي محبت جو مرڪز ناهي؟ ڇا پيغمبر جي توهين ۽گستاخي فرانس جو داخلي معاملو آهي، توهان جي رسالي جي آفيس تي حملو ٿئي ته پوري يورپ جا ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا، اسان جي رسول جي گستاخي ٿئي ته اسين ڇو نٿا احتجاج ڪري سگهون، توهان فرانس ۾ 70 مسجدون بند ڪري ڇڏيون آهن، ڇا اهي مسجدون ٽيچر تي حملو ڪندڙ ڇوڪري جون آهن، توهان اسان کي اجتماعي طور ٽارگيٽ ڪيو ٿا ته اسين اجتماعي طور احتجاج به نٿا ڪري سگهون ڇا؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *